![]() |
| اسلام تي ٿيندڙ اعتراضن جا جواب |
اعتراض نمبر3:
جڏھن توھان پاڻ ئي چئو ٿا ته اللہ تعاليٰ جسم وغيرہ کان پاڪ آھي ۽ ھو اسان انسانن وانگر جسم نه ٿو رکي ته پوءِ ان جي لاءِ مذڪر جو صيغو ڇو ٿا استعمال ڪيو ڇا خدا مرد آھي؟
جواب: ڪنھن به شيءِ جي لاءِ مذڪر يا مؤنث جو صيغو استعمال ڪرڻ ٻولين جي لوازمات منجھان آھي ان جو حقيقت سان ڪو تعلق ڪونھي مثال طور: سج لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر جو صيغو استعال ٿيندو آھي جيئن اسين چوندا آھيون ”سج اڀريو“ ليڪن عربي ٻوليءَ ۾ سج جي لاءِ گھڻو ڪري مؤنث جو صيغو استعمال ڪيو ويندو آھي يعني عرب چوندا آھن ”طَلَعَتِ الشَّمۡسُ“ طلعت مؤنث جو صيغو آھي.
اھڙيءَ طرح اردو ۾ ڪتاب جي لاءِ مؤنث صيغو استعمال ٿيندو آھي "ميري ڪتاب" جڏھن ته سنڌي ۾ اسان ان جي لاءِ مذڪر جو صيغو استعمال ڪندا آھيون ”منھنجو ڪتاب“ اھڙيءَ طرح دل اردو ۾ مذڪر استعال ٿيندي آهي ۽ روح مونث، مثلاً اردو ۾ چيو ويندو آهي ” ميرا دل اور ميري روح“ جڏهن ته سنڌي ۾ انجي برعڪس دل مونث ۽ روح مذڪر استعال ٿيندو آهي، ”منهنجي دل ۽ مهنجو روح“ اھڙا ڪيترا ئي مثال آھن.
ھاڻي سج، ڪتاب، دل ۽ روح حقيقت ۾ نه مذڪر آھن نه وري مؤنث، ڇو ته انھن ۾ نه مذڪر جون ڪي خاصيتون ۽ علامتون آھن ۽ نه وري مؤنث جون، اھي ته ٻولين جا مختلف شين کي مختلف صيغن سان تعبير ۽ بيان ڪرڻ جا طريقا آھن.
اھڙيءَ طرح اللہ تعاليٰ جي ذات به في نفسہ نه مذڪر آھي نه وري مؤنث، ڇو ته تذڪير ۽ تانيث جنسيت جون علامتون هونديون آهن ۽ الله تعاليٰ جنسيت کان پاڪ آهي ليڪن اللہ تعاليٰ جي لاءِ ان ٻنھي صيغن مان ڪو ھڪ صيغو ته استعمال ڪرڻو ھو ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شيءِ کي بيان ڪرڻ لاءِ هر ٻوليءَ ۾ اهي ٻه صيغا ئي استعال ٿيندا آهن هڪڙو مذڪر جو ٻيو مونث جو، لُغوي اعتبار سان مذڪر جو صيغو مؤنث جي صيغي جي مقابلي ۾ وڌيڪ شرف وارو سمجھيو ويندو آهي، جيئن علمِ نحو جي امام، امام سيبويہ جو قول آھي ته، ” مذڪر جو صيغو افضل ۽ شرف وارو آھي ڇاڪاڻ ته مذڪر ۽ مؤنث جي صيغن مان اصل مذڪر جو صيغو آھي ڇو ته مؤنث جو صيغو مذڪر جي صيغي مان ئي ٺھندو آھي“
اللہ تعاليٰ جي ذات به سڀ کان وڌيڪ شرف ۽ عزت واريءِ آھي تنھن ڪري ان جي لاءِ شرف وارو صيغو استعمال ڪرڻ ئي مناسب ۽ بھتر آھي. بالفرض جيڪڏھن اسين الله تعاليٰ لاءِ مؤنث جو صيغو استعمال ڪيون ھا تڏھن به انهن ملحدن جو ساڳيو اعتراض ھجي ھا ته مؤنث جو صيغو ڇو ٿا استعمال ڪريو؟ خدا مؤنث آھي ڇا؟ (معاذ اللہ) ڇو ته انهن جو مقصد صرف اسلام ۽ مسلمانن تي اعتراض ڪرڻ هوندو آهي.
(ڪتاب اونداھي ۾ سوجھرو صفحو: 171 کان 172 )
✍️.......... ابو طلحہ سنڌي

0 تبصرے