جيڪڏھن اللہ تعالي موجود آھي تہ ڪھڙيءَ جڳھ تي آھي؟ شڪل ۽ صورت ڪيئن اٿس؟ نظر ڇو نہ ٿو اچي؟

سلسلو سلام تي ٿيندڙ اعتراضن جا جواب

اعتراض نمبر 2:

جيڪڏھن اللہ تعالي موجود آھي تہ ڪھڙيءَ جڳھ تي آھي؟ شڪل ۽ صورت ڪيئن اٿس؟ نظر ڇو نہ ٿو اچي؟

جواب: انھن سوالن جي جواب ڄاڻڻ کان پهرين الله تعاليٰ جي باري ۾ ڪجھ بنيادي اسلامي عقيدا سمجھڻ ضروي آھن جنهن کان بعد جواب سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي.

الله تعاليٰ جي باري ۾ اسلامي عقيدا:

۞ اسلامي نظريي ۽ عقيدي مطابق اللہ تعاليٰ هڪ آهي ڪو بہ ان جو شريڪ نہ آهي، نہ ذات(Personality) ۾، نہ صفتن (Qualities) ۾، نہ افعال ۾ نہ احڪام ۾، نڪي اسماء (نالن) ۾، هو واجب الوجود آھي يعني ان جو وجود ضروري آهي ۽ عدم (موجود نہ ھجڻ) محال (ناممڪن) آھي قديم ۽ ابدي آھي يعني ھميشه کان آھي ۽ ھميشه رھندو ان جي ڪابہ ابتداء يا انتھا نہ آھي.

۞ اللہ تعاليٰ جي ذات ۽ سندس صفتن کان علاوہ باقي سڄو جھان حادث آھي يعني ھميشہ کان ناھي بعد ۾ تخليق ڪيو ويو.

۞ اللہ تعاليٰ جي ذات ۽ صفتن کي قديم ۽ سڄي جھان کي حادث مڃڻ اسلام جي بنيادي عقيدن منجھان ھڪ عقيدو آھي جيڪڏھن ڪو شخص اللہ تعاليٰ کي قديم نہ ٿو مڃي يا ڪائنات جي ڪنھن ٻي شيءِ کي بہ قديم ڄاڻي ٿو ته اسلام ۾ اھو عقيدو ڪفريه آھي.

۞ اسان پنھنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ جسم جا محتاج آھيون جيڪو گوشت، چرٻي ۽ ھڏن وغيرہ جو مجموعو آھي، ڏسڻ لاءِ اک، ٻڌڻ لاءِ ڪن ڳالھائڻ لاءِ زبان ۽ سوچڻ لاءِ عقل جا محتاج آھيون ليڪن اللہ تعاليٰ موجود تہ آھي ليڪن ھو پنھنجي وجود ۾ جسم جو محتاج ناھي، ھر شيءِ کي ڏسو ٿو ليڪن ڏسڻ لاءِ اک جو محتاج ناھي، ٻڌي ٿو ليڪن ٻڌڻ لاءِ ڪن جو محتاج ناھي ڪلام فرمائي ٿو ليڪن ان لاءِ زبان جو محتاج ناھي ارادو فرمائي ٿو ليڪن ان لاءِ عقل جو محتاج ناھي ھو انھن سڀني شين کان پاڪ ۽ بي پرواھ آھي اهڙيءَ طرح اللہ تعاليٰ مڪان کان بہ پاڪ آھي يعني اللہ تعاليٰ جو وجود ڪنھن جڳھ يا مڪان جو محتاج نہ آهي.

۞ اللہ تعاليٰ جي ذات جو تصور بہ ممڪن ناھي ڇو تہ تصور لاءِ مثل جو هجڻ ضروري هوندو آھي يعني مثل ذريعي ئي ڪنھن شيءِ جو تصور ڪري سگھجي ٿو مثال طور: جيڪڏھن توھان مونکي ڪنھن اھڙي مينار جي باري ۾ ٻڌايو جيڪو مون اڳ ۾ ڪڏھن نہ ڏٺو ھجي تہ فوري طور منھنجي ذھن ۾ ھڪ اھڙي مينار جو تصور ايندو جيڪو منھنجو اڳ ۾ ڏٺل ھوندو ۽ مان ان ڏٺل مينار جي صورت ذريعي ئي انکي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندس پر جيڪڏهن توهان مونکي ڪنهن اهڙي شيءِ جي باري ۾ ٻڌايو جنهن جو ڪو مثل ئي مون نہ ڏٺو هجي تہ پوءِ ان جو تصور ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن نہ ٿي سگهندو ان مان معلوم ٿيو تصور لاءِ مثل ضروري آھي ۽ اللہ تعاليٰ جو ڪو مثل ئي ناھي جيئن قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي.

لَیْسَ کَمِثْلِہِ شَیءٌ

ترجمو: ھُن جي مثل ڪا شيءِ ناھي.

(سورۃ الشورٰی آيت: 11)

هاڻي اچون ٿا اعتراض ۾ ڪيل سوالن جي جوابن جي طرف:

جيڪڏهن الله تعالي آھي تہ ڪھڙي جڳھ تي آھي؟

اسلامي عقيدي مطابق الله تعاليٰ کي پنھنجي وجود لاءِ ڪنھن مڪان (جڳھ) جي ضرورت ئي ناھي (جيئن مٿي عقيدي نمبر 4 ۾ بيان ڪيو ويو آهي) ڇاڪاڻ ته مڪان خود مخلوق يعني الله تعاليٰ جي پيدا ڪيل شيءِ آھي ۽ الله تعاليٰ پنھنجي پيدا ڪيل شيءِ جو محتاج نہ ٿو ٿي سگھي جيئن دنيا ۾ ڪو انسان جڏھن ڪنھن شيءِ کي ايجاد ڪندو آھي تہ پنھنجي وجود ۾ ان شيءِ جو محتاج ناھي ھوندو ۽ اُھا ايجاد ڪيل شيءِ ھجي يا نہ ھجي ان سان ان جي مُوجِد (ٺاھيندڙ) جي وجود تي ڪو فرق ناھي پوندو، مثلا: جنهن ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو اهو دنيا ۾ پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ ڪمپيوٽر جو محتاج نہ هو جيڪڏهن هو ڪمپيوٽر ايجاد نہ ڪري ها تڏهن بہ دنيا ۾ عام ماڻهن وانگر زندھ رهي ها ان جي وجود تي ڪو فرق نہ پوي ها اهڙيءَ طرح جنهن جهاز ايجاد ڪيو اهو بہ پنهنجي وجود ۾ جهاز جو محتاج نہ هو.

جڏھن انسان دنيا ۾ پنھنجي ايجاد ڪيل شيءِ جو محتاج ناھي تہ پوءِ اللہ تعاليٰ پنھنجي پيدا ڪيل شيءِ مڪان جو محتاج ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟

جيڪڏهن اللہ تعاليٰ جي وجود لاءِ مڪان (جڳھ) کي ضروري مڃجي ۽ اھو عقيدو رکجي تہ خدا تعاليٰ بہ اسان وانگر پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ زمين يا ڪنھن ٻي جڳھ جو محتاج آهي ته پوءِ زمين يا اُن جڳھ کي بہ قديم مڃڻو پوندو ڇو تہ جڏھن الله تعاليٰ قديم يعني ھميشہ کان آھي تہ پوءِ لازمي طور اھا جڳھ بہ قديم ھوندي جنھن ۾ هو هميشہ کان موجود آھي. ھينئر مٿي عقيدي نمبر 3 ۾ مان وضاحت ڪري چڪو آھيان تہ اللہ تعاليٰ جي ذات ۽ سندس صفتن کانسواءِ ڪنھن بہ شيءِ کي قديم مڃڻ اسلامي نظريي مطابق ڪفر آھي.

ضروري وضاحت: ھتي ھڪ سوال پيدا ٿو ٿئي ته جڏھن اللہ تعاليٰ مڪان کان پاڪ آھي تہ پوءِ اسان جو چوندا آھيون تہ اللہ تعاليٰ ھر جڳھ تي موجود آھي پوءِ انجو مطلب ڇا آھي؟ ان جو مطلب اھو ھرگز ناھي تہ ڪو الله تعاليٰ جسماني لحاظ سان ھر جڳھ تي موجود آھي هرگز نہ، بلڪ ان جو مطلب اهو آھي تہ ھو پنھنجي علم، قدرت، تصرف ۽ پنھنجن صفتن جي اعتبار سان ھر جڳھ تي موجود آھي يعني ان جو علم، تصرف، ۽ قدرت وغيره هر جڳھ تي آهي.

شڪل ۽ صورت ڪيئن اٿس؟ ۽ نظر ڇو نہ ٿو اچي؟

ان جو جواب اھو آھي تہ شڪل ۽ صورت جسم جا وصف آھن ۽ اللہ تعاليٰ جو جسم ناھي ڇاڪاڻ تہ جڏھن ڪنھن شيءِ جو جسم ھوندو آھي تہ اُھا ڪنھن نہ ڪنھن جڳھ ۾ سمايل ھوندي آھي ۽ ان جڳھ جي احاطي (گهيري) ۾ ھوندي آھي ۽ اللہ تعاليٰ جي ذات جو ڪو بہ احاطو نہ ٿو ڪري سگھي اھو ئي سبب آھي جو اسلامي نظريي مطابق اللہ تعاليٰ کي دنيا ۾ زمين يا ڪنهن ٻي جڳھ ۾ رھي ڪري ڪو بہ ڏسي نہ ٿو سگھي ڇو تہ ڪنھن شيءِ کي ڏسڻ لاءِ لازمي آھي تہ اُھا شيءِ ڪنھن جڳھ ۾ ھجي، ڪنھن مڪان جي احاطي (گهيري) ۾ ھجي ۽ انساني اک بہ ان جو احاطو ڪري سگهي ۽ اللہ تعاليٰ جي ذات جو ڪا بہ جڳھ يا اک احاطو نہ ٿي ڪري سگھي جيئن قرآن پاڪ ۾ اللہ تعاليٰ پنهنجي باري ۾ فرمايو:

لَا تُدْرِكُهُ الْأَبْصَارُ وَهُوَ يُدْرِكُ الْأَبْصَارَ

ترجمو: نگاھون ان جو احاطو نہ ٿيون ڪري سگھن ليڪن سڀ نگاھون ان جي احاطي ۾ آھن.
(سورة  الانعام آيت: 103)

اھوئي سبب ھو جو جڏھن موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام دنيا ۾ ديدار لاءِ عرض ڪيو تہ کيس منع ڪيو ويو ۽ پنھنجي محبوب کي ديدار لاءِ بہ لامڪان تي گھرايائين جاٿي ڪو مڪان نہ ھو، نہ وري ڪا جھت ۽ طرف ھو، نہ اوڀر، نہ اولھ، نہ اتر، نہ ڏکڻ، نہ ھيٺ، نہ مٿي، نہ ساڄي، نہ کاٻي. اھو ديدار ڪيئن ٿيو؟ يا جنت ۾ اللہ تعاليٰ جنتين کي ديدار ڪيئن ڪرائيندو؟ ان جي ڪيفيت کي ڪو بيان نہ ٿو ڪري سگھي نہ وري دنيا ۾ ان ڪيفيت کي ڪو سمجھي سگھي ٿو.

بهرحال اللہ تعاليٰ جي ذات جو عقل جي ذريعي ادراڪ انسان لاءِ ممڪن ناھي بلڪ ان جي صفتن جي ذريعي ئي معرفت حاصل ڪري سگھجي ٿي انھيءَ ئي سبب حديث پاڪ ۾ اللہ تعاليٰ جي ذات جي باري ۾ غور ۽ فڪر کان روڪيو ويو آھي.

حديث: تَفَكَّرُوْا فيْ آلآءِ اللهِ، وَلاَ تَفَكَّرُوْا فيْ ذَاتِ الله ِفَتَهْلِکُوْا

يعني: اللہ تعالي جي نعمتن ۾ غور ۽ فڪر ڪيو ان جي ذات ۾ تفڪر نہ ڪيو نہ تہ برباد ٿي ويندو.

(کنزاالعمال حديث :5702)

اِنھن سڀني ڳالھين جو خلاصو ھي آھي تہ جنھن شيءِ تائين عقل پھچي اھا خدا ناھي ۽ جيڪو خدا آھي ان تائين عقل جي پھچ ناھي. ليڪن ان جو مطلب اھو بہ ھرگز ناھي تہ عقل استعمال ئي نہ ڪجي ايئن بلڪل بہ ناھي، عقل کي اللہ تعاليٰ جي قدرت، صفتن ۽ نعمتن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ ۾ ضرور استعمال ڪجي ڇو تہ ايئن ڪرڻ سان ان جي ذات جي سڃاڻپ حاصل ٿئي ٿي ۽ ان ڳالھ جو تہ قرآنِ پاڪ ۾ بار بار حڪم ڏنو ويو آھي جيڪو شخص اللہ تعاليٰ جي نعمتن، صفتن ۽ قدرت ۾ تعصب کان بالاتر ٿي ڪري غور و فڪر ڪندو تہ ان جو عقل بہ گواھي ڏيندو تہ يقيناً ھن جھان کي پيدا ڪرڻ واريءَ ڪا ھستي ضرور آھي ۽ انکي معرفتِ الاھي ضرور حاصل ٿيندي.

(ڪتاب اونداھي ۾ سوجھرو صفحو: 166 کان 171 )

✍️.......... ابو طلحہ سنڌي