HOME
Sindhi Articles
_الحاد
_قومپرستي
_ديگر آرٹیکلز
Sindhi Books
Urdu Articles
URDU BOOKS
VIDEOS Gallery
About Us
Social Widget
ہوم
قومپرستي
ھڪ قوم پرست ۽ مذھبي ماڻھو جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ
ھڪ قوم پرست ۽ مذھبي ماڻھو جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ
Abu Talha Sindhi
دسمبر 19, 2023
ھڪ قوم پرست ۽ مذھبي ماڻھو جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ
قوم پرست:
توھان مذھبي ماڻھو ڏاڍا شدت پسند آھيو.
مذھبي ماڻھو:
اھو وري ڪيئن؟
قوم پرست:
مذھب جي خلاف ڪير ٿوري بہ ڳالھ ڪري تہ جلدي جذباتي ٿي ويندا آيو ۽ فتوائن جي ڀرمار ڪري ڏيندا آھيو.
مذھبي ماڻھو:
ظاھر آھي ڪير اسان جي مذھب ۽ اسان جي مقدس ھستين جي توھين ڪندو تہ خاموش ٿورئي ويھنداسين.
قوم پرست:
ليڪن انسانيت سڀ کان مٿي آھي ڪجھ انسانيت جو تہ خيال ڪندا ڪيو.
مذھبي ماڻھو:
اڇا!! جيڪا انسانيت سڀ کان مٿي آھي ان "سڀ" ۾ سنڌ بہ شامل آھي يا نہ؟؟؟
قوم پرست:
ڇا مطلب؟
مذھبي ماڻھو:
مطلب جيڪو سنڌ خلاف ڳالھائي تہ ڇا اھو انسانيت مان نڪري ويندو آھي؟
قوم پرست:
نہ
مذھبي ماڻھو:
تہ پوءِ ان مھل توھان ڇو انسانيت ويساري پنھنجا ھوش و حواس وڃائي ويھندا آھيو ۽ اخلاق جون سڀ حدون پار ڪري ويندا آھيو؟
قوم پرست:
ھا تہ پوءِ سنڌ خلاف جيڪو ڳالھائيندو تہ انکي ھار ٿورئي پارائينداسين سڌا پادر ھڻنداسونس.
مذھبي ماڻھو:
ليڪن توھان بہ تہ ڪجھ انسانيت جو خيال ڪندا ڪيو.
قوم پرست:
ڇا مطلب آھي اوھان جو؟ ڇا اسين بيغيرت ٿي سنڌ امڙ خلاف بڪواس خاموشي سان ٻڌندا رھون؟ اسان جو وس پڄي تہ ان جا ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيون.
مذھبي ماڻھو:
ڏٺوَ! سنڌ جي توھين جي صرف ڳالھ ڪيم تہ توھان فوراً جذباتي ٿي ويا آھيو ۽ شدت پسند وري اسان کي ٿا چئو! توھان تہ اسان کان وڌيڪ شدت پسند ۽ جذباتي آھيو.
قوم پرست:
ھي شدت پسندي ناھي قومي غيرت جو معاملو آھي.
مذھبي ماڻھو:
اھڙي طرح خدا ۽ رسول جي توھين مھل جذباتي ٿيڻ وري اسان جي ايماني غيرت جو معاملو آھي.
انسان کي جنھن شي سان جان کان وڌيڪ محبت ھوندي آھي ان خلاف ھڪ لفظ ٻڌڻ برداشت ناھي ڪندو توھان کي سنڌ سان سڀ کان وڌيڪ پيار آھي تہ ان خلاف نہ ٿا ٻڌي سگھو ۽ اسان کي پنھنجي خدا ۽ رسول سان سڀ کان وڌيڪ پيار آھي اسان انھن جي توھين ڪيئن برداشت ڪنداسين؟
قوم پرست:
مطلب توھان کي سنڌ ڌرتي سان پيار ڪونھي؟
مذھبي ماڻھو:
مون ائين ڪاٿي چيو؟ پنھنجي ڌرتي ۽ وطن سان محبت ھڪ فطري عمل آھي تنھن ڪري اسان کي پنھنجي سنڌ ڌرتي سان بلڪل پيار آھي ليڪن خدا ۽ رسول جي محبت کان بعد.
قوم پرست:
ليڪن توھان ڪڏھن بہ قومي اشوز تي اسان جو ساٿ ناھي ڏنو..
مذھبي ماڻھو: توھان ڪڏھن مذھبي معاملن ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آھي؟ جڏھن بہ مقدس ھستين جي توھين ٿي آھي اوھان ساٿ ڏيڻ بدران ھميشہ گستاخن جا ڀرجھلا ٿي بيٺا آھيو!
قوم پرست:
ليڪن سنڌ سڀني جي آھي توھان بہ سنڌ ۾ رھو ٿا سنڌي سڏرايو ٿا توھان کي ساٿ ڏيڻ گھرجي..
مذھبي ماڻھو:
دين بہ سڀني جو آھي توھان بہ مسلمان سڏرايو ٿا ڪلمو پڙھو ٿا توھان کي بہ ساٿ ڏيڻ گھرجي.
قوم پرست: مطلب تہ توھان اسان جو ساٿ نہ ڏيندؤ؟
مذھبي ماڻھو:
اسان پنھنجي طور سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقوق خاطر جيڪو ٿي سگھيو پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رھنداسين ليڪن توھان سان گڏ تڏھن بيھنداسين جڏھن توھان بہ اسان سان مذھبي اشوز تي ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھندو ۽ گستاخن جو ساٿ نہ ڏيندؤ... تاڙي ھڪ ھٿ سان ناھي وڄندي.
قوم پرست:
اسان ملن جو ساٿ ڏيون اھو ممڪن ڪونھي..
مذھبي ماڻھو:
پوءِ اسان بہ توھان سان گڏ بيھون اھو ممڪن ڪونھي! ۽ اھي دوريون توھان وڌايون آھن اسان نہ، پوءِ اسان کي ميارون ڇو ٿا ڏيو؟
قوم پرست:
توھان مولوي ماڻھو آھيو ئي ڌرتي ۽ قوم جا غدار، ۽ اسٽيبلشمينٽ جا پاليل ...... توھان ڪاٿي ساٿ ڏيندؤ!!
مذھبي ماڻھو:
ڏٺئي! ھنيئي فوراً غداري جي فتويٰ!
طعنا تہ اسان کي پيو ڏين تہ توھان فتوائن جي ڀرمار ڪري ڏيندا آھيو ليڪن فتويٰ ھڻڻ ۾ تو بہ دير ڪانہ ڪئي....معلوم ٿيو توھان اسان کان وڌيڪ شدت پسند ۽ جذباتي آھيو..
قوم پرست:
اڙي ھل ملان! ڇڏ منھنجي جان...توھان سان ڳالھائڻ ئي فضول آھي...... (اھو چئي ھمراھ پيرن تي کڻي زور ڏنو)
مذھبي ماڻھو:
اڙي ڪامريڊ صاحب! ڪيڏانھن پيو وڃين! ٿورو بيھ تہ سھي اڃا توھان سان کوڙ ساريون ڳالھيون ڪرڻيون آھن.
ليڪن ڪامريڊ صاحب ائين رفوچڪر ٿي ويو جو پوئتي ورائي بہ ڪونہ ڏٺائين.
✍️......... ا
بو طلحہ سنڌي
قومپرستي
Sindhi Articles
Facebook
Twitter
ایک تبصرہ شائع کریں
0 تبصرے
Translate
Followers
تقویت یافتہ بذریعہ Blogger
Your Responsive Ads code (Google Ads)
Design by -
Premium Blogger Templates
| Distributed by
Free Blogger Templates
Comments
50/comments/show
0 تبصرے