جامي چانڊيو جي ٻھروپي
جامي چانڊيو جي ٻھروپي
سنڌ جي مشھور دانشور جامي چانڊيو صاحب جو ھڪ ڪلپ ٻڌڻ جو موقعو مليو جنھن ۾ ھن ٻين ڳالھين سان گڏوگڏ ھڪ ڳالھ اھا بہ ڪئي تہ اسين نبي سائين ۽ انھن جي تعليمات جو احترام ڪيون ٿا ليڪن اسلام جي سياسي فتوحات کي تسليم نہ ٿا ڪيون... پھرين ڳالھ تہ جامي صاحب نبي ڪريم صلي اللہ عليہ وسلم جن جي تعليمات جي احترام جي ڳالھ تہ ڪئي ليڪن انکي مڃڻ جي ڳالھ نہ ڪيائين ڇاڪاڻ تہ اھڙا جملا عموماً غير مسلم يا ھڪ مذھب وارا ٻئي مذھب وارن لاءِ استعمال ڪندا آھن تہ اسان فلاڻي مذھب يا مذھبي رھنماء جو احترام ڪيون ٿا مطلب انھن جي تعليمات کي مڃون تہ نٿا ليڪن انھن جو احترام آھي.. ھاڻي جامي صاحب پاڻ ئي ان جي وضاحت ڪري سگھي ٿو تہ ھوءَ اسلام جي تعليمات جو صرف احترام ٿو ڪري يا انکي تسليم بہ ڪري ٿو ڇاڪاڻ تہ مسلمان ٿيڻ لاءِ صرف احترام ڪافي ناھي ھوندو اسلامي احڪامن ۽ عقيدن کي غير مشروط طور مڃڻ ضروري ھوندو آھي.. ٻي ڳالھ جامي صاحب فرمايو تہ اسين اسلام جي سياسي فتوحات کي تسليم نٿا ڪيون... جامي صاحب سياسي فتوحات چئي جنھن جو انڪار پيو ڪري اھو اسلام جو ھڪ اھم رڪن جھاد آھي جنھن جي باري ۾ قرآن ۽ حديث ۾ واضح احڪام موجود آھن ان جو مطلب اھو ٿيو تہ جامي صاحب اسلام جي جھاد واري تصور کي تسليم نٿو ڪري ڇاڪاڻ تہ ھن اھا ڳالھ ڪنھن خاص جنگ يا فتح جي تناظر ۾ ناھي ڪئي جو اھو چئي سگھجي تہ ھو محمد بن قاسم يا بعد جي حڪمرانن جي فتوحات کي سياسي فتوحات پيو ڪوٺي بلڪ ھن اھا ڳالھ مطلقاً بغير قيد جي ڪئي آھي جنھن مان اھو ئي تاثر ملي ٿو تہ ھو مڪمل اسلامي جھاد ۽ ان جي ذريعي ڪيل فتوحات کي سياسي فتوحات سمجھي ٿو پوءِ کڻي اھو جھاد ۽ فتوحات زمانہ رسالت جون ھجن يا خلفاءِ راشدين جي دور جون.. ۽ ھي ڪنھن بہ شي جي انڪار جو چالاڪي وارو طريقو آھي جو نالو تبديل ڪري ان جو انڪار ۽ ان مٿان تنقيد ڪجي ھي اھو ئي طريقو آھي جيڪو جي ايم سيد بہ اپنايو ھن بہ براہ راست اسلامي احڪامن ۽ عقيدن جو انڪار ۽ تنقيد ڪرڻ بدران انھن کي ملان جي دين جو نالو ڏيئي انھن مٿان ڇتي تنقيد ڪئي آھي تہ جيئن ڪو اعتراض ڪري تہ چئي سگھجي تہ اسان اسلام تي تنقيد ٿورئي ڪئي آھي اسان تہ ملان جي دين تي تنقيد ڪئي آھي.. اھو ساڳيو طريقۂ واردات جامي صاحب جو بہ آھي جو ھو بہ جھاد جو نالو کڻي انڪار ڪرڻ بدران سياسي فتوحات چئي ڪري ان جو انڪار پيو ڪري.. 

خوب پردہ ہے کہ چلمن سے لگے بیٹھے ہیں،
صاف چھپتے بھی نہیں سامنے آتے بھی نہیں۔

 ليڪن نالو تبديل ڪرڻ سان حقيقت تبديل ناھي ٿيندي جيئن حديث پاڪ ۾ آھي تہ منھنجي امت جو ھڪ گروھ شراب جو نالو تبديل ڪري انکي حلال سمجھندو... اڄڪلھ رشوت وٺڻ وارو بہ رشوت کي مٺائي جو نالو ڏيئي رشوت ٿو گھري.. وياج خور وياج کي ڪاروبار چئي ڪري وياج ٿو وٺي.. زنا کي پيار جو نالو ڏيئي انکي اپنايو پيو وڃي. ڇا نالو تبديل ڪرڻ سان اھي سڀ ڪم جائز ٿي ويندا؟؟؟

 حقیقت چھپ نہیں سکتی بناوٹ کے اصولوں سے۔
 انھي ساڳي ويڊيو ڪلپ ۾ جامي صاحب ارباب نيڪ محمد تي تنقيد ڪندي چئي ٿو تہ اختلاف ٿيندا رھندا آھن ھڪ ٻئي جي موقف جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ مخالف جي موقف کي بہ ٻڌڻ گھرجي ليڪن پنھنجي حالت اھا اٿس جو مون سميت ڪيترن دوستن کي اختلاف ڪرڻ سبب ڪافي عرصي کان پنھنجي آئي ڊي تان بلاڪ ڪري رکيو اٿس ۽ يعني ھڪ طرف اھا دعوا وري ٻئي طرف اختلاف رکڻ وارن کي بلاڪ....ھاڻي جامي صاحب پاڻ ئي ٻڌائي تہ انکي ڪھڙو نالو ڏجي؟؟؟

 آپ خود ہی اپنی اداؤں پر غور کریں،
 ہم کہیں گے تو شکایت ہوگی۔ 

✍️........ ابو طلحہ سنڌي