ارتقائي منتر، ارتقاء، الحاد، atheism
ارتقائي منتر، (ارتقاء، الحاد، atheism)

 ارتقائي منتر:
 ٻہ دوست هئا هڪ جو نالو ھو ”ڪجھ بہ نہ“ ۽ ٻئي جو نالو ھو ”خودبخود“

"ڪجھ بہ نہ" ڪائنات جي پيدائش کان اڳ موجود ھو ليڪن "خود بخود" جي ولادت تڏھن ٿي جڏھن بگ بينگ مھل وقت خلا کي زوردار ٽڪر ھنئي جنھن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ "خودبخود" پيدا ٿي پيو. 
"خودبخود" جو پيدا ٿيڻ کان بعد ۾  "ڪجھ بہ نہ" سان بحث ٿي پيو سندس دعويٰ هئي تہ هو "ڪجھ بہ نہ" کان وڏو آھي جڏهن تہ "ڪجھ بہ نہ" جو چوڻ هو تہ ھو "خودبخود" کان وڏو آهي.
ٻئي ڄڻا پنهنجو ڪيس کڻي فيصلو ڪرائڻ لاءِ باندر وٽ آيا باندر ٻنھي جي ڳالھ ٻڌي ٿوري دير لاءِ مٿو کنھيندي سوچڻ لڳو ۽ پوءِ چيائين:
مان توهان ٻنهي کان ڪجھ سوال پڇندس، توهان ٻنهي کي انهن جا صحيح جواب ڏيڻا پوندا.
"ڪجھ بہ نہ" ۽ "خودبخود" ٻنھي چيو:
”اسين سيد امجد حسين جي مٿي تي هٿ رکي قسم ٿا کڻون تہ جيڪو بہ چونداسين سچ چونداسين ۽ سچ کانسواءِ ڪجھ بہ نہ چونداسين. جيڪڏهن اسين ڪوڙ ڳالهايون تہ پوءِ ڀلي سيد امجد حسين مري پوي(هي تحرير ڪافي پراڻي آهي تن ڏينھن ۾ سيد امجد حسين نالي سوشل ميڊيا تي ھڪ مشهور ملحد ھوندو هو جيڪو هاڻي واقعي مري چڪو آهي)
باندر "خودبخود" کان پهريون سوال پڇيو: جڏهن بگ بينگ ٿيو ان کان اڳ ڪائنات ۾ ڇا هو؟
"خودبخود" جواب ڏنو  ڪجھ بہ نہ...
ان جو مطلب تہ ڪائنات جي پيدائش کان اڳ ڪجھ بہ نہ هو؟  باندر حيرت وچان پڇيو.
”جي ها بلڪل ڪائنات کان اڳ ۾ ڪجھ بہ نہ هو ليڪن ھن(ڪجھ بہ نہ) کان اهو ضرور پڇيو وڃي تہ ھي ان مھل ڪيئن موجود هو؟ خود بخود اعتراض ڪندي چيو.
باندر وري "ڪجھ بہ نہ" کان پڇيو:
”ھاڻي تون ٻڌاءِ! ڪائنات جي پيدائش کان اڳ تون وري ڪيئن موجود ھئين؟
ڪجھ بہ نہ چيو "خودبخود"
باندر چيو: "ان جو مطلب تہ "خودبخود"  ڪجھ بہ نہ کان اڳ موجود هو؟"
”نہ، ليڪن منهنجو اعتراض اهو آهي تہ جڏهن "خودبخود" بہ نہ هو تہ ان مھل ڇا ھو؟ ڪجھ بہ نہ جواب ڏنو..
باندر "خودبخود" کان پڇيو: جي خودبخود صاحب تون ٻڌاءِ، جڏهن خودبخود نہ هو ان مھل ڇا ھو؟
خودبخود جواب ڏنو: ڪجھ بہ نہ...
باندر پنهنجو مٿو کنھيندي چيو:  پوءِ تہ ھي توکان وڏو ٿيو نہ؟
مونکان وڏو وري ڪيئن؟ هن کان پڇو تہ سھي ھو ان وقت ڪيئن موجود هو؟ خودبخود اعتراض ڪندي چيو.
باندر وري ڪجھ بہ نہ سان مخاطب ٿيو: ”ٻڌاءِ! تون ڪيئن خودبخود کان اڳ موجود هئينءَ؟
 ڪجهه بہ نہ چيو: خودبخود.
اھو ٻڌي باندر جو تہ مٿو ئي چڪرائجي ويو ۽ پنھنجو سر پڪڙي چوڻ لڳو: 😀
مونکي پھرين پوري ڪھاڻي سمجھڻ ڏيو جڏھن ڪائنات نہ ھئي ان وقت ڇا ھو؟
ٻنھي ھڪ زبان ٿي چيو: ڪجھ بہ نہ...
پر ڪيئن؟ باندر پڇيو.
"خود بخود" ٻنھي جواب ۾ چيو.. 
يعني خودبخود پھريان ھو؟ باندر پڇيو.
پھريان وري ڪيئن؟ خودبخود کان پھرين تہ ڪجھ بہ نہ ھو.... ڪجھ بہ نہ اعتراض ڪندي چيو..
۽ "ڪجھ بہ نہ" ڪيئن موجود ھو؟ باندر حيرانگي وچان پڇيو...
ٻنھي چيو: خودبخود.. 😀
اھو ٻڌي باندر وڻ سان پنھنجو سر ٽڪرائيندي چوڻ لڳو:
”ڏسو ڀائرو! مان سمجهان ٿو تہ توهان ٻئي جاڙا ڀائر آهيو😄 توهان مان نہ ڪو ننڍو آهي نہ وري ڪو وڏو.. تنھن ڪري مون کي معاف ڪيو ۽ انھي بحث ۾ پوڻ کان بھتر آھي پاڻ ۾ خوشي سان گڏ رھو... 😊
"ليڪن اسين جاڙا تہ نہ آهيون اهو غلط فيصلو آهي"  ٻنهي احتجاج ڪندي چيو.. ليڪن ان احتجاج کي ٻڌڻ لاءِ باندر صاحب موجود نہ هو ڇاڪاڻ تہ هو وڻن جي ٽارين سان لٽڪندي ۽ ٽپا ڏيندي اتان کان غائب ٿي چڪو ھو...
ٻئي ڏينهن جھنگ جي جانورن ۾ چوٻول شروع ٿي ويا... ڪجھ جانورن جو خيال هو تہ باندر ملحد ٿي ويو آهي ڇاڪاڻ تہ ھو ھر وقت پنھنجي منھن "خودبخود" ۽ "ڪجھ بہ نہ" چوندو ٿو وتي..
لومڙي چالاڪ ھئي سو هن باندر کي آزمائڻ جو سوچيو ۽ هوءَ باندر وٽ ساڻس ملڻ لاءِ ھلي آئي...
اُن وقت بندر ڪنڌ هيٺ ڪري ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم هو...
”توکي ڇا ٿيو آهي؟ لومڙي پڇيو.
 "ڪجھ بہ نہ"  باندر جواب ڏنو.
پوءِ تنهنجو ڪنڌ پريشاني ۾ ڇو جھڪيل آ؟  لومڙي پڇيو.
"خودبخود"  باندر جواب ڏنو.
ليڪن تون هر وقت ڪھڙين سوچن ۾ گم آھين ڇا پيو ٿو سوچين؟  لومڙي پڇيو.
"ڪجھ بہ نہ"  باندر چيو..
پوءِ تون ان ڪيفيت مان ٻاھر ڪيئن نڪرندين؟  لومڙي پڇيو.
"خودبخود"  بندر چيو.
چلو اھو ٻڌايو! اسان سڀني جو مذهب ڪهڙو آهي؟  لومڙي پڇيو.
"ڪجھ بہ نہ"  باندر جواب ڏنو.
پوءِ اسان سڀ ڪيئن پيدا ٿياسين؟  لومڙي اعتراض ڪيو.
"خودبخو" باندر جواب ڏنو.
مون ٻڌو آهي تہ تون هاڻي انسان بڻجڻ جا خواب پيو ٿو ڏسين، ان بابت تو ڇا سوچيو آهي؟  لومڙي پڇيو.
"ڪجھ بہ نہ"  باندر وراڻيو
پوءِ تون انسان ڪيئن ٿيندين؟ لومڙي پڇيو.
"خودبخود"  باندر چيو.
ھاڻي لومڙي جو بہ مٿو چڪرائجڻ لڳو  ۽ حيران ٿي باندر کان پڇيائين:
تنهنجو پيءُ ڪير هو؟
"ڪجھ بہ نہ"
پوءِ تون ڪيئن پيدا ٿئين؟
 "خودبخود"
 "ڪجھ بہ نہ"
 "خودبخود"
 "ڪجهه بہ نہ"
 "خودبخود"
 "ڪجھ بہ نہ"
 "خودبخود"
 "ڪجھ بہ نہ"
 "خودبخود"
 "ڪجھ بہ نہ"
باندر جي زبان تي ھر سوال جي جواب ۾ ۽ ھر وقت بس اهي ئي لفظ هئا. 
اهي لفظ ورجائيندي ورجائيندي، هڪ ڏينهن اوچتو سندس بدن جي کل ۽ پڇ غائب ٿي ويا ۽ هو اڳيان پير مٿي کڻي ٻن پيرن تي بيهي رهيو.
۽ ھاڻي هو "خودبخود" انسان بڻجي چڪو هو.
ليڪن جنھن منتر ذريعي ان جو "ارتقاء" ٿيو اڄ تائين اھو منتر نہ وساريائين..
اڄ بہ هن کان پڇي ڏسو تہ ڪائنات کان اڳ ڇا هو؟
جواب ڏيندو  "ڪجھ بہ نہ"
پوءِ ڪائنات ڪيئن پيدا ٿي؟
جواب ڏيندو.
"خودبخود" 😊

تحرير......... محمد سليم
سنڌيڪار..... ابو طلحه سنڌي