ملحدن سان اسان جي اختلاف جو بنيادي سبب اھو آهي تہ هو خدا جي وجود جو انڪار ڪندا آهن ۽ اسان مسلمانن کي ان جي وجود جو يقين آهي جڏھن انھن سان خدا جي وجود تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي آھي تہ هو خدا جي وجود تي عقلي ۽ منطقي دليل (Reason) جي بجائي سائنسي ثبوت (Evidence) جو مطالبو ڪندا آهن جڏهن تہ انھن ٻنهي ۾ فرق آهي،ڇاڪاڻ تہ دليل پنهنجي اصل جي اعتبار سان منطقي استدلال هوندو آهي جڏهن تہ ثبوت حسي (Physical) هوندو آهي جيڪو حواس سان محسوس ڪري سگھجي ٿو.
ھاڻي اچو اھو جائزو ٿا وٺون تہ خدا جي وجود تي سائنسي ثبوت (Evidence) طلب ڪري سگھجي ٿو يا نہ؟
سڀ کان پهرين اھو ڄاڻڻ گھرجي تہ موجودات ٻن طرح جا ھوندا آھن.
سڀ کان پهرين اھو ڄاڻڻ گھرجي تہ موجودات ٻن طرح جا ھوندا آھن.
1. ماطبيعيات:
يعني مادي ڪائنات جنھن کي حواسِ خمسہ ذريعي محسوس ڪري سگھجي ٿو مثلاً اسان جي جيڪا هيءَ ڪائنات آهي جنهن ۾ اسين رهون ٿا، هي هڪ مادي ڪائنات آهي اسان هن ڪائنات کي پنهنجي اکين سان ڏسي ۽ حواس ذريعي محسوس ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان جا حواسِ خمسہ هن مادي ڪائنات جي ادراڪ جي اهليت رکن ٿا سمنڊ، جبل، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، انسان، حيوان مطلب هن ڪائنات ۾ موجود هر هڪ شي هڪ مادي (Material) وجود آهي.2. مابعد الطبيعيات:
ھن مادي ڪائنات کان علاوه اسين ھڪ اھڙي جھان جا بہ قائل آھيون جنھن کي نہ حواسِ خمسہ ذريعي محسوس ڪري سگھجي ٿو نہ وري محض عقل ذريعي ان تائين رسائي حاصل ٿي سگھي ٿي جنھن کي مابعدالطبيعيات چيو ويندو آهي جنهن جي لغوي معنيٰ آھي مادي ڪائنات کان وراءَ ۽ اصطلاحي اعتبار سان ان مان مراد اهڙو جھان آهي جنهن جو هن مادّي ڪائنات کان ھڪ الڳ وجود آهي ۽ ان کي حواس خمسہ سان محسوس ڪرڻ ممڪن نہ آهي، مثال طور ڪيترائي اھڙا موجودات آهن جن جو اسين حواسِ خمسہ ذريعي ادراڪ تہ نہ ٿا ڪري سگھون پر ان جي باوجود انھن جي موجود ھجڻ تي اسان جو پورو يقين آهي جھڙوڪ: خدا، جنت، جھنم، فرشتا وغيره. ھن مابعدالطبيعيات کي انگريزي ۾ Meta physics چيو ويندو آهي.گويا اسان وٽ ٻہ عالم متوازي طور تي موجود آهن، جن ۾ هڪ اسان جو ھي مادي عالم (Physical Universe) آهي ۽ ٻيو هڪ غير مرئي، ناقابل محسوس، ماورائي عقل ۽ ادراک، غير مادي ۽ مابعد الطبيعي عالم Metaphysical Universe آھي.
ان کان بعد اھو ڄاڻڻ بہ ضروري آھي تہ ڪنهن بہ شيءِ جي وجود تي ”يقين“ جا ٽي درجا ھوندا آھن.
1. علم اليقين(علم):
ان جو مطلب اهو آهي تہ ڪنھن شي جي باري ۾ ڪو بااعتماد ماڻھو ٻڌائي يا عقلي ۽ منطقي دليلن سان ان جو قطعي ثبوت حاصل ٿئي وڃي تہ انکي "علم الیقین" چئبو آھي.2. عین الیقین(عرفان):
جڏهن ڪنهن شيءِ کي پنهنجين اکين سان ڏسڻ ۽ حواس خمسہ ذريعي ادراڪ ڪرڻ کان بعد جيڪو يقين حاصل ٿيندو آھي ان کي"عين اليقين" سڏيو ويندو آھي.3. حق اليقين(ايقان):
۽ جڏهن انسان ان شيءِ جو حواس خمسہ ذريعي مشاھدو ڪرڻ کان بعد پوري جاچ پڙتال ڪري ان جي حقيقت تائين رسائي حاصل ڪري وٺي يا پاڻ ان جي تجربي مان گذري تہ ان کي حق اليقين چئجي ٿو.ٽنھي کي ھن مثال سان سمجھو:
مثال طور: جنھن شخص ڪڏھن ڪو ھوائي جھاز نہ ڏٺو ھجي انکي کوڙ سارا ماڻھو انجي باري ۾ ٻڌائن يا ھو پاڻ ڪتابن وغيره ۾ بار بار انجو ذڪر پڙھي تہ انکي يقين حاصل ٿي ويندو آھي تہ واقعي جھاز جو دنيا ۾ وجود آھي ان يقين کي "علم اليقين" چئبو آھي.
وري جڏھن جھاز کي پنھنجين اکين سان اڏامندي ڏسي تہ انجو يقين اڃا وڌيڪ پختو ۽ مضبوط ٿي ويندو آھي انکي "عين اليقين" چيو ويندو آھي.
۽ جڏھن بذاتِ خود ان تجربي مان گذري يعني پاڻ ھوائي جھاز ۾ سوار ٿي سفر ڪري تہ انجو يقين بلڪل ڪامل ۽ انتھا درجي کي پھچي ويندو آھي انکي "حق اليقين" چئبو آھي.
سائنس صرف ان شين جي وجود کي يقيني طور تسليم ڪندي آهي جن جي وجود تي عين اليقين يا حق اليقين حاصل ٿي چڪو ھجي، يعني حواس، مشاهدي يا تجربي سان اها شيءِ ثابت ٿي چڪي ھجي ۽ ھي اُهي ئي شيون ٿي سگھن ٿيون جن جو تعلق ماطبيعات يعني ھن مادي ڪائنات سان ھجي.
۽ جن شين جو تعلق ھن مادي ڪائنات سان نہ ھجي بلڪ مابعدالطبيعيات منجھان ھجن تہ سائنس انھن شين جي وجود جو نہ اقرار ڪندي آھي نہ وري انڪار، ڇاڪاڻ تہ اُھي ھن جو موضوع ئي ناهن ۽ نہ ئي اھي شيون ان جي اختيار ۽ ريسرچ جي دائري ۾ اچن ٿيون.
انکي توھان ھن مثال سان سمجھي سگھو ٿا مثال طور: توھان جو ڪو ننڍڙو ٻار ننڍ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ خواب ڏسي ٿو ۽ انجو اوھان سان ذڪر ڪري ٿو ۽ توھان ان خواب جي تصديق لاءِ انکي ڪنھن ماھر ڊاڪٽر وٽ وٺي ٿا وڃو تہ واقعي ھن اھڙو ڪو خواب ڏٺو آھي يا غلط بياني ٿو ڪري، ڊاڪٽر ڪيڏو بہ ماھر ڇو نہ ھجي اھو ان خواب جي تصديق يا تڪذيب ڪونہ ڪندو ۽ ھو اھو ئي چوندو تہ ٿي سگھي ھن اھڙو ڪو خواب ڏٺو ھجي ۽ اھو بہ ممڪن آھي تہ ھن اھڙو ڪو خواب نہ ڏٺو ھجي بلڪ غلط بياني ڪندو ھجي ڇاڪاڻ تہ خواب جي تصديق يا تڪذيب ڪرڻ ميڊيڪل جو موضوع ئي ناھي نہ وري ميڊيڪل جي شعبي ۾ ان جي باري ۾ ڪا ريسرچ ٿيندي آھي تنھن ڪري ڊاڪٽر اگر خواب کي نہ بہ مڃي تڏھن بہ خواب جو عدم ثابت نہ ٿيندو بلڪل اھڙي طرح خدا جي وجود جو تعلق مابعدالطبيعيات سان آهي، سائنس مابعد الطبيعيات سان بحث ئي ناھي ڪندي ڇاڪاڻ تہ ھي انجي ڊومين ئي ناھي نہ ئي خدا جي وجود کي حواس، تجربي ۽ مشاھدي سان محسوس ڪري سگھجي ٿو تنھن ڪري سائنس ان باري ۾ ڪوبہ حتمي فيصلو نہ ٿي ڪري سگھي ۽ اسين بہ خدا جي وجود جي باري ۾ علم اليقين جي دعويٰ ڪندا آھيون، ڇاڪاڻ تہ عين اليقين ۽ حق اليقين تہ قيامت جي ڏينهن حاصل ٿي سگهندو جڏھن پنھنجي اکين سان خدا جو ديدار ڪنداسين.
تنھن ڪري خدا جي وجود تي سائنسي ثبوت(Evidence) جو مطالبو ڪرڻ تہ خدا کي عين اليقين يا حق اليقين جي درجي ۾ ثابت ڪيو وڃي اھو مطالبو غير عقلي ۽ غير منطقي آهي، البتہ خدا جي وجود تي منطقي ۽ عقلي دليل طلب ڪري سگھجن ٿا ۽ ان جي وجود تي بيشمار عقلي ۽ منطقي دليل موجود آهن جن جو ڪوبہ عقلمند انسان انڪار نہ ٿو ڪري سگهي بلڪ خدا جي وجود جو انڪار ڪرڻ غير عقلي ۽ غير منطقي دعویٰ آھي.
مثال طور: ٻہ ماڻهو ڪنهن جنھگ يا بيابان ۾ وڃن ۽ اتي انھن کي ڪو ويران محل نظر اچي جنھن کي ڏسي انھن مان هڪڙو چوي تہ ھتي يقيناً ڪنھن دور ۾ انسان آباد ھوندا ۽ هن محل کي لازمي ڪنهن انسان ئي ٺاھيو ھوندو ڇاڪاڻ تہ ڪو بہ محل ڪنھن انسان کانسواءِ پاڻھي ٺھي نٿو سگهي جڏهن محل موجود آهي تہ محل ٺاهڻ وارو بہ ڪو نہ ڪو ھوندو.
۽ ٻيو شخص چوي تہ مان نہ ٿو مڃان تہ ھتي ڪڏهن ڪو انسان آيو ھوندو ڇاڪاڻ تہ ڪنهن انسان کي ھتي مون ڏٺو ئي ناھي، تنھن ڪري جيستائين مان ڪنهن ماڻهوءَ جو مشاهدو نہ ٿو ڪيان يا ڪنھن انسان جو ڪو ڍانچو نہ ٿو ڏسان ايتري تائين مان نہ ٿو چئي سگھان تہ ھتي ڪو انسان آيو ھوندو.
ھاڻي ٻڌايو ان ٻنھي مان ڪنهن جو موقف صحيح آهي؟ منطقي اعتبار سان پهرين شخص جو ئي موقف درست آهي ٻئين شخص جو موقف سواءِ ضد ۽ ھٺيلائي جي ٻيو ڪجھ بہ نہ آھي ڇاڪاڻ تہ اتي انسان جي وجود تي ھڪ دليلِ قطعي موجود آھي.
اھڙي طرح جڏهن اسين ڪائنات جو وجود ڏسون ٿا ۽ اھو بہ ڏسون ٿا تہ ھن جو نظام انتھائي منظم طريقي سان ھلي رھيو آھي تہ اھو ان ڳالھ جو واضح ۽ چٽو دليل آهي تہ انکي ڪو وجود ڏيندڙ، پيدا ڪندڙ ۽ ھلائيندڙ بہ ضرور ھوندو جنھن انکي پيدا بہ ڪيو آھي ۽ ھلائي بہ رھيو آھي ۽ اھو ئي ھن جھان جو خدا آھي.
الحمد للہ اسان وٽ اھڙا کوڙ عقلي ۽ منطقي دليل موجود آهن جن سان خدا جي وجود تي علم اليقين حاصل ٿئي ٿو ۽ ڪجھ صورتن ۾ عين اليقين بہ حاصل ٿي ويندو آھي. جڏهن تہ ملحد خدا جو انڪار ڪندا آھن تہ انھن وٽ سائنسي ثبوت تہ پري جي ڳالھ يقين جو پهريون درجو يعني علم اليقين بہ حاصل ناھي ھوندو هو صرف ۽ صرف مذھب ۽ مذھبي ماڻهن جي ضد ۾ خدا جو انڪار ڪندا آهن انھن وٽ خدا جي عدمِ وجود تي ڪو ھڪ بہ منطقي دليل ڪونھي.
✍️......... ابو طلحہ سنڌي

0 تبصرے