قرباني جي باري ۾ مسلمان ۽ ملحد جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ
قرباني جي باري ۾ مسلمان ۽ ملحد جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ

ملحد: مسلمان وڏا ظالم آھن
مسلمان: ڇو ڀلا؟
ملحد: ھر سال جانورن جي قرباني ڪن ٿا جيڪو بي زبان جانورن مٿان ظلم آھي.
مسلمان: قرباني ڪرڻ ظلم آھي يا جانورن کي ذبح ڪرڻ؟
ملحد: قرباني ۾ جانور ذبح ئي تہ ٿيندا آھن.
مسلمان: پوءِ لڳي ٿو توھان سڄو سال  بيماري يا پنھنجي طبعي موت سبب مئل جانورن جو ڪِنو گوشت کائيندا ھوندو!
 ملحد: نہ ائين تہ ڪونھي اسين بلڪل فريش گوشت کائيندا آھيون.
مسلمان: اڇا! اھو فريش گوشت ڪٿان کان آڻيندا آھيو؟
ملحد: بازار مان ڪاسائي کان وٺي ايندا آھيون
مسلمان: ڪاسائي بہ تہ روزانو ھزارين جانور ذبح ڪندا آھن ۽ اوھان انھن کان وٺي مزي سان کائيندا آھيو پوءِ اھو ظلم ناھي؟
ملحد: ليڪن ذبح تہ ڪاسائي ڪندو آھي اسين ٿورئي ڪندا آھيون پوءِ اسين ظالم ڇو ٿينداسين؟
مسلمان: جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوري ڪري يا ڌاڙو ھڻي ڪنھن کان زبردستي مال کسي اچي ۽ توھان کي خبر بہ ھجي تہ ھي چوري يا ڌاڙي جو مال آھي پوءِ ڇا توھان ان کان اھو مال خريد ڪندو؟
ملحد: بلڪل بہ نہ.
مسلمان: ڇو؟
ملحد: چور يا ڌاڙيل کان چوري يا ڌاڙي جو سامان خريد ڪرڻ قانوني ۽ اخلاقي جرم آھي ڇاڪاڻ تہ اھو ظلم تي مدد ڪرڻ آھي ۽ ظلم تي مدد ڪرڻ بہ ظلم شمار ٿيندو آھي.
مسلمان: پوءِ توھان جي بقول جانورن کي ذبح ڪرڻ ظلم آھي تہ پوءِ توھان ڪاسائي کان گوشت خريد ڪري کائو ٿا ۽ ڪاسائي جانور ذبح ڪري ٿو ڇا اھو ظلم تي مدد ڪرڻ ناھي؟ پوءِ تہ توھان بہ پنھنجي اصول مطابق وڏا ظالم آھيو....
ملحد: ليڪن گوشت کائڻ انسان جي ضرورت آھي ڇاڪاڻ تہ اھو صحت لاءِ فائديمند آھي.
مسلمان: جيڪو ڪم توھان جي ضرورت ۽ صحت لاءِ فائديمند ھجي اھو توھان جي نزديڪ صحيح ۽ جيڪو ڪم غريبن جي ضرورت ۽ فائدي لاءِ ھجي اھو ڪم وري ظلم؟؟؟ مطلب تہ توھان غريبن جا دشمن آھيو..
ملحد: اسين غريبن جا دشمن ناھيون جانورن تي ظلم جا مخالف آھيون..
مسلمان: لڳي ٿو توھان شادين ۾ مھمانن کي گوشت جي بجاءِ دال ماني پيش ڪندا ھوندؤ ۽ گھر ۾ بہ مھمان اچي وڃن تہ انھن کي تريل پٽاٽا کارائيندا ھوندؤ؟؟؟
ملحد: يار اھڙن موقعن تي گوشت کارائڻ معاشرتي ضرورت آھي..
مسلمان: يعني پاڻ جانور ذبح ڪري کائو تہ صحت جي ضرورت، خوشي جي موقعي تي مھمانن کي کارايو تہ معاشرتي ضرورت، پر جي مسلمان قرباني جي نيت سان جانور ذبح ڪري پاڻ بہ کائن ۽ اھڙن غريبن ۽ مسڪينن  کي بہ کارائين جيڪي سڄو سال گوشت خريد ڪري نہ کائي سگھندا آھن تہ اھو وري ظلم ٿي ويو؟؟؟ منافقت جي بہ ڪا حد ٿيندي آھي.
ملحد: ليڪن قرباني ۾ شادين کان وڌيڪ جانور ذبح ٿين ٿا ان ڪري اھو صحيح ناھي..
مسلمان: پھرين ڳالھ تہ ظلم ظلم ئي ھوندو آھي پوءِ اھو ٿوري مقدار ۾ ڪيو وڃي يا زيادہ تعداد ۾، مثلاً جھڙي طرح سو ماڻھن کي ناحق قتل ڪرڻ ظلم آھي اھڙي طرح پنج ماڻھن کي ناحق قتل ڪرڻ بہ ظلم ئي آھي ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ سو ماڻھن کي قتل ڪرڻ وارو ظالم سڏجي ۽ پنج يا ڪنھن ھڪ ماڻھو کي ناحق قتل ڪرڻ وارو نيڪ ۽ رحمدل سڏجي.
ٻي ڳالھ: پاڪستان ۾ حلال جانور لکن جي تعداد پاليا وڃن ٿا انھن مان مشڪل سان ٻہ يا ٽي فيصد جانور طبعي موت مرندا ھوندا باقي تقريباً 97 فيصد جانور مختلف موقعن تي ذبح ئي ڪيا وڃن ٿا انھن مان ڪجھ جانور قرباني جي موقعي تي ذبح ٿين ٿا باقي جانور روزانو ھزارن جي تعداد ۾ مختلف موقعن تي ذبح ٿين ٿا ۽ سال ۾ انھن جو تعداد لکن ڪروڙن تائين پھچي وڃي ٿو جن جو گوشت شادين ۾، ھوٽلن تي ۽ گھرن ۾ روزانو پچائي کاڌو وڃي ٿو.... اتي تہ توھان ڪڏھن جانورن جي ظلم خلاف آواز نہ اٿاريو آھي باقي جيڪڏھن قرباني جي موقعي تي جانور ذبح ٿي ڪري غريبن کي مفت ۾ کائڻ لاءِ ملي ٿو وڃي تہ ان تي توھان کي اعتراض آھي؟؟؟
ٻيو ڇڏيو روزانو فارمي مرغيون ڪيتريون ذبح ٿي توھان جا ڀڀ ڀرين ٿيون؟ يقيناً انھن جو تعداد لکن ۾ ھوندو... ڇا توھان ڪڏھن انھن بي زبان مرغين لاءِ آواز اٿاريو آھي تہ روزانو ايتريون ڇو ٿيون ذبح ڪيون وڃن؟؟؟ ڪڏھن حڪومت کان مرغين جي ڪوس تي پابندي ھڻڻ جو مطالبو ڪيو اٿو؟؟؟
ملحد: يار توھان ڪونہ سمجھندو توھان کي سمجھائڻ فضول آھي آئون ھلان ٿو...
مسلمان: اسين سمجھڻ نہ ٿا چاھيون يا توھان سڌرڻ نہ ٿا چاھيو؟؟؟
ٿورو بيھ! اھو تہ ٻڌاءِ فارمي مرغين جي حقن لاءِ جلوس ڪڏھن ٿا ڪڍو؟
ملحد: ........ ڪو جواب نہ
مسلمان: ڀلا اھو ٻڌاءِ! سڀاڻي ڏاند جي قرباني ڪندس تنھنجي گھر گوشت موڪليان يا نہ...؟
ملحد: اُھا تنھنجي مرضي آھي...آئون ھلان ٿو.
🤭

تحرير........ ابو طلحه سنڌي