سنڌي قوم پرستن سان مذھبي طبقي وارن جي اختلاف جا ڪارڻ ڪھڙا آھن؟
سنڌي قوم پرستن سان مذھبي طبقي وارن جي اختلاف جا ڪارڻ ڪھڙا آھن؟

سنڌي قوم پرستن طرفان عالمن ۽ مذھبي طبقي وارن مٿان اھو اعتراض ڪيو ويندو آھي تہ پٺاڻ ۽ بلوچ قوم پرست تنظيمن سان اتان جا مقامي عالم قومي اشوز تہ انھن جو ساٿ ڏين ٿا ليڪن سنڌ جا عالم ۽ مذھبي ماڻھو قومي اشوز تي سنڌي قوم پرستن جو ساٿ ڇو نہ ٿا ڏين؟؟؟
جواب: 
اسان جو توھان سان اختلاف جو بنيادي ۽ سڀ کان وڏو سبب توھان جو دينَ مخالف رويو آھي.
عالمن ۽ مذھبي ماڻھن تي ٽوڪ ۽ ٺٺول ڪرڻ آھي.
اسلامي عقيدن، احڪامن ۽ رسمن جو مذاق اڏائڻ ۽ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ آھي.
اسلام ۽ مقدس ھستين جي توھين ڪرڻ وارن جو دفاع ۽ سپورٽ ڪرڻ آھي.
ھندن جي ڪنھن مذھبي عقيدي يا رسم جي مخالفت ٿئي ٿي تہ توھان سراپا احتجاج بڻجي ويندا آھيو ليڪن اسلام جي مقدس ھستين جي توھين مھل توھان جي مٿي تي جُون بہ ناھي چرندي آخر ڇو؟؟؟ اڃا بہ اھڙن گستاخن جا ڀرجھلا ٿي بيھندا آھيو آخر ڇو؟؟؟
ٿوروسوچيو

⁦⬅️⁩ ساجدَ سومري جڏھن سري عام سوشل ميڊيا تي اسلامَ ۽ مقدس ھستين خلاف زبان درازي ڪئي ھئي تہ ان مھل ان کي سنڌ جو شعور ۽ دانشور چئي سندس دفاع ڪنھن ڪيو ھو؟

⁦⬅️⁩عارفانہ ملاحَ جنھن ناموسِ رسالت جي قانون کي ڪارو قانون چيو ھو ان جي دفاع ۾ سڀ کان اڳڀرا ڪير ھئا؟

⬅️ امر جليل جڏھن اللہ تعاليٰ جي شان ۾ نازيبا لفظ ڳالھايا ھئا ان مھل ان جو دفاع ۽ حمايت ڪنھن ڪئي ھئي؟

⬅️ ھينئر بہ خليل چانڊيي جنھن اللہ جي نبي حضرت ابراھيم عليہ السلام خلاف غليظ زبان استعمال ڪئي آھي تہ ان جو دفاع ڪير پيو ڪري؟؟؟
 
⁦⬅️⁩ڇا توھان اھو ٻڌائي سگھندؤ تہ اسلام جھڙي آفاقي ۽ عالمگير مذھب کي صرف عربن جو مذھب چئي ڪري مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ وارا ڪير آھن؟؟؟

⬅️⁩مسلمانن ۾ شريعت محمدي جي مقابلي ۾ شريعت لطيفي کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنھن ڪئي ھئي؟؟؟

⁦⬅️⁩سوشل ميڊيا تي سري عام قاديانن کي حقيقي مسلمان باقي سڀني مسلمانن کي دھشت گرد چوڻ وارن جو تعلق ڪنھن سان آھي؟؟؟

⁦⬅️⁩قرآن پاڪ کي چوڏھن سؤ سالَ پراڻن خيالن جو مجموعو چوڻ وارا ڪير آھن؟؟؟

⬅️ اسلام ۽ قرآن کي نامڪمل دين ۽ نامڪمل ڪتاب چوڻ وارو ڪير آھي؟؟؟

⁦⬅️⁩اسلام کي انسان دشمن ۽ عورت دشمن چوڻ واري مخلوق ڪھڙي آھي؟؟؟

⁦⬅️⁩اسلام کي لٽيرن جو مذھب چوڻ وارا ڪير آھن؟؟؟

⁦⬅️⁩منھنجو جسم منھنجي مرضي واري فحش نعري کي غيرتمند سنڌي قوم ۾ پروموٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪير پيو ڪري؟؟؟

⁦⬅️⁩سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻولي ۾ جيڪو باقاعدہ اسلام خلاف پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي انھن مان اڪثر جو تعلق ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان آخر قوم پرست تنظيمن سان ڇو آھي؟؟؟

⁦⬅️⁩ديني مدرسن کي چڪلا ۽ فحاشي جا اڏا چوڻ وارا ڪير آھن؟؟؟

مڃون ٿا تہ سڀ مولوي کير جا ڌوتل ناھن مدرسن ۾ بہ ڪجھ مولوي غليظ حرڪتون ڪندي پڪڙيا ويا آھن ليڪن اھڙن غليظ انسانن جي اسان سڀني نہ صرف مخالفت ڪئي آھي بلڪ ھميشہ کين سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪندا رھيا آھيون... ليڪن ان جي باوجود انھن چند غليظ انسانن جي ڪري سڀني مدرسن کي جاٿي قرآن ۽ حديث جو درس ڏنو ويندو آھي فحاشي جا اڏا چوڻ ڪٿان جي اخلاقيات آھي؟؟؟
ڇا ڪنھن مسلمان کي قرآن جي درسگاھن خلاف اھڙا گھٽيا لفظ استعمال ڪرڻ ذيب ڏين ٿا؟؟؟
توھان پاڻ اھڙيون حرڪتون ڪري، مذھب مخالف رويا رکي، سنڌي قوم جي وحدت کي تار تار ڪيو آھي ۽ مذھبي طبقي سان ويڇا وڌايا آھن.
توھان ڪڏھن بہ مذھبي طبقي کي پنھنجائپ جو احساس ئي ناھي ڏياريو
توھان ڪڏھن بہ انھن کي پنھنجو سمجھيو ئي ناھي...
باب الاسلام جيڪو اسان جي سنڌ ڌرتي جو خوبصورت اعزازي لقب آھي ڇا توھان پنھنجن تحريرن ۽ تقريرن ۾ سنڌ جي لاءِ اھو لقب استعمال ڪندا آھيو؟؟؟
ڪڏھن بہ نہ
آخر ڇو؟؟؟
پنھنجن تحريرن ۽ تقريرن ۾ سنڌ کي باب الاسلام چوڻ ۾ توھان کي آخر ڪھڙي رڪاوٽ آھي؟؟؟
آپ ہی اپنی اداؤں پہ ذرا غور کریں
ہم اگر عرض کریں گے تو شکایت ہوگی
جن قومن جا توھان مثال پيا ڏيو ڇا انھن جي قوم پرست اڳواڻن ڪڏھن مذھب ۽ مذھبي طبقي سان اھڙو رويو رکيو آھي؟؟؟
انھن ڪڏھن پنھنجي قوم جي مذھب سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي آھي؟؟؟
انھن ڪڏھن گستاخن جو دفاع ڪيو آھي؟؟؟
ڪو ھڪ مثال پيش ڪيو جنھن ۾ اتان جي قوم پرست اڳواڻن اسلام جي عقيدن، احڪامن، رسمن يا مقدس ھستين تي ڪنھن بہ قسم جا ڪا تنقيد يا طنز ڪئي ھجي؟ يا مذھبي معاملن ۾ ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ھجي؟
ڪڏھن بہ نہ ٿا ڏيکاري سگھو... تڏھن تہ اتان جا عالم انھن سان گڏ بيٺل آھن..
توھان بہ جيڪڏھن پنھنجو مذھب مخالف رويو تبديل ڪيو ۽ اھو اعلان ۽ وچن ڪيو تہ اڄ کان پوءِ جيڪو بہ شخص ڪنھن بہ مذھب يا مقدس ھستي جي توھين ڪندو ان جو اسان جي تحريڪ سان ڪنھن بہ قسم جو ڪوبہ واسطو يا تعلق نہ رھندو ۽ اسان ڪڏھن بہ ۽ ڪنھن بہ مذھب سان نہ پاڻ ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪنداسين نہ وري ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙن جو ڪنھن بہ طرح سان ساٿ ڏينداسين ۽ نہ وري ڪڏھن اھڙي ماڻھو کي برداشت ڪنداسين ۽ مذھبي مقدس ھستين تي حملو سنڌ ڌرتي تي حملو تصور ڪيو ويندو!
توھان صرف ھڪ دفعو اھو اعلان ڪيو پوءِ ڏسو ڪيئن ٿا لکين سنڌي قومي اشوز تي توھان سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھن..
ھينئر توھان سان بمشڪل 5 فيصد سنڌي گڏ بيٺل ھوندا اھڙي اعلان کان بعد باقي 95 فيصد سنڌي ۽ سڄو مذھبي طبقو بہ توھان سان سنڌ جي ڪنھن بہ مسئلي تي توھان سان گڏ بيٺل ھوندو!
پوءِ ڀلي سنڌوديش ٺھي يا نہ ٺھي ليڪن ڪو بہ مائي جو لال سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙا نہ ھڻي سگھندو
جنھن ڏينھن توھان کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ان ڏينھن کان سنڌ جا مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿي ويندا.
پر جيڪڏھن ائين نہ ٿيو ۽ توھان پنھنجي روش تي قائم رھيا ۽ توھان جو مذھب مخالف رويي ۾ ڪا تبديلي نہ آئي تہ پوءِ ياد رکجو جيڪا 95 فيصد سنڌي قوم مذھب پسند آھي ۽ پنھنجي دين ۽ مقدس ھستين سان پنھنجي جان کان وڌيڪ محبت ڪري ٿي اُن ۾ ڪڏھن بہ اھا اميد نہ رکجو تہ دين جي توھين ڪندڙ يا توھين ڪندڙن جي حمايت ڪرڻ وارن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھندي ڇاڪاڻ تہ سنڌي قوم سڀ ڳالھيون برداشت ڪري سگھي ٿي پر ٻن ڳالھين تي ڪڏھن بہ ڪمپرومائيز نہ ٿي ڪري سگھي..
ھڪ پنھنجي دين تي
ٻيو پنھنجي ثقافت تي

✍️........... ابو طلحہ سنڌي