قوم ۽ قومپرستي (Nationalism)
(Nationalism ) قوم ۽ قومپرستي 
                        
                  (ڀاڱو پهريون)

 انساني زندگي جا ٻہ پہلو آھن

1.انفرادي زندگي

2.اجتماعي زندگي

1.انفرادي زندگي:

ھن مان مراد اِھو آھي تہ انسان کي فرد ھئڻ جي حيثيت سان زندگي گذارڻ ۾ ڪھڙن ڪھڙن مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، ڪھڙين ڳالھين سان واسطو پوي ٿو، ڪھڙن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو ۽ انھن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ کيس ڪھڙي جستجو ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي.
انفرادي زندگي جي شروعات تڏھن کان ئي شروع ٿي جڏھن انسان (آدم عليہ السلام) کي اللہ تعاليٰ پنھنجي قدرت ڪاملہ سان وجود عطا ڪيو ۽ ھُن زمين تي پير پاتو. 

2 اجتماعي زندگي ۽ ان جا سبب:

اجتماعي زندگي مان مراد انسانن جو ھڪ ٻئي سان ڳانڍاپو ۽ تعلق آھي جيڪو ھڪ فطري عمل آھي ۽ انسان کي ٻين سان گڏيل زندگي گذارڻ تي اڀاري ٿو ۽ ان جا مختلف ڪارڻ آھن.

⬅️ انسان جي پيدائش کانپوءِ انسان ذات جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي ۽ ھڪٻئي تي ڀاڙڻ اجتماعي زندگي جي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ڪوبہ انسان ٻين کان الڳ اڪيلي زندگي نٿو گذاري سگھي ڇاڪاڻ تہ ڄمڻ کان وٺي موت تائين انساني زندگي ۾ ننڍپڻ، جواني، شادي غمي، ڪاروبار، ڏيتي ليتي سميت ڪيترا ئي اھڙا مرحلا آھن جن ۾ انسان کي ٻين جي تعاون ۽ مدد جي ضرورت پوي ٿي ، معاشي مسئلو ھجي يا حفاظتي معاملو، انکي لازمي ٻين جو سھارو گھرجي.

⬅️ انساني عقل بہ انسان کي اجتماعي زندگي گذارڻ تي آمادہ ڪري ٿو ڇاڪاڻ تہ اڪيلي زندگي گذارڻ ڏاڍو اوکو ڪم آھي کوڙ ساريون انساني ضرورتون اھڙيون آھن جنکي پورو ڪرڻ لاءِ انساني عقل انسان کي ٻين جي مدد ۽ سھاري طرف رھنمائي ڪري ٿو.

⬅️ انسان فطري طور جنسِ مخالف (عورت) طرف مائل ٿيڻ کي پسند ڪري ٿو ۽ پنھنجي جنسي خواھش جي تڪميل جي چاھ دل ۾ رکي ٿو ۽ اھا چاھ ۽ خواھش معاشري کان ڌار انفرادي زندگي گذارڻ سان پوري نٿي ٿي سگھي.

⬅️ انساني فطرت ۾ ٻئي انسان سان ھڪ خاص قسم جو لڳاءُ ھوندو آھي جنھن جي ڪري ان جو پنھنجي جنس ڏانھن لاڙو ۽ جھڪاءُ ٿئي ٿو اھوئي سبب آھي جو جڏھن ڪنھن ريگستان ۽ بيابان ۾ ڪو انسان نظر ايندو آھي تہ ان طرف متوجھ ٿيندي دل ۾ خوشي ۽ راحت محسوس ٿيندي آھي ڇاڪاڻ تہ ھڪ انسان کي ٻئي سان اُنسيت ھوندي آھي پنھنجائپ جو احساس ھوندو آھي.
اھي سڀ ڳالھيون انسان کي اجتماعي زندگي گذارڻ تي اڀارين ٿيون.
اجتماعي زندگي جي جوڙ جڪ:
اجتماعي زندگي جي شروعات خاندان کان ٿئي ٿي جنھن ۾ گھرواري، ٻار، ماءُ ۽ پئُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ وغيرہ جا رشتا شامل آھن پوءِ ان ۾ اڃا وڌيڪ واڌ ويجھ ٿئي ٿي جنھن سان انسان قبيلن، برادرين ۽ قومن ۾ ورھائجي وڃن ٿا.
قرآن مجيد جي تعليمات مان اھا پروڙ پوي ٿي تہ انسان جيتوڻيڪ ھڪ ئي بنياد مان پيدا ٿيو آھي پر اللہ تعاليٰ سندن وچ ۾ ٻن قسمن جو فرق رکيو آھي، ھڪ جنس جي لحاظ کان يعني مذڪر ۽ مونث جو فرق، ۽ ٻيو وري نسب، قبيلي ۽ قوم جو فرق آھي جيئن اللہ تعاليٰ جو فرمان آھي:
وَ اَنَّهٗ خَلَقَ الزَّوْجَیْنِ الذَّكَرَ وَ الْاُنْثٰىۙ
ترجمو: ۽ بيشڪ انھي (اللہ) ئي نر ۽ مادي جو جوڙو پيدا ڪيو.
(سورة النَّجۡمِ آيت 45)
ٻئي آيت ۾ فرمايو:
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّ اُنْثٰى وَ جَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّ قَبَآىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا١ؕ اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ عَلِیْمٌ خَبِیْرٌ. 
ترجمو: اي انسانو! اسان اوھان کي ھڪ مرد ۽ ھڪ عورت مان پيدا ڪيو آھي ۽ اسان اوھان کي ذاتين ۽ قبيلن ۾ ڪيوسين تہ جيئن توھان ھڪ ٻئي کي سڃاڻي سگھو. حقيقت ۾ اللہ وٽ توھان مان سڀ کان وڌيڪ عزت وارو اھو آھي جيڪو توھان ۾ سڀ کان وڌيڪ پرھيزگار آھي. بيشڪ اللہ تعاليٰ سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ ۽ باخبر آھي.
(سورة الۡحُجُرٰتِ  آيت 13)
اھي ٻن قسمن جا فرق ئي انساني تمدن ۽ اجتماعي زندگي جو بنياد آھن.
عورت ۽ مرد جي وچ ۾ فرق ۽ حدون ان لاءِ رکيون ويون آھن جو انھن ٻنھي جي دل ۾ ھڪ ٻئي لاءِ ڪشش ھوندي آھي تنھن ڪري اھو ضروري آھي تہ ماحول ۽ معاشري ۾ ٻنھي جي ذاتي وصفن جي ڪري سندن وچ ۾ موجود فرق کي ڌيان ۾ رکندي حفاظت ڪئي وڃي.
نسب ۽ قوم جو فرق قائم رکڻ ان لاءِ ضروري آھي تہ جيئن تمدني ضرورتن سبب جڏھن مختلف قومن ۽ نسلن سان واسطو رکندڙ ماڻھو ھڪٻئي سان تعاون ڪندي پاڻ ۾ گڏجي ڪنھن ڪم ڪار ۾ لڳي وڃن تہ پوءِ اھو ضروري ٿيو پوي تہ ھر جماعت، گروھ ۽ ھر نسل جي ماڻھن جا ڪي اھڙا فرق نمايان ھجن جن جي ذريعي ھڪ گروھ جا ماڻھو ٻئي گروھ وارن کي سڃاڻي سگھن ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي سمجھي سگھن، نہ صرف اھو پر ٻين نسلن جي ماڻھن ۾ فرق پڻ ڪري سگھن. ان قسم جا فرق ۽ خصوصيتون ظاھر آھي تہ ٻولي، لباس، طرز زندگي ۽ تمدن جي وسيلي ئي قائم رکي سگھجن ٿيون.
قوم جو تصور ۽ معنيٰ:
قوم عربي ٻولي جو لفظ آھي جيڪو فارسي، اردو ۽ سنڌي وغيرہ ٻولين ۾ پڻ استعمال ٿئي ٿو جنھن جو مادو"ق، و، م" آھي.
لغت ۾ لفظ قوم جي معني آھي: ماڻھن جو ٽولو، جماعت، جٿو، ميڙ، قبيلو، فرقو، ملڪ ۽ ساڳئي سياسي نظريي وارا ماڻھو
(جامع سنڌي لغات جلد:4 ص: 309)

اصطلاحي تعريف:
موجودہ دور جي مفڪرن ۽ دانشورن طرفان قوم جي ڪابہ متفق ۽ جامع تعريف سامھون نہ اچي سگھي آھي ۽ اُنھن لفظ قوم جون مختلف وصفون بيان ڪيون آھن.
ڪن جي چوڻ مطابق  قوم ماڻھن جي ان جماعت کي چئبو آھي جن وٽ وسيع ايراضي ۽ فطري وسيلا ھجن،
(Nations and Nationalism Since 1780.p: 30)
ليڪن ھن وصف تي اھو اعتراض ٿئي ٿو تہ اھي ماڻھو جيڪي ھڪ ئي ثقافت رکندڙ ۽ ھڪ ئي ٻولي ڳالھائيندڙ ھجن ليڪن انھن وٽ ڪا وسيع ايراضي ۽ فطري وسيلا  نہ ھجن تن تي قوم جو اطلاق نہ ٿي سگھندو.
ڪن جي چوڻ مطابق قوم ھڪ مستحڪم ٽولو ھوندو آھي جنھن ۾ ڪيتريون ئي جماعتون شامل ھونديون آھن جن جي ھڪ ئي ٻولي ھوندي آھي، ھڪ مخصوص علائقو ھوندو آھي ۽ معاشي طور اھي مختلف جماعتون ھڪ ٻئي سان جڙيل ھونديون آھن جيڪي ھڪ ئي قومي ڪردار ۽ خاصيتون پيدا ڪنديون آھن.
(The Nation in Nationalism p:18)
ھن وصف تي وري اھو اعتراض ٿئي ٿو تہ ڪيترين ئي قومن ۾ ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالھايون وينديون آھن جيئن اسان جي سنڌ ۾ سنڌي سان گڏ سرائيڪي، بلوچي وغيرہ ٻوليون بہ ڳالھايون وڃن ٿيون تن تي قوم جو اطلاق صحيح نہ ٿي سگھندو.
ماضي ۾ لفظ قوم ڪيترين ئي معنائن ۾ استعمال ٿيندو رھيو آھي شروع کان وٺي ھن جو اطلاق عام رھيو آھي ۽ ھر اھڙي جماعت ۽ جٿي تي ان جو اطلاق ٿيندو رھيو آھي جنھن ۾ ڪا شراڪت ۽ ھڪجھڙائي ھجي مثلاً:
جڏھن ڪنھن جماعت ۽ گروھ ۾ مذھبي ھڪجھڙائي ھجي ان تي بہ قوم جو لفظ ڳالھايو ويندو آھي جيئن چيو ويندو آھي مسلم قوم، ھندو قوم سک قوم وغيرہ، (ھي صرف عرف جي اعتبار سان آھي ورنہ قرآن پاڪ ۾ مسلمانن لاءِ قوم جي بجاءِ ملت جو لفظ استعمال ٿيو آھي جنھن جو ذڪر اڳئين ڀاڱي ۾ ايندو)
ڪڏھن وطن ۽ جغرافيائي ھڪجھڙائي سبب قوم جو اطلاق ڪيو ويندو آھي مثلاً: پاڪستاني قوم ھندستاني قوم ايراني قوم وغيرہ
ڪڏھن ٻولي ۽ ثقافت ۾ ھڪجھڙائي ۽ شراڪت سبب ڪنھن جماعت تي قوم جو اطلاق ٿيندو آھي جئين سنڌي ڳالھائڻ وارن کي الڳ قوم سمجھيو ويندو آھي ۽ پنجاپي، بلوچي پشتو وغيرہ ڳالھائندڙن کي الڳ قوم تصور ويندو آھي.
گفتگو جو خلاصو ھي آھي تہ قوم جو اطلاق عام آھي ھي صرف ھڪ ئي زبان ڳالھائيندڙن ۽ ھڪ ثقافت ۽ تھذيب رکندڙن لاءِ خاص ناھي بلڪ ڪنھن بہ قسم جي ڪا شراڪت ۽ ھڪجھڙائي ھجي تہ ان جماعت ۽ گروھ تي لفظ قوم جو اطلاق ڪري سگھجي ٿو. 
قوم جي جوڙجڪ جي عمل کي تيز ڪرڻ ۾ تاريخ، ريتن ۽ رسمن جو بہ وڏو عمل دخل ھوندو آھي جيڪي ماڻھن ۾ گڏيل تعلق جو احساس پيدا ڪن ٿيون.
اھڙي طرح قومن جو شمار ڪنھن بزرگ جي نسل ۾ ھجڻ يا وطن جي باشندن سان بہ ٿيندو آھي
(قومي تعليم، قومي ھمدردي ۽ باھمي تعلق ص 140)
ھندستان جو عالم مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي لکي ٿو:
قوميت مان مراد اھي عادتون ۽ خصلتون آھن جيڪي ڪنھن جماعت جي سڃاڻپ جو اھڃاڻ بڻجي ويون ھجن ۽ جن جي ڪري اھا جماعت ٻين جماعتن يا قومن جي مقابلي ۾ ڌار ۽ نمايان سمجھي وڃي.
(قوميت ھڪ تجزيو ھڪ مطالعو ص: 15)

(ٽي ماھي "سنڌ سُڪار" شُمارو پھريون)
(ھلندڙ)
تحرير.................✍️ ابو طلحہ سنڌي