![]() |
| اسلام ۾ داخل ثيڻ لاءِ شرط |
جڏھن بہ ڪو غير مسلم مرد يا عورت اسلام ۾ داخل ٿيڻ چاھي تہ ان جا صرف ٻہ شرط آھن.
1.اقرار باللسان يعني زبان سان اقرار ڪرڻ
2. تصديق بالقلب يعني دل سان تصديق ڪرڻ
تصديق بالقلب جو تعلق تہ دل سان آھي ڪو ٻيو انسان ان تي مطلع نہ ٿو ٿي سگھي.. تنھن ڪري جيڪڏھن ڪو غير مسلم مرد يا عورت زبان سان اقرار ڪري تہ آئون دين اسلام کي دل سان قبول ڪيان ٿو/ يا ڪيان ٿي.. تہ پوءِ اھو مسلمان آھي ان جو سبب کڻي ڪھڙو بہ ھجي يا ڪھڙي سبب جي ڪري ئي ھن ڪلمو پڙھيو ھجي... جيڪڏھن سچي دل سان اسلام قبول ڪيو ھوندائين تہ عند اللہ بہ مسلمان سڏبو ۽ خدا اجر ڏيندس پر جي دل سان ڪلمو نہ پڙھيو ھوندائين بلڪ ڪنھن ٻئي مقصد جي ڪري مسلمان ٿيو ھوندو تہ پوءِ خدا ان کي ان جي آخرت ۾ سزا ضرور ڏيندو ڇو تہ دلين جا حال اھو ئي ڄاڻي ٿو اسانکي صرف ظاھر تي عمل ڪرڻو آھي...
ان کان وڌيڪ اُن نو مسلم کان اسلام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪنھن بہ قسم جو ڪو امتحان نہ ورتو ويندو نہ ئي شريعت ۾ ڪو اھڙو شرط رکيو ويو آھي عھد رسالت ۽ عھد صحابہ ۾ ان جو اھو ئي طريقو ۽ دستور رھيو آھي..
ليڪن ڪلھ اسان جي ھڪ مذھبي دوست قرآن جي ھڪ آيت ۽ ان جي تحت ھڪ حديث جو حوالو ڏيئي اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيڪڏھن ڪا عورت اسلام ۾ داخل ٿيڻ چاھي تہ انکان امتحان ورتو ويندو مثلاً انکان اھو پڇيو ويندو تہ:
ﷲ جو قسم کڻي ڪري ٻڌاء تہ تون پنهنجي مڙس سان ناچاقي جي ڪري ناراض ٿي تہ نہ آئي آھين؟
ﷲ جو قسم کڻي ڪري ٻڌاء ته تون آب هوا تبديل ڪرڻ جي لاءِ ته نه آئي آھين؟
ﷲ جو قسم کڻي ڪري ٻڌاءِ ته تون هتي گهمڻ ڦرڻ يعني سياحت جي لاءِ ته نه آئي آهين؟
ﷲ جو قسم کڻي ڪري ٻڌاءِ ته تون دنيا جي لالچ ۾ ته نه آئي آهين؟ وغيرہ
ليڪن افسوس! اُن مولوي صاحب اھو مسئلو بيان ڪرڻ ۾ تحقيق کان ڪم نہ ورتو آيت مبارڪ جي شان نزول ۽ پسمنظر کان ھٽي ڪري صرف ظاھري لفظ ڏسي پنھنجو من پسند مقصد ڪڍي بيان ڪيائين ۽ واہ واہ جا داد وصول ڪيائين... جڏھن تہ انھي آيت ۽ حديث جو ھڪ پورو پسمنظر آھي ۽ اھو حڪم عام ناھي بلڪ ھڪ خاص وقت ۽ موقعي جي لاءِ آھي.
آيت ۽ حديث جو پسمنظر:
جنھن آيت جو حوالو ڏنو ويو آھي دراصل ان جو تعلق صلح حديبيہ جي شرط سان آھي...پاڻ سڳورن صلي اللہ عليہ وسلم جن جو مڪي جي مشرڪن سان حديبيہ واري مقام وٽ ھڪ معاھدو ٿيو ھو جنھن ۾ مڪي جي ڪافرن ھڪ شرط اھو رکيو ھو تہ: جيڪڏھن ڪو بہ شخص مڪي کان مديني ايندو(چاھي اھو مسلمان ٿي اچي يا مڪي وارن کان ناراض ٿي) تہ انکي مڪي واپس ڪيو ويندو..
انھي شرط تحت پاڻ سڳورن صلي اللہ عليہ وسلم چند نون مسلمانن کي جيڪي مڪي کان مسلمان ٿي ھجرت ڪري مديني آيا ھئا تن کي واپس بہ ڪيو ھو...
ڪجھ عورتون بہ مسلمان ٿي مڪي کان ھجرت ڪري مديني آيون ھيون انھن ۾ حضرت ام ڪلثوم بن عقبہ نالي ھڪ عورت بہ ھئي جڏھن اھا مسلمان ٿي ھجرت ڪري مديني آئي تہ ان جا رشتيدار بہ ان جي پويان مديني اچي ويا ۽ مذڪورہ شرط تحت انکي واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيائون جڏھن تہ اھو شرط صرف مردن لاءِ ھو عورتن لاءِ نہ...
ان موقعي تي اھا آيت نازل ٿي جنھن ۾ مؤمنہ عورتن کي واپس ڪافرن جي حوالي ڪرڻ کان منع ڪيو ويو.. (بخاري شريف حديث#2712)
اھا آيت ھي آھي:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا جَآءَكُمُ الْمُؤْمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامْتَحِنُوْهُنَّ١ؕ اَللّٰهُ اَعْلَمُ بِاِیْمَانِهِنَّ١ۚ فَاِنْ عَلِمْتُمُوْهُنَّ مُؤْمِنٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوْهُنَّ اِلَى الْكُفَّارِ١ؕ
ترجمو: اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان وٽ ايمان واريون عورتون هجرت ڪري اچن ته توهان انهن جي (مؤمن هجڻ جي) جانچ ڪيو. الله انهن جي ايمان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. پوءِ اگر اوهان کي انهن جي مؤمن هجڻ جو يقين ٿئي ته انهن کي ڪافرن ڏانهن نه موٽايو.
(سورة الۡمُمۡتَحِنَۃِ آيت 10)
يعني عورتن کان توھان امتحان وٺي تسلي ڪيو ڪٿي ائين نہ ٿئي جو مومنہ عورتون غلطي ۾ ڪافرن جي حوالي ٿي وڃن... جيڪڏھن توھان کي لڳي تہ ھو واقعي دل سان اسلام قبول ڪري آيون آھن تہ انھن کي ھرگز ڪافرن ڏانھن واپس نہ ڪيو پر جي ڪنھن ٻئي مقصد تحت مسلمانن جو روپ اختيار ڪري آيون آھن تہ پوءِ ڀلي انھن کي واپس ڪري ڇڏيو...
ان مان معلوم ٿيو تہ اھو حڪم صرف ان خاص وقت لاءِ ھيو تہ جيئن عورتن جي چالاڪي ۽ مڪاري جي ڪري ڪافرن سان ٿيل امن معاهدي تي اثر نہ پوي ۽ امن و امان جي صورتحال ٻيھر خراب نہ ٿئي..
مان ان مولوي صاحب کان پڇڻ چاھيان ٿو تہ:
جيڪڏھن اھو حڪم مطلق ۽ عام آھي تہ پوءِ پاڻ سڳورن مڪي ۾ 13 سال ۽ مديني ۾ ڏھ سال تبليغ ڪندي گذاريا ڪا ھڪ اھڙي روايت يا حديث ڏيکاريو جنھن ۾ رسول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم مسلمان ٿيڻ لاءِ ڪنھن ڪافر کان اھڙي قسم جو ڪو امتحان ورتو ھجي؟؟؟ يا صحابہ ڪرام عليھم الرضوان ڪو اھڙو امتحان ورتو ھجي يا شرط رکيو ھجي؟؟؟
ايتريقدر جو جنگ جي ٽائيم تي بہ جيڪڏھن ڪو زبان سان ڪلمو پڙھندو ھو تہ صحابہ ڪرام انکي بہ ڇڏي ڏيندا ھئا اھو نہ پڇندا ھئا تہ دل سان ڪلمو پڙھيو اٿئي يا جان بچائڻ لاءِ؟؟؟ بلڪ ھڪ جنگ جي موقعي تي ھڪ صحابي ھڪ ڪافر کي جڏھن قتل ڪرڻ لڳا تہ ھن ڪلمو پڙھڻ شروع ڪيو ان باوجود ان صحابي ان ڪافر کي ماري وڌو جڏھن بعد ۾ رسول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم کي ٻڌايو ويو تہ پاڻ سخت ناراض ٿيا ھن صحابي عرض ڪيو يارسول اللہ! ھن موت جي خوف کان ڪلمو پڙھيو دل سان ٿورئي پڙھيو ھوندائين.. پاڻ جلال ۾ اچي ويا ۽ فرمايائون ڇا تو انجي دل کي چيري ڏٺو ھو؟؟؟ (صحیح مسلم)
ان روايت مان بہ معلوم ٿئي ٿو تہ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ اھڙو ڪو شرط ناھي...جيڪڏھن شرط ھجي ھا تہ مردن ۽ عورتن ٻنھي لاءِ ھجي ھا صرف عورتن لاءِ ڇو؟؟... ڇا مرد ڪنھن مقصد تحت ڪلمو نہ ٿا پڙھي سگھن؟؟ ليڪن پوري تاريخ اسلامي ۾ اھڙي شرط جو وجود نہ ٿو ملي نہ وري ڪنھن فقہ جي ڪتاب ۾ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڪو اھڙو شرط رکيو ويو آھي.
ليڪن افسوس آھي ان مذھبي دوست تي جنھن اھو سڄو پسمنظر حذف ڪري ھڪ مخصوص وقت واري حڪم کي مطلق بيان ڪري خبر ناھي ڪنھن کي خوش ڪرڻ لاءِ ھڪ شرعي مسئلي ۾ غلط فھميون پيدا ڪيائين.
ضروري وضاحت:
ھن تحرير مان ڪو ائين نہ سمجھي تہ اسين زبردستي ڪنھن کي مسلمان ڪرڻ يا ڪلمي پڙھائڻ جا قائل آھيون ھرگز نہ... ڇاڪاڻ تہ قرآن ۾ واضح حڪم آھي تہ ’’ لَاۤ اِكْرَاهَ فِی الدِّیْنِ‘‘ دين (مڃائڻ) ۾ ڪا زبردستي ناھي.
ليڪن ان زبردستي لاءِ ڪو ثبوت تہ ھجي ڇوڪري پاڻ بار بار پوليس، ميڊيا ۽ عوام آڏو اقرار ٿي ڪري تہ مون تي ڪنھن جو زور زبر ناھي مان پاڻ خوشي سان اسلام قبول ڪيو آھي پوءِ اسان ڪيئن مڃون تہ ھن کي زبردستي مسلمان ڪيو پيو وڃي؟؟؟
جيڪڏھن زبردستي ڪلمو پڙھايو پيو وڃي تہ ان جا ثبوت سامھون آڻيو ان زبردستي ڪرڻ واري کي ڦاسي تي لٽڪائڻ جي مھم ۾ اسان توھان سان گڏ ھونداسين..
ليڪن افسوس ثبوت پيش ڪرڻ بدران پاڻ کي انساني حقوق جا علمبردار سمجھڻ وارا لبرل ھن نياڻي جون فيڪ اگھاڙيون تصويرون ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري کيس تذليل ڪن پيا.
اھڙي تذليل تي اظھار جي آزادي جا چيمپين ڇو چپ آھن؟ ھن معاملي ۾ ھنن کان اظھار جي آزادي جو نعرو ڇو وسري ويندو آھي؟؟؟
✍️......... ابو طلحہ سنڌي

0 تبصرے