ھندو بتن جي اڳيان جهڪن ته مشرڪ ۽ مسلمان نماز ۾ پٿرن سان ٺهيل خانۂ ڪعبہ کي سجدو ڪن ته مؤمن

 اعتراض:

ھندو بتن جي اڳيان جهڪن ته مشرڪ ۽ مسلمان نماز ۾ پٿرن سان ٺهيل خانۂ ڪعبہ کي سجدو ڪن ته مؤمن! اهو فرق ڇو؟

جواب:

اھا اوهان جي غلط فهمي آهي ته اسان خانۂ ڪعبہ کي سجدو ڪندا آهيون اسان جيتوڻيڪ نماز ۾ خانۂ ڪعبہ طرف رخ ضرور ڪندا آهيون ليڪن اسان جو سجدو صرف خدا کي هوندو آهي خانۂ ڪعبہ کي نہ، ڇو ته مسلمان سجدو ۽ عبادت صرف پنهنجي رب جي ڪندا آهن. خانۂ ڪعبہ اسان جو صرف قبلو آهي يعني نماز ۾ ان طرف منهن ڪرڻ جو حڪم آهي جيئن الله تعاليٰ جو قرآن پاڪ ۾ فرمان آهي:

وَ حَیْثُ مَا كُنْتُمْ فَوَلُّوْا وُجُوْهَكُمْ شَطْرَهٗ١ؕ ( سورة الۡبَقَرَۃِ آيت: 144)

ترجمو: ۽ (اي مسلمانو) توهان جتي به هجو پنهنجي منهن کي انهي (بيت الله) طرف ڦيرايو.

جيئن تہ اسلام عبادت ۾ اتحاد ۽ هڪ جهڙائي جي تعليم ڏئي ٿو يعني اسلام چاهي ٿو ته عبادت ۾ هڪ جهڙائي هجي جيڪڏهن نماز لاءِ خانۂ ڪعبہ کي قبلو نه بڻايو وڃي ها تہ ممڪن آهي نماز ۾ ڪنهن جو منهن اوڀر ڏي هجي ها، ڪنهن جواولھ ڏي، تہ وري ڪو اتر يا ڏکڻ ڏي منهن ڪيو بيٺو هجي ها جنهن سبب عبادت ۾ اتحاد ۽ هڪ جهڙائي نہ رهي ها تنهن ڪري حڪم ڏنو ويو تہ توهان دنيا ۾ جاٿي بہ هجو خانۂ ڪعبہ طرف ئي منهن ڪري نماز پڙهو تہ جيئن توهان جو عبادت ۾ اتحاد، اتفاق ۽ هڪ جهڙائي برقرار رهي.

ڪو به مسلمان ڪعبي کي پنهنجو معبود يا خدا ناهي سمجهندو جڏهن تہ هندو بتن کي پنهنجو معبود ۽ خدا سمجهي پوڄيندا آهن اهو ئي سبب آهي جو مسلمان ڪعبي جي ڇت تي بہ چڙھندا آھن ۽ ڇت تي چڙهي اذان بہ ڏيندا رهيا آهن جيئن هڪ روايت مطابق فتحِ مڪہ واري ڏينهن الله جي رسول صَلَّی اللّٰہُ تَعَالیٰ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ حضرت بلال رَضِیَ اللّٰہُ تَعَالیٰ عَنْہُ کي ڪعبي جي ڇت تي چڙهي اذان ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو جيڪڏهن ڪعبو مسلمانن جو معبود ۽ خدا هجي ها تہ ڇا ڪو ماڻهو پنهنجي معبود ۽ خدا مٿان پنهنجا قدم رکڻ جي جرئت ڪندو؟

اھو واضح دليل آھي تہ اسين خانۂ ڪعبہ کي معبود يا خدا نہ ٿا سمجھون.

ڇا بتن جا پوڄاري هندو پنهنجن خدائن يعني بتن مٿان چڙهي بيهندا آهن؟ ھرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ ھو انھن کي پنھنجو معبود سمجھندا آھن معلوم ٿيو تہ ٻنهي ۾ فرق آهي.

(ڪتاب"اونداھي ۾ سوجھرو" صفحو: 212 کان 214)

✍️.......... ابو طلحہ سنڌي