![]() |
| (Nationalism)قوم ۽ قوم پرستي |
(ڀاڱو ٻيون)
اسلام ۾ قوميت جو تصور:
قرآن پاڪ ۾ لفظ قوم 383 ڀيرا مختلف معنائن ۾ استعمال ٿيو آھي معنيٰ ۽ مطلب جي لحاظ کان ھر جڳھ تي ھن جا مختلف مطلب نڪرن ٿا ليڪن اسلام جي لاءِ دين ۽ مسلمانن لاءِ قوم جي بجاءِ ملت جو لفظ استعمال ٿيو آھي ڇاڪاڻ مسلم امت ھڪ قوم نہ پر ڪيترين ئي قومن جو مجموعو آھي جنھن ۾ عربي، فارسي، سنڌي، پنجاپي، پشتو، بلوچي، بنگالي، ايراني، ترڪ وغيرہ جھڙيون ھزارين ٻوليون ڳالهائڻ وارا ۽ مختلف علائقن جا رهاڪو شامل آھن مختلف تھذيبن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻھو جڙيل آھن انھن سڀني جي پنھنجي ھڪ تاريخ بہ ھوندي آھي تہ وري سندن ثقافت ۽ روايتون بہ ھونديون آھن جيڪي ھڪ ٻئي کان مختلف ھونديون آھن پر جڏھن اھي مختلف نسل ۽ قوم جا ماڻھو اسلام ۾ داخل ٿيندا آھن تہ پوءِ انھن جا پاڻ ۾ سمورا اختلاف ۽ دشمنيون محبت ۽ دوستي ۾ تبديل ٿي وينديون آھن ۽ اھي سڀ ھڪ نظرياتي وحدت ۾ گڏجي ھڪ ٿي ويندا آھن ۽ اسلام انھن جي وچ ۾ اخوت يعني ڀائيچاري جو رشتو قائم ڪري ڇڏي ٿو جيئن قرآن پاڪ ۾ آھي.
اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ. ترجمو: سڀئي ايمان وارا (پاڻ ۾) ڀائر ئي آهن. (سورة الۡحُجُرٰتِ آيت 10)
ليڪن انھن سڀني ڳالھين جي باوجود اسلام انساني ايڪي ۽ ٻڌي تي زور ڏيڻ سان گڏ مختلف قومن جي ڌار ڌار تھذيب ۽ تمدن کي وڏي اھميت ڏيئي ٿو، انھن جي وجود کي مڃي ٿو انھن جي نسلي، لساني ۽ تھذيبي روايتن کي ختم نہ ٿو ڪري، اسلامي تاريخ جي مطالعي مان پروڙ پوي ٿي تہ ماضي ۾ ڪيترين ئي موقعن تي اھڙي قسم جي روايتن کي نہ فقط برقرار رکيو ويو پر انھن کي وڌڻ ويجھڻ جا موقعا بہ فراھم ڪيا ويا، ڪنھن بہ دور ۾ ڪنھن بہ قوم کي پنھنجي نسل، خاندان ۽ قوم سان تعلق رکڻ کان نہ روڪيو ويو نہ وري ڪنھن کي پنھنجي زبان ڇڏي ڪنھن خاص زبان ڳالھائڻ تي مجبور ڪيو ويو نہ ئي ڪنھن قوم جي تھذيبي روايتن(جيڪي اسلامي تعليمات جي منافي نہ آھن) کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
شاھ ولي الله محدث دھلوي رحمة اللہ عليہ لکن ٿا:
شريعت سڳوري ڪنھن قبيلي جي ماڻھن جي عادتن ۽ علائقي جي مخصوص حالتن کي پوري اھميت ڏيئي ٿو اھو مشھور قول بلڪل صحيح آھي ته شريعت زبان ۽ مڪان جي ويڇن کان بلند آھي ان جو مثال ان مِينھن وانگر آھي جو آسمان مان صاف ۽ لطيف صورت ۾ وسي ٿو پر پوءِ زمين تي پوڻ کانپوءِ ان ۾ ھوا ۽ معدنيات جو اثر پيدا ٿي پوي ٿو تنھن ڪري زمين جي ھڪ ڀاڱي ۽ ٻئي ڀاڱي جو پاڻي ھڪ جھڙو نه ھوندو آھي.
شاھ ولي اللہ رحمة اللہ عليہ ھڪ ٻئي ھنڌ لکن ٿا شريعت جو مقصد فقط ماڻھن جي انھن عادتن ۽ طور طريقن جي اصلاح ھوندي آھي جيڪي طريقا انھن ۾ رائج ھوندا آھن شريعت اھڙين شين سان بحث ئي نہ ڪندي آھي جن کان ماڻھو واقف نہ ھجن.
(قوميت ھڪ تجزيو ھڪ مطالعو صفحو: 15)
قرآن پاڪ ۾ مختلف قومن ۽ نسلن جي وجود کي واضح طور نہ صرف تسليم ڪيو ويو آھي بلڪ ٻولي ۽ رنگ جي اختلاف کي اللہ تعاليٰ جي نشانين منجھان ھڪ نشاني سڏيو ويو آھي.
وَ مِنْ اٰیٰتِهٖ خَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ اخْتِلَافُ اَلْسِنَتِكُمْ وَ اَلْوَانِكُمْ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیٰتٍ لِّلْعٰلِمِیْنَ
ترجمو: ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۽ توهان جي ٻولين ۽ توهان جي رنگن جو ڌار ڌار ھجڻ اھو اللہ جي نشانين منجھان آھي بيشڪ ان ۾ علم وارن لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.
(سورة الرُّوۡمِ آيت 22)
ليڪن ٻولين جي انھي فرق جي بنياد تي جنھن کي خدائي نشانيون سڏيو ويو آھي لساني تعصب ۾ مبتلا ٿي ڪري ٻي قوم وارن سان نفرت ڪرڻ، انھن مٿان ظلم ڪرڻ ۽ ھر حال ۾ پنھنجي قوم وارن جي حمايت ڪرڻ توڻي جو اھي حق تي ھجن يا غلطي تي، قصور وار ھجن يا بي قصور (جنھن کي عصبيت يا قوم پرستي سان تعبير ڪيو ويندو آھي) اھو افسوسناڪ ھئڻ سان گڏوگڏ معاشري لاءِ انتھائي تباھ ڪن عمل آھي.
قوم پرستي Nationalism:
قوم پرستي ھڪ جديد اصطلاح آھي جنھن جي شروعات سترھين يا ارڙهين صدي عيسوي ۾ ٿي ان کان اڳ ۾ قوم ۽ قوميت جھڙا لفظ تہ رائج ھئا پر قوم پرستي جو لفظ ڪنھن بہ لغت ۾ موجود نہ ھو البتہ ان جي ويجھو يا ان جي ھم معنيٰ ھڪ لفظ ھو جنھن کي عصبيت سڏيو وڃي ٿو.
عصبيت جي معنيٰ:
عصبيت جي معنيٰ آھي جڏھن ڪنھن ماڻھو کي پنھنجي قوم جي مدد لاءِ سڏيو وڃي ته ھو انھن سان گڏجي مخالفن سان وڙھڻ لاءِ تيار ٿي وڃي چاھي مخالف ظالم ھجي يا مظلوم.
(لسان العرب جلد:10 ص:167)
اڄڪلھ جي قوم پرستي جي معنيٰ ۽ مفھوم به اھو ساڳيو ئي آھي.
عصبيت جي باري ۾ اسلامي تعليمات:
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي تشريف آوري کان اڳ ۾ عربستان جو ٻچو ٻچو ھڪٻئي جي خون جو پياسو ھو ۽ ھڪ قبيلو ٻئي قبيلي جو دشمن بڻيل ھو ٿورين ٿورين ڳالھين تي سندن وچ ۾ جنگيون شروع ٿي وينديون ھيون جيڪي ڪيترن ئي سالن بلڪ صدين تائين جاري رھنديون ھيون اھڙي ريت مختلف خاندانن ۽ قبيلن ۾ جھيڙن جو اڻ کٽ سلسلو جاري رھندو ھو ھڪ ھڪ خون جو پلاند پيڙھين تائين ورتو ويندو ھو.
نبي ڪريم صلي اللہ عليہ وسلم ھر قسم جي نسلي فخر ۽ تعصب کي ختم ڪرڻ جي تبليغ فرمائي اخوت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو ۽ پاڻ سڳورا صلي اللہ عليہ وسلم پاڻ سان گڏ خون جي رشتي کان وڌيڪ ھڪ ٻيو رشتو کڻي آيا جنھن سالن جا دشمن بہ پاڻ ۾ ملائي ڇڏيا ھڪ دشمن کي ٻئي جو ڀاءُ بڻائي ڇڏيو خانداني، قبيلائي ۽ قومي پنھنجائپ کان وڌيڪ اسلامي ڀائيچاري واري پنھنجائپ منجھن پيدا ڪري ڇڏي اھڙي ريت ھنن جي ھر قسم جي دشمنين جو خاتمو ڪري پاڻ ۾ ھلندڙ دشمنين کي سندن دلين مان ائين ڪڍي ڇڏيو جو اھي پاڻ ۾ حقيقي ڀائر بڻجي ويا ۽ اللہ تعاليٰ فرمايو:
ترجمو: اي مسلمانو! اللہ کان ڊڄو جيئن انکان ڊڄڻ جو حق آھي ۽ توھان مسلمان ٿي مرو ۽ اللہ جي رسي کي سڀ گڏجي مضبوطي سان جھليو ۽ پاڻ ۾ ٽولا ٽولا نہ ٿيو ۽ توھان پنھنجي مٿان اللہ جي احسان کي ياد ڪيو جڏھن توھان ھڪٻئي جا دشمن ھيؤ تہ اللہ توھان جي دلين ۾ الفت وجھي ڇڏي تہ توھان ان جي فضل سان پاڻ ۾ ڀائر بڻجي ويا.
(آل عمران آيت 103)
پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم حجة الوداع جي موقعي تي خطبو ڏيندي فرمايو:
اڄ نسب ۽ قوميت جا سڀ تعصب ختم ٿي ويا آهن هاڻي نہ ڪنهن عربي کي عجمي تي فضيلت حاصل آهي نہ وري ڪنهن عجمي کي ڪنهن عربي تي، سواءِ دين ۽ تقويٰ جي، سڀ انسان آدم عليه السلام جو اولاد آهن ۽ آدم عليه السلام کي مٽي مان پيدا ڪيو ويو.
پاڻ سڳورن صلي اللہ عليہ وسلم جن پنھنجي عمل جي ذريعي خانداني، قبيلائي ۽ قومي تعصب کي ختم ڪيو حضرت سلمان فارسي رضي اللہ عنہ جيڪي ايراني نسل سان تعلق رکندا ھئا جڏھن اسلام قبول ڪيائون تہ نبي ڪريم صلي اللہ عليہ وسلم سَلْمَانُ مِنَّا اَہْل الْبَیْتِ يعني سلمان اسان جي اھلِ بيت منجھان آھي (مستدرک علی الصحیحین:6539) چئي ڪري پنھنجي اھل بيت ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان فرمايو تہ جيئن ڪو ائين نہ چئي سگھي تہ حضرت سلمان ٻئي قوم سان تعلق رکندڙ آھن تنھن ڪري ھو اسان مان نہ آھن.
حضرت بلال رضي اللہ عنہ حبشي علائقي جا رھاڪو ھئا ليڪن ان جي باوجود اللہ جي رسول صلي اللہ عليہ وسلم کين مسجد نبوي جو مؤذن مقرر فرمايو حضرت عمر رضي اللہ عنہ تہ سيدنا بلال (اسان جو سردار بلال) چوندا ھيا.
معلوم ٿيو تہ اسلامي تعليمات مطابق جيڪڏهن ڪو غلام بہ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي پوي تہ اهو ديني رشتي ۾ ٻين مسلمانن جو ڀاءُ آهي توڻي جو کڻي ڪھڙي بہ قبيلي يا قوم سان ھجي.
قوم پروري ۽ قوم پرستي:
اھا ڳالھ ڌيان ۾ رکڻ کپي تہ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ ھيٺين ٻين ڳالھين ۾ نمايان فرق آھي.
1. قوم پروري: يعني پنھنجي قوم ۽ وطن سان محبت ڪرڻ قوم جي ڀلائي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ.
2. قوم پرستي: پنھنجي قوم، قبيلي، خاندان، نسل، وطن يا ھم زبان ماڻھن کي ٻين کان افضل ۽ بھتر سمجھڻ ۽ ھر حال ۾ پنھنجي قوم جي حمايت ۽ طرفداري ڪرڻ پوءِ کڻي اھي حق تي ھجن يا غلطي تي، قصور وار ھجن يا بي قصور.
انھن ٻنھي منجھان اسلام پھرين نظريي جو ڪڏھن بہ مخالف ناھي رھيو ڇاڪاڻ تہ پنھنجي قوم سان محبت ڪرڻ ۽ انھن جي خير خواھي ڪرڻ ۽ انھن جي حقن جي حفاظت لاء سندن ساٿ ڏيڻ عين انصاف ئي نہ پر اسلام جو حڪم پڻ آھي.
رسول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم فرمايو:
توھان مان بھتر اھو آھي جيڪو پنھنجي خاندان جو بچاءُ ڪري پر شرط اھو آھي تہ اھو گناھ جو ڪم نہ ھجي (سنن ابي داؤد)
ھڪ شخص پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ: يارسول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم ڇا ڪنھن ماڻھو جو پنھنجي قوم سان محبت ڪرڻ عصبيت آھي؟ پاڻ فرمايائون! نہ بلڪ عصبيت ھي آھي جو ماڻھو ظلم ۾ بہ پنھنجي قوم سان ساٿ ڏي.
(ابن ماجہ 3949)
بھرحال پنھنجي خاندان قبيلي ۽ ھم زبان ماڻھن سان محبت ڪرڻ فطري شي آھي اھو ھڪ فطري جذبو آھي جيڪو خارجي دٻاءُ کانسواءِ از خود پيدا ٿئي ۽ وڌي ٿو تنھن ڪري اسان جو اعتراض قوميت تي ھرگز نہ آھي ڇاڪاڻ ته قوميت ھڪ فطري حقيقت آھي، اسان قومي خيرخواھي جا بہ مخالف نہ آھيون، اسانکي قومي محبت تي پڻ اعتراض ڪونھي اسان قومي آزادي کي بہ صحيح سمجھون ٿا ڇو تہ پنھنجي معاملي کي پاڻ منھن ڏيڻ ۽ پنھنجي گھر جو پاڻ انتظام سنڀالڻ ھر قوم جو حق آھي. حقيقت ۾ اسان جي آڏو جيڪا شيءِ اعتراض جوڳي آھي اها آھي قوميت جي بنياد تي ٻين سان نفرت ڪرڻ، ھر حال ۾ پنھنجي قوم جو ساٿ ڏيڻ چاھي اھي حق تي ھجن يا غلطي تي ۽ قوم جي محبت جي آڙ ۾ دين ۽ مذھب سان نفرت ۽ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۽ موجودہ زماني جي قوم پرستي ۾ بہ اهو ئي ڪجھ ٿي رهيو آھي.
انھن ٻنھي منجھان اسلام پھرين نظريي جو ڪڏھن بہ مخالف ناھي رھيو ڇاڪاڻ تہ پنھنجي قوم سان محبت ڪرڻ ۽ انھن جي خير خواھي ڪرڻ ۽ انھن جي حقن جي حفاظت لاء سندن ساٿ ڏيڻ عين انصاف ئي نہ پر اسلام جو حڪم پڻ آھي.
رسول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم فرمايو:
توھان مان بھتر اھو آھي جيڪو پنھنجي خاندان جو بچاءُ ڪري پر شرط اھو آھي تہ اھو گناھ جو ڪم نہ ھجي (سنن ابي داؤد)
ھڪ شخص پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ: يارسول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم ڇا ڪنھن ماڻھو جو پنھنجي قوم سان محبت ڪرڻ عصبيت آھي؟ پاڻ فرمايائون! نہ بلڪ عصبيت ھي آھي جو ماڻھو ظلم ۾ بہ پنھنجي قوم سان ساٿ ڏي.
(ابن ماجہ 3949)
بھرحال پنھنجي خاندان قبيلي ۽ ھم زبان ماڻھن سان محبت ڪرڻ فطري شي آھي اھو ھڪ فطري جذبو آھي جيڪو خارجي دٻاءُ کانسواءِ از خود پيدا ٿئي ۽ وڌي ٿو تنھن ڪري اسان جو اعتراض قوميت تي ھرگز نہ آھي ڇاڪاڻ ته قوميت ھڪ فطري حقيقت آھي، اسان قومي خيرخواھي جا بہ مخالف نہ آھيون، اسانکي قومي محبت تي پڻ اعتراض ڪونھي اسان قومي آزادي کي بہ صحيح سمجھون ٿا ڇو تہ پنھنجي معاملي کي پاڻ منھن ڏيڻ ۽ پنھنجي گھر جو پاڻ انتظام سنڀالڻ ھر قوم جو حق آھي. حقيقت ۾ اسان جي آڏو جيڪا شيءِ اعتراض جوڳي آھي اها آھي قوميت جي بنياد تي ٻين سان نفرت ڪرڻ، ھر حال ۾ پنھنجي قوم جو ساٿ ڏيڻ چاھي اھي حق تي ھجن يا غلطي تي ۽ قوم جي محبت جي آڙ ۾ دين ۽ مذھب سان نفرت ۽ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۽ موجودہ زماني جي قوم پرستي ۾ بہ اهو ئي ڪجھ ٿي رهيو آھي.
(ٽي ماھي رسالو "سنڌ سُڪار" شمارو ٻيون)
تحرير...........✍️ ابو طلحہ سنڌي

0 تبصرے