جيڪڏھن ھي ڪائنات الله تعاليٰ پيدا ڪئي آهي ته پوءِ اللہ تعاليٰ کي ڪنهن پيدا ڪيو آھي؟

جيڪڏھن ھي ڪائنات الله تعاليٰ پيدا ڪئي آهي ته پوءِ اللہ تعاليٰ کي ڪنهن پيدا ڪيو آھي؟


سلسلو اسلام تي ٿيندڙ اعتراضن جا جواب

اعتراض نمبر1:

جيڪڏھن ھي ڪائنات الله تعاليٰ پيدا ڪئي آهي ته پوءِ اللہ تعاليٰ کي ڪنهن پيدا ڪيو آھي؟

جواب: توھان جو ھي سوال ڪرڻ ئي اسلام ۽ نبي ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي سچائي جو واضح دليل آھي ڇو تہ پاڻ سڳورا چوڏھن سو سال اڳ ۾ ئي اهو ٻڌائي ويا تہ اھڙو سوال اوھان کان ٿيندو جيئن حديث پاڪ ۾ اچي ٿو پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو:

لَنْ يَبْرَحَ النَّاسُ يَتَسَاءَلُوْنَ حتَّى يَقُوْلُوْا: هٰذَا اللَّهُ خَالِقُ كُلِّ شيءٍ، فمَنْ خَلَقَ اللَّهَ.

ترجمو: ماڻھو سوال ڪندا رھندا ايستائين جو اھو به چوندا ته الله ھر شيءِ پيدا ڪئي آھي ته پوءِ الله کي ڪنھن پيدا ڪيو آھي؟                                  (بخاري حديث:7296 _مسلم حديث:136)

ھن حديثِ پاڪ ۾ ڪيل اڳڪٿي ۾ ملحدن جي ترديد سان گڏوگڏ پاڻ سڳورن صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو علمي معجزو پڻ آھي جيڪو چوڏھن سو سال بعد اڄ سچ ثابت ٿي رھيو آھي بهرحال هاڻي اچون ٿا سوال جي جواب جي طرف.

يقيني طور ھر شيءِ کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي ۽ هر مخلوق جي لاءِ خالق جو ھجڻ ضروري آھي ليڪن اللہ تعاليٰ ته مخلوق آھي ئي ڪونه، بلڪ پاڻ ئي خالقِ حقيقي آھي ۽ خالقِ حقيقي جو ڪو به خالق (پيدا ڪندڙ) ناھي ھوندو.

جيڪڏھن خالقِ حقيقي جو به ڪو خالق تسليم ڪجي ته پوءِ سوال پيدا ٿيندو ته اُن ٻئين خالق کي ڪنھن پيدا ڪيو؟ وري ان ٻئين جو به ڪو ٽيون خالق مڃجي ته سوال پيدا ٿيندو اھو ٽيون ڪٿان کان آيو؟ وري جيڪڏھن ان ٽئين خالق لاءِ ڪو چوٿون خالق تسليم ڪجي ته پوءِ وري اھو ساڳيو سوال پيدا ٿيندو ته ان چوٿين خالق کي ڪنھن پيدا ڪيو؟ ۽ اھڙيءَ ريت ھي ھڪ نه ختم ٿيڻ وارو سلسو شروع ٿي ويندو جنھن جي ڪا انتھا ۽ حد نه ھوندي تنھن ڪري عقل، فھم ۽ انصاف جي اھا ئي تقاضا آھي ته ھي لامتناھي (نه ختم ٿيڻ وارو) سلسلو ڪٿي نه ڪٿي ختم ٿيڻ کپي ان جي ڪا نه ڪا حد ھئڻ گھرجي پوءِ جنھن ذات تي اھو سلسلو ختم ٿي وڃي ۽ جنھن کان پوءِ ڪو خالق نه ھجي انھي کي ئي واجب الوجود چئبو آھي ۽ اھو ئي خالقِ حقيقي آھي ڇو ته جيڪو خالق پنھنجي وجود ۾ ڪنھن ٻئي خالق جو محتاج ھجي اھو خالقِ حقيقي ٿي ئي نه ٿو سگھي بلڪ اھو پاڻ مخلوق آھي جنھن کي توھان غلطي مان خالقِ حقيقي پيا سمجھو.

سائنسدانن جي نظريي مطابق ھي دنيا ھڪ وڏي  ڌماڪي(Big Bang) جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي اُنهن جي ان دعويٰ ۾ ڪيتري سچائي آھي اھو ھڪ الڳ موضوع آھي ليڪن ھتي سوال پيدا ٿو ٿئي ته جڏھن اسان مسلمان اھو عقيدو بيان ڪندا آھيون ته ھن ڪائنات کي اُن خدا پيدا ڪيو آھي جنھن جو شان اھو آھي جو جڏھن ھو ڪنھن شيءِ کي پيدا ڪرڻ جو ارادو فرمائي ته صرف ڪُن چوڻ سان اھا شيءِ وجود ۾ اچي ويندي آھي ته ان عقيدي تي ملحد طرح طرح جي اُبتن سُبتن اعتراضن جي ڀرمار ڪري ڏيندا آھن انھي ساڳيءَ ڳالھ کي جڏھن سائنس انگريزي ۾ (Big Bang) جو نالو ڏيئي بيان ڪيو ته عقل کان عاري ان مُلحدن فوري طور انکي تسليم ڪري ورتو ھاڻي ٻڌايو اھو انصاف آھي يا مذھب جي ضد ۾ انڌو اعتقاد؟ اھو حقيقت کي مڃڻ آھي يا عقيدت ۾ انڌو ٿيڻ؟ اھا سچائيءَ جي پرک آھي يا انگريزي ٻولي ۽ سائنس کان مرعوب ٿيڻ؟

جڏھن مُلحد خالق جي باري ۾ سوال ڪندا آھن ته انکي ڪنھن پيدا ڪيو؟ ڪٿان کان آيو؟ ته ھاڻي اسان به انھن کان پڇڻ جو حق رکون ٿا ته اُن ڌماڪي (Big Bang) جو فاعل (ڌماڪو ڪندڙ) ڪير ھو؟ اھو ڌماڪو ڇا جي ڪري ٿيو؟ ڌماڪو عام طور تي ڪجھ شين جو پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سبب ٿيندو آھي اُن مھل ته دنيا جي ڪا شيءِ نه ھئي ته پوءِ اھو ڌماڪو ڪھڙين شين جي ٽڪرائڻ سبب ٿيو؟ ان ڌماڪي جو مٽيريل ڪٿان کان آيو؟ يقيناً ان جا ڪي به تسلي بخش جواب ملحدن وٽ ناھن جڏھن ته اسان جو عقيدو آھي ته ھن ڪائنات جو خالق رب تعاليٰ جي ذات آھي پر جيڪڏھن اھا ڳالھ تسليم به ڪجي ته دنيا جي شروعات اُن Big Bang  سان ٿي ته تڏھن بہ يقيني طور ان صورت ۾ به ان جو فاعل يعني ڌماڪو ڪندڙ اللہ تعاليٰ ئي هو ۽ ان جي ڪُن چوڻ جي نتيجي ۾ ئي فَيَڪُون ٿيو ڇاڪاڻ ته مشاھدي سان اھا ڳالھ ثابت آھي ته بغير فاعل جي ڪو ڌماڪو ٿي ئي نه ٿو سگھي.

جيڪڏھن ان جو فاعل خدا ناھي ته پوءِ مُلحدن کي ٻڌائڻو پوندو ته ان جو فاعل(ڌماڪو ڪندڙ) ڪير آھي؟ جيڪڏھن هو نه ٿا ٻڌائي سگھن ته پوءِ انھن کي به مسلمانن کان اللہ تعاليٰ جي خالق هئڻ جي باري ۾ سوال ڪرڻ جو ڪو حق ناھي.

(ڪتاب اونداھي ۾ سوجھرو صفحو:163 کان 165)

✍️........... ابو طلحہ سنڌي