اسلام ۾ عورت کي چار شادين جي اجازت ڇو نہ آھي؟
اسلام ۾ عورت کي چار شادين جي اجازت ڇو نہ آھي؟

اعتراض:

اسلام مردن کي چار شادين جو حڪم ڏئي ٿو ليڪن عورتن کي ھڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت ناھي اھا عورتن سان نا انصافي آھي؟

جواب:

سڀ کان پھرين اوھان جي اھا غلط فھمي آھي تہ اسلام مردن کي چار شادين جو حڪم ڏئي ٿو اسلام مردن کي چار شادين جو حڪم نہ ٿو ڏي بلڪ مشروط اجازت ڏئي ٿو حڪم ۽ اجازت ۾ فرق ھوندو آھي حڪم کي مڃڻ لازم ھوندو آھي ۽ اجازت تي عمل ڪرڻ يا نہ ڪرڻ برابر ھوندو آھي ۽ مردن کي اھا اجازت بہ عام ناھي بلڪ ھڪ شرط سان مشروط آھي قرآن پاڪ ۾ اللہ فرمايو!

فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَآءِ مَثْنٰى وَ ثُلٰثَ وَ رُبٰعَ١ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً

(سورة النِّسَآءِ آيت3)

ترجمو: پوءِ انهن عورتن سان نڪاح ڪيو جيڪي توهان لاءِ مَن پسند (حلال) هجن ٻہ ٻہ ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار. پر جي ڊڄو ٿا تہ (گهڻين زالن ۾) انصاف ڪري نہ سگهندؤ تہ پوءِ صرف هڪ (ئي ڪافي آهي)

ڏسو ھن آيت مبارڪہ ۾ واضح طور فرمايو ويو آھي تہ جيڪڏھن اوھان کي خوف ٿئي تہ زالن ۾ انصاف نہ ڪري سگھندؤ تہ پوءِ صرف ھڪ ئي اوھان لاءِ ڪافي آھي معلوم ٿيو تہ اھا اجازت زالن سان عدل ۽ انصاف واري شرط سان مشروط آھي عام اجازت ناھي.

ھاڻي اچون ٿا اصل اعتراض جي طرف تہ عورتن کي اھا اجازت ڇو نہ آھي؟

ان جو سرسري طور جواب اھو ڏنو ويندو آھي تہ عورت کي ھڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت ڏيڻ جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جو نسب مجھول يا مشڪوڪ ٿي ويندو تہ ھي ٻار ڪھڙي مڙس منجھان آھي؟

جنھن جي جواب ۾ ملحد اھو چوندا آھن تہ اڄڪلھ DNA جي ذريعي اھو مسئلو حل ٿي سگھي ٿو.

ان جو جواب ۾ آئون اھو چوندس تہ اسلام ھڪ عالمگير مذھب آھي ان جا مڃڻ وارا آمريڪا، روس، ۽ چائنا جھڙي ترقي يافتہ ملڪن کان وٺي ڪانگو، سيراليون، گيانا ۽ افغانستان جھڙي غريب ملڪن تائين...

دبئي، شڪاگو، نيويارڪ کان وٺي آفريڪا جي ڏورانھن جنھگلن تائين..

عرب جي ريگستانن کان وٺي افغانستان جي جبلن تائين ٽڙيل پکڙيل آھن ڇا DNA جي سھولت انھن سڀني مسلمانن وٽ آساني سان دستياب آھي؟ ڇا ھر ماڻھو DNA ڪرائڻ جي سگھ رکي ٿو؟ 

ائين تہ ٿي نہ ٿو سگھي تہ شھري ۽ امير ماڻھو کي اجازت ڏني وڃي، غريب ۽ ٻھراڙي وارن کي روڪيو وڃي! ڇاڪاڻ تہ قانون جڏھن ٺھندو آھي تہ سڀني لاءِ برابر ھوندو آھي ان ۾ شھري ٻھراڙي، امير ۽ غريب جو فرق نہ ھوندو آھي، ۽ ٻيو تہ DNA جي سھولت بہ ھن دور ۾ ميسر آھي ڇا اڳ ۾ اھا سھولت موجود ھئي؟

جيڪڏھن اسلام  ان جي اجازت ڏئي ڇڏي ھا تہ DNA کان اڳ ۾ صدين کان جيڪي ماڻھو اسلام سان لاڳاپيل رھيا اھي ٻار جو نسب ڪيئن معلوم ڪن ھا تہ ڪھڙي مڙس منجھان ٿيو آھي؟

عورت کي ھڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت ڏيڻ ۾ صرف ٻار جي نسب جو مسئلو ئي ناھي بلڪ ٻيا بہ ڪيترا ئي مسئلا پيدا ٿي پون ھا مثال طور:

1️⃣ جيڪڏهن عورت کي مرد وانگر چار شادين جي اجازت ڏني وڃي ھا ۽ پوءِ جڏھن انکي اولاد پيدا ٿئي ھا تہ اولاد جي لاءِ سڀ کان وڏي ذميداري ان جي پرورش ۽ ڪفالت جي ھوندي آھي تہ پوءِ اھا ذميداري ڪير کڻي ھا؟ جيئن تہ ڪفالت وڏي خرچ جو معاملو آهي جيڪڏھن انهن چئني مردن مان ڪوبہ اھا ذميداري کڻڻ لاءِ تيار نہ ٿئي ھا ۽ ھر ڪو اھو چئي جان ڇڏائي ھا تہ ”مان اھو خرچو ڇو برداشت ڪيان مان ان جو پي ٿورئي آھيان"  تہ پوءِ مجبوراً اھا ذميداري عورت جي مٿان اچي وڃي ھا جيئن اڄڪلھ مغربي معاشري ۾ ھڪ عورت جا ڪيئي بواءِ فرينڊ ھوندا آھن جڏھن ٻار پيدا ٿيندو آھي تہ ان جي پرورش جو ڪو بہ ذمو ناھي کڻندو جنھن ڪري عورت کي ئي ٻار جو سڄو خرچ برداشت ڪرڻو پوندو آھي.

ٿورو سوچيو اسان جي ھن سماج ۾ جاٿي عورت لاءِ اڪيلي گھران نڪري ڪنھن ڪارخاني يا فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ يا نوڪري ڪرڻ ڪيڏو مشڪل آھي ۽ پنھنجي عزت کي بچائڻ ڪيڏو وڏو چيلنج آھي! اتي جيڪڏھن ان مٿان پنجن ٻارن جي پرورش جو بار اچي وڃي ھا تہ ان جي لاءِ ڪيڏيون مشڪلاتون پيدا ٿي پون ھا!

2️⃣ ننڍڙي ٻار کي جيتري ماءُ جي محبت جي ضرورت ھوندي اوتري پيءُ جي شفقت جي بہ حاجت ھوندي آھي جنھن ٻار جو ننڍپڻ ۾ پي فوت ٿي وڃي عموماً ان جي تعليم ۽ تربيت جو صحيح انتظام نہ ٿي سگھندو آھي،

جيڪڏھن عورت کي چار شادين جي اجازت ڏني وڃي ھا ۽ ٻار ڄمڻ کان بعد ڪوبہ مڙس تعيلم ۽ تربيت جو ذمو نہ کڻي ھا تہ اھو ٻار بہ پي جي شفقت سان گڏوگڏ تعليم ۽ تربيت کان بہ محروم رھجي وڃي ھا.

3️⃣  چار شادين جي صورت ۾ ھر مڙس جي خواھش ھجي ھا تہ اڄ گھرواري مون سان رات گذاري ڇو تہ ھر جڳھ تي عورت کي پڙھيل لکيل ۽ سلجھيل مڙس ٿورئي ملن ھا جو پنھنجي پنھنجي واري جو انتظار ڪن ھا!

ٿي سگھي انھي سبب انھن جو پاڻ ۾ جيھڙو بہ ٿي پوي ھا ۽ ڳالھ ھڪ ٻئي کي قتل تائين وڃي پھچي ھا ۽ وچان عورت بہ سَٽجي وڃي ھا!

جيتوڻيڪ اھو مسئلو چار گھروارين سان بہ ٿي سگھي ٿو ليڪن عورتن جي جھيڙي ۽ مردن جي جھيڙي ۾ وڏو فرق ھوندو آھي.

4️⃣ وري جڏھن ڳالھ گھرواري جي خرچ، خوشي ۽ بيماري وغيرہ جي اچي ھا تڏھن بہ ھر مڙس اھي چئي ڪري جان ڇڏائي ھا تہ مان خرچ ڇو ڏيان؟ يا مان ڪپڙا ڇو وٺي ڏيان؟ يا مان علاج ڇو ڪرايان؟ فلاڻو مڙس ڇو نہ ٿو ڏي؟

ائين وچان عورت خوشين، خواھشن ۽ بيمارين ۾ پِسجي وڃي ھا.

ان جي برعڪس اسلام مردن کي جيڪا چئن شادين ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي ان سان مٿي بيان ڪيل مسئلا پيش نہ ايندا ڪھڙي بہ گھرواري مان ٻار ڄمي پي ھڪ ئي ھوندو نسب ۾ ڪا خرابي پيدا نہ ٿيندي نہ وري DNA جي ضرورت پيش ايندي. ھر ٻار جي پرورش جو خرچ انھي مرد مٿان ئي ايندو جنھن کان ھو انڪار نہ ڪري سگھندو ۽ ٻار بہ پي جي محبت، شفقت ۽ پرورش کان محروم نہ رھندا، ۽ گھراورين جي خرچ جو بہ مسئلو پيش نہ ايندو ڇو تہ سڀني جو خرچ ان جي ذمي ئي ھوندو ان ۾ جيڪڏھن ڪوتاھي ڪندو تہ عدالتن ۾ يا پنچائتن ۾ اھو ئي قصور وار ثابت ٿيندو.

بھرحال اسلام زالن جو خرچ ۽ ٻارن جي پرورش ۽ کاڌي پيتي جو سمورو ذمو مرد مٿان لازم ڪري عورت کي ان مشڪلاتن کان بچائي گھر ۾ سڪون سان رھڻ جو موقعو فراھم ڪيو آھي ليڪن مُلحد عورتن کان اھو سڪون ڇِنڻ جي ڪڍ آھن!

اسلام مرد کي هڪ کان وڌيڪ شادين ڪرڻ جي مشروط اجازت ڇو ٿو ڏئي؟

ان ۾ ھڪ حڪمت اھا بہ آھي تہ قدرتي طور تي مرد ۽ عورتون تقريباً برابر تعداد ۾ پيدا ٿيندا آهن ليڪن جديد علمِ طب اسان کي ٻڌائي ٿي تہ ڇوڪرين ۾ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قوتِ مدافعت ھوندي آهي هڪ ڇوڪرئَ ڇوڪري جي مقابلي ۾ جراثيمن ۽ بيمارين جو بهتر مقابلو ڪري سگھي ٿي صحت جي لحاظ کان عورتون مردن کان وڌيڪ صحتمند ھونديون آھن انھي ڪري ننڍپڻ ۾ ئي ڇوڪرين جو تعداد ڇوڪرن کان وڌيڪ ٿي ويندو آھي.

دنيا ۾ جنگيون بہ ٿينديون رھن ٿيون ۽ اسان سڀ ڄاڻون ٿا تہ جنگ جي دوران مردن جي موت جو تعداد عورتن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ھوندو آهي تازو اسان افغانستان ۾ هڪ ڊگهي جنگ ڏٺي سين لڳ ڀڳ 1.5 ملين ماڻهو جنگ دوران مارجي ويا، مارجي ويلن ۽ شھيد ٿيندڙن ۾ اڪثريت مردن جي آھي.

 اھڙي ريت جيڪڏهن توهان حادثن جي اعداد ۽ شُمار جو تجزيو ڪندؤ تہ اوهان کي اهو معلوم ٿيندو تہ حادثن ۾ مرڻ وارن جي اڪثريت پڻ مردن جي ھوندي آهي، منشيات ۾ مرڻ وارن ۾ بہ اڪثر مرد ھوندا آھن.

مٿين مڙني سببن جي نتيجي ۾، دنيا ۾ مردن جي آبادي عورتن جي آباديءَ کان گهٽ آهي.ايشيا ۽ آفريڪا جي چند ملڪن کي ڇڏي باقي دنيا ۾ عورتون جو تعداد  مردن کان وڌيڪ آهي.

جيڪڏھن مردن کي ھڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت نہ ھجي ھا تہ ڪيتريون ئي عورتون بغير شادي جي دنيا ۾ رھجي وڃن ھا!

يقيناً اسلام جا سڀ احڪام انساني فطرت ۽ انجي تقاضن مطابق آھن ۽

ربّ تعاليٰ جي ھر ڪم ۽ حڪم ۾ حڪمتون  ئي حڪمتون آھن جن کي پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجھڻ وارا سمجھڻ کان قاصر آھن. 

فرض ڪيو جيڪڏھن عورت کي چئن شادين جي اجازت ڏني وڃي ۽ ھر مڙس روزانو سيڪس (sex) ڪرڻ چاھي تہ پوءِ ڇا عورت جي صحت برقرار رھي سگھندي؟ انکان علاوہ ايڊز جھڙي خطرناڪ بيماري جو اصل ڪارڻ بہ ھڪ ئي عورت ڪيترن مردن جو سيڪس (Sex) ڪرڻ آھي.

ان مان صاف ظاھر آھي تہ ھڪ عورت کي چار مردن سان شادي جي اجازت نہ طبي اعتبار سان صحيح آهي، نہ مذھب انجي اجازت ڏئي ٿو نہ وري معاشرو انکي قبول ڪري سگھي ٿو.

آخر ۾ ھڪ اھم ڳالھ:

جيڪي مُلحد اعتراض ڪن ٿا تہ اسلام عورتن کي چار شادين جي اجازت ڇو نہ ڏني انھن کان سوال آھي تہ جيڪڏھن توھان اسلام جي ان احڪامن کي نہ ٿا مڃو ۽ سمجھو ٿا تہ اھا عورتن سان زيادتي آھي تہ پوءِ اوھان کي ڪنھن روڪيو آھي پنھنجن گھروارين جي چئن شادين ڪرائڻ کان؟؟؟

پنھنجن زالن کي انھي حق کان ڇو ٿا محروم ڪيو؟؟؟

ڇو نہ ٿا ڪرايو پنھنجن زالن جون ٻہ ٽي ٻيون شاديون؟؟؟

آسان لفظن مطلب پنھجن زالن کي وڌيڪ مڙس ڇو نہ ٿا ڏيو؟؟؟

دُھل دمامن سان ڪرايو پنھجن زالن جون شاديون پوءِ مڃينداسين تہ واقعي اوھان کي عورتن جي حقن جو فِڪُر آھي.  

ھڪ دفعو اھا ڳالھ پنھنجي گھرواري سان ڪري تہ ڏسو🤭

پوءِ گھرواريءَ طرفان جيڪو ري ايڪشن اچي اھو اسانکي بہ ٻڌائجو!

بھرحال جڏھن بہ پنھنجي زال جي شادي ڪرائجو تہ اسان کي بہ دعوت ضرور ڏجو

شادي ڪارڊ اسين مفت ۾ ڇپرائي ڏينداسين جنھن ۾ لکيل ھوندو فلاڻي.......مُلحد خان صاحب جي زال جي شادي خانہ آبادي 😀

جيڪڏھن پنھنجن زالن جي شادي نٿا ڪرائن تہ پوءِ پڪ ڄاڻو انھن کي عورتن جي حقن جي ڪا پرواھ ناھي انھن جو مقصد صرف ۽ صرف اسلام ۽ اسلامي احڪامن جي مخالفت ڪرڻ آھي، ليڪن انھن کي ياد رکڻ گھرجي تہ اسلام اھا مضبوط چَٽان آھي جنھن بہ انکي ڀُورڻ جي ڪوشش ڪئي اھي پاڻ ڀُورا ڀُورا ٿي ويا.

 اسلام ڪلھ بہ زندھ باد ھو اڄ بہ زندھ باد آھي ۽ ان شاء اللہ قيامت تائين زندھ رھندو.

نوٽ: اڄ کان بعد جيڪو بہ ملحد عورتن جي چئن شادين جي ڳالھ ڪري انکان اھو ضرور پڇجو تہ تون پنھنجي زال جي ٻي شادي ڪڏھن ٿو ڪرائين؟؟؟

(ڪتاب "اونداھي ۾ سوجھرو" صفحو:252 کان 258)

✍️............ابو طلحہ سنڌي