![]() |
| پيري مريدي جو تصور/ بي عمل پير ۽ جاھل مريد |
قرآن ۽ سنت جو علم رکندڙ، متقي پرھيزگار ۽ اللہ جي نيڪ ٻانھي جي صحبت اختيار ڪري انکان شريعت، طريقت ۽ اللہ جي معرفت جا سبق سکڻ کي پيري مريدي سڏجي ٿو صدين کان عرب و عجم جي مسلمانن ۾ اھو طريقو رائج آھي، قادري، نقشبندي، چشتي ۽ سھروردي وغيرہ طريقت جا مختلف سلسلا آھن جن سان ڪيترا ئي اللہ جا ولي ۽ نيڪ ٻانھا لاڳاپيل رھيا آھن، شيخ عبدالقادر جيلاني، شيخ شھاب الدين سھروردي، معين الدين چشتي اجميري، داتا علي ھجويري، مجدد الف ثاني، حاجي امداد اللہ مھاجر مڪي، امام العارفين محمد راشد روضي ڌڻي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي رحمھم اللہ سميت ھزارين لکين اللہ جا ولي ۽ نيڪ ٻانھا انھن سلسلن سان نہ صرف وابستہ رھيا آھن بلڪ انھن مان ڪافي انھن سلسلن جا اڳواڻ ۽ رھنما پڻ شمار ٿين ٿا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمة اللہ عليہ جي باري ۾ جي ايم سيد بہ لکيو آھي تہ پاڻ قادري سلسلي سان واسطو رکندڙ ھئا.
پيري مريدي جو تصور نہ صرف اھل سنت بريلوي مڪتبہ فڪر وارن وٽ آھي بلڪ ديوبندي مڪتبہ فڪر وارا بہ پيري مريدي جا قائل آھن بلڪ ديوبندي مڪتبہ فڪر جا اڳواڻ ۽ وڏا عالم بہ انھن سلسلن سان لاڳاپيل رھيا آھن دار العلوم ديوبند جا باني مولانا قاسم نانوتوي ۽ رشيد احمد گنگوھي، ديوبندي مڪتبہ فڪر ۾ حڪيم الامت سڏيو ويندڙ مولوي اشرف علي ٿانوي اھي ٽيئي حاجي امداد اللہ مھاجر مڪي رحمہ اللہ جا مريد ھئا، ۽ ھينئر تائين ديوبند مڪتبہ فڪر ۾ پيري مريدي ۽ خانقاھي سلسلو موجود آھي، ڪجھ غير مقلد مولوي حضرات بہ پاڻ کي پير سڏرائن ٿا..
تنھن ڪري مطلقاً پيري مريدي ۽ طريقت جي انھن سلسلن کي غلط چوڻ ۽ انڪار ڪرڻ يا جاھل، بي عمل ۽ بد ڪردار پيرن کي بنياد بڻائي سڀني کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ ۽ ڪوڙو چوڻ يقيناً اھا بہ ھڪ شدت پسندي ۽ انتھا پسندي آھي.
ليڪن اھا بہ ھڪ حقيقت آھي تہ جھڙي طرح مدرسن، عالمن ۽ مذھبي جماعتن سميت دين جي ھر شعبي ۾ بگاڙ اچي چڪو آھي اھڙي طرح پيري مريدي جي سلسلي ۾ بہ تمام گھڻو بگاڙ پيدا ٿي چڪو آھي ائين کڻي چئجي تہ اڄڪلھ جا تقريباً 90 فيصد پير جاھل، بي عمل ۽ دين بيزار آھن تہ وڌاءُ نہ ٿيندو ان جو سبب اھو آھي تہ جامع شرائط پير ۽ بزرگن جي وفات کان بعد انھن جو جاھل اولاد انکي وراثت سمجھي پير ۽ گدي نشين بڻجي ويا جن جو ڪم مريدن کي بيوقوف بڻائي صرف مال ڪمائڻ ۽ عيش و عشرت واري زندگي گذارڻ آھي.
اھڙي طرح اسان جي سنڌ ۾ ھر سيد کي مرشد سمجھيو وڃي ٿو جيڪو بلڪل غلط آھي سيد جو احترام پنھنجي جڳھ تي ليڪن جيستائين ان ۾ ھڪ ڪامل پير جا شرط موجود نہ ھجن انکي پير يا مرشد سمجھي بيعت ڪرڻ جھالت کانسواءِ ڪجھ ناھي..
تنھن ڪري عالمن ۽ بزرگن پير جي لاءِ ڪجھ شرط بيان ڪيا آھن جنھن ۾ اھي شرط موجود ھوندا انکي ئي پير بڻائي سگھجي ٿو، اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رحمہ اللہ فرمائن ٿا: پير جي لاءِ چار شرط آھن.

1 . عالم دين ھجي.
معلوم ٿيو جاھل ۽ دين جي علم کان اڻ واقف شخص ھرگز پير بڻجڻ جي لائق ناھي.. افسوس اڄڪلھ جا اڪثر پير ۽ گدي نشين جاھل، شريعت ۽ طريقت جي علم کان ڪونھين ڏورُ آھن جيڪي عالم تہ پري جي ڳالھ دين جي بنيادي عقيدن ۽ احڪامن کان بہ اڻ واقف ھوندا آھن اھڙن جاھلن کي پنھنجو پير بڻائڻ پنھنجي دنيا ۽ آخرت کي برباد ڪرڻ آھي.2. صحيح العقيدہ سني ھجي
لھٰذا ڪو بہ بدعقيدہ خصوصاً صحابہ ۽ اھل بيت جو دشمن پير نہ ٿو بڻجي سگھي ڇاڪاڻ تہ ھو پاڻ ئي گمراھ آھي تہ مريدن کي ڪھڙي ھدايت واري دڳ تي ھلائيندو.3. فاسق معلن نہ ھجي
يعني اعلانيہ گناھ ڪندڙ نہ ھجيتنھن ڪري بي نمازي، ڏاڙھي ڪوڙيل، شريعت جي احڪامن جي مخالفت ڪندڙ، شرابي ۽ زاني پير تہ ڇا پر ھڪ سٺو مسلمان سڏائڻ جي بہ لائق ناھي.
4. ان جو طريقت جو سلسلو متصل ھجي يعني ھن کي بہ ڪنھن پير ڪامل کان خلافت ۽ بيعت جي اجازت مليل ھجي
جيتوڻيڪ اللہ جي ولين جو ڪرامتون برحق آھن اللہ تعاليٰ پنھنجي ولين مان جنھن کي چاھي ڪرامت جو ظھور ڪرائي (ڪرامت جو قرآن ۽ حديث ۾ ثبوت موجود آھي ان تي ھڪ الڳ پوسٽ رکبي) ليڪن ڪنھن کي پير بنائڻ لاءِ نہ ڪرامت شرط آھي نہ وري مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ... ڇاڪاڻ تہ ڪنھن اللہ جي نيڪ ٻانھي جو مريد ٿيڻ جو مقصد صرف ۽ صرف اھو ھوندو آھي تہ انکان شريعت، طريقت ۽ دين جا احڪام ۽ مسئلا سکي ۽ سمجھي پنھنجي ظاھر ۽ باطن جي اصلاح ڪجي ڪرامتون ڏيکارڻ، تعويذ ۽ دم درود ڪرڻ ھرگز پير لاءِ شرط نہ آھن..ھڪ شخص حضرت جنيد بغدادي رحمہ اللہ جي خدمت ۾ ڪرامت ڏسڻ لاءِ حاضر ٿيو ڇاڪاڻ تہ ھن اھو پئي سمجھيو تہ ولي اھو ھوندو آھي جيڪو ڪرامتون ڏيکاري، ھو حضرت جنيد بغدادي جي خدمت ۾ پورو ھڪ سال رھيو ليڪن انکي ڪا ڪرامت نظر ڪانہ آئي ھڪ سال بعد پڇيائين سائين ھڪ سال ٿي ويو آھي مونکي اڃا تائين ڪا ڪرامت نظر ڪانہ آئي آھي؟ پاڻ فرمايائون ڇا تو ايتري عرصي ۾ منھنجو ڪو ڪم شريعت جي خلاف ڏٺو؟ ھن چيو نہ، شريعت ۽ سنت جي خلاف تہ ڪو ڪم ڪندين ناھي ڏٺو.
پاڻ فرمايائون: جنيد جي اھا ئي تہ ڪرامت آھي.
معلوم ٿيو تہ شريعت تي ڪامل طرح سان عمل پيرا ٿيڻ ئي اصل ڪرامت آھي.
حضرت بايزيد بسطامي رحمہ اللہ جو ھڪ مريد جيڪو اڪثر سندس خدمت ۾ رھندو ھو جنھن جي عادت ھئي تہ اڪثر بايزيد بسطامي رحمہ اللہ جو بچيل کاڌو وغيرہ برڪت ۽ تبرڪ سمجھي کائيندو ھو ھڪ ڏينھن بايزيد بسطامي ڏسي فرمائيس: جيڪڏھن تون مونکي ذبح ڪري منھنجا ھڏا ۽ گوشت بہ کائي ڇڏين تڏھن بہ توکي اتباع رسول صلي اللہ عليہ وسلم ۽ شريعت جي احڪامن جي پابندي ڪرڻ کان بغير ڪجھ بہ ڪونہ ملندو.
معلوم ٿيو اللہ جا ولي ۽ نيڪ ٻانھا پنھنجن مريدن کي صرف شريعت ۽ سنت جي رستي تي ھلائيندا آھن ليڪن افسوس اڄڪلھ جي بي عمل پيرن پنھنجي جاھل مريدن کان ڏن وٺڻ، بغير پردي جي عورتن سان ملڻ، ڌمالون ھڻڻ، مريدن کان پنھنجا ھٿ پير چمرائڻ ۽ مالي معاونت حاصل ڪرڻ، تعويذ ۽ دم درود ڪرڻ، عرس جي نالي تي غير شرعي ۽ گناھن واريون محفلون سجائڻ، طريقت جي نالي تي عجيب و غريب حرڪتون ڪرڻ کي ئي طريقت ۽ پيري مريدي سمجھي ويٺا آھن ۽ جاھل مريد بہ اھڙن کي ئي اللہ جو ولي سمجھن ٿا اھڙا جاھل پير اولياءَ اللہ نہ بلڪ ڌوڪي باز ۽ ڪاروباري ماڻھو آھن جن پيري مريدي کي سبزي فروش وانگر پيشو بڻائي رکيو آھي سڀني سلسلن جي بزرگن جو متفقہ فيصلو آھي تہ خلافِ شريعت ڪم ڪندڙ ڪوبہ شخص پير ۽ مرشد بڻجن جو ھرگز اھل ڪونھي نہ وري اھڙي پير سڏرائڻ واري جي بيعت ڪرڻ جائز آھي .
مولانا روم رحمہ اللہ اھڙن پيشہ ور پيرن جي متعلق فرمايو:
کار شیطان میکند نامش ولی
گر ولی ایں است لعنت بر ولی
يعني ڪم شيطاني ڪري وري ولي ٿو سڏرائين؟ جيڪڏھن ولي اھڙا ٿيندا آھن تہ پوءِ اھڙن ولين تي خدا جي لعنت ھجي.
اللہ تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ ٿو فرمائي:
وَ لَا تُطِعْ مَنْ اَغْفَلْنَا قَلْبَهٗ عَنْ ذِكْرِنَا وَ اتَّبَعَ هَوٰىهُ وَ كَانَ اَمْرُهٗ فُرُطًا.
(سورة الۡکَہۡفِ آيت 28)
ترجمو: ان ماڻهو جي پيروي نہ ڪر جنهن جي دل اسان پنهنجي ياد کان غافل ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي خواهش جو تابع ٿيو ۽ ان جو معاملو حد کان ٽَپِيلُ آهي.
اچو تہ گڏجي اھڙن بي عمل پيرن ۽ جاھل مريدن خلاف ماڻھن ۾ شعور اجاگر ڪيون... ليڪن خدارا اھڙن جعلي پيرن جي آڙ ۾ سڀني پيرن، سيدن ۽ ولين کي گھٽ وڌ نہ ڳالھايو ڇاڪاڻ تہ جھڙي طرح بي عمل ۽ بد ڪردار پيرن لکين ڪروڙين جاھل ماڻھن کي گمراھ ڪيو آھي اھڙي طرح جامع شرائط ۽ شريعت جي پابند پيرن لکين ڪروڙين ماڻھن کي شريعت جي رستي تي پڻ ھلايو آھي تنھن ڪري غلط کي غلط چوڻ اسان جو ديني ۽ قومي فريضو آھي ليڪن غلط ماڻھن جي غلطي کي بغير ثبوت جي ٻين تي فٽ ڪرڻ بہ شرعي غلطي ۽ اخلاقي جرم آھي.
راڻي پور واقعي کان پوءِ جاھل پيرن جي آڙ ۾ لبرلن ۽ ڪجھ فرقہ پرست ماڻھن کي ڄڻ تہ اللہ جي نيڪ ٻانھن تي اعتراض ڪرڻ ۽ انھن کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ جو موقعو ملي ويو آھي جيڪي پيري مريدي جي پنھنجي من پسند تشريح ۽ وضاحت ڪري انتشار پکيڙي رھيا آھن اھڙا ماڻھو بہ جاھل پيرن وانگر انتشاري ۽ فسادي آھن.
✍️......... ابو طلحہ سنڌي

0 تبصرے