ذميوار مولوي ۽ مدرسو
ذميوار مولوي ۽ مدرسو

 ملڪ جو وزير اعظم ۽ اعليٰ عھدن تي فائز سڀ يونيورسٽين جا پڙھيل،

ليڪن ملڪ جي تباھيءَ جو ذميوار مولوي ۽ مدرسو 🤔

عدالتن جا جج ۽ وڪيل يونيورسٽين جا پڙھيل ليڪن عدل ۽ انصاف نہ ھجڻ جو ذميوار مولوي ۽ مدرسو 🤔

ٿاڻي جو ايس اڇ او ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو پڙھيل،

ليڪن امن و امان جي صورتحال خراب ھجڻ جو ذميوار مولوي ۽ مدرسو 🤔

سائنس پڙھندڙ ۽ پڙھائيندڙ يونيورسٽين جا استاد ۽ شاگرد،

 ليڪن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ ترقي نہ ھئڻ جو ذميوار مولوي ۽ مدرسو 🤔

سياسي ليڊرن جي تقرير ٻڌڻ وارا لکين ۽ ڪروڙين ماڻھو ۽ مولويءَ جي جمعي جي ڏينھن تقرير ٻڌڻ وارا صرف چند سؤ ماڻھو،

ليڪن معاشري جي ماڻھن جي اخلاقي تربيت نہ ھئڻ جو ذميوار مولوي ۽ مدرسو 🤔

پنھنجا ٻار سڀ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ داخل،

ليڪن معاشري جي بگاڙ جو ذميوار مولوي ۽ مدرسو 🤔

ٻہ نمبر شيون ٺاھيندڙ ۽ ملاوٽ ڪندڙ فيڪٽرين جا مالڪ ڪاليج ۽ يونيورسٽين جا پڙھيل،

ليڪن حرامخور مولوي ۽ قصور وار مدرسو 🤔

ڪرپشن ڪندڙ، رشوت وٺندڙ ۽ عوام جا حق کائيندڙ آفيسر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا پڙھيل،

ليڪن جھالت جون فڪيٽريون مدرسا ۽ ديني ادارا!🤔

لکين روپيا پگھار کڻڻ باوجود ڊيوٽي پوري نہ ڪندڙ سرڪاري اسڪولن جا استاد پيغمبري پيشي وارا سڏجن،

ليڪن ڏھن پندرھن ھزارن جي عيوض چوويھ ڪلاڪ پابنديءَ سان ڊيوٽي ڪندڙ مولوي فتنہ خور!🤔

ڪنھن اسڪول يا ڪاليج ۾ ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي تہ نظام کي بھتر بڻائڻ جو اپيلون،

ليڪن ڪنھن مدرسي ۾ بدقسمتي سان ڪو اھڙو واقعو پيش اچي تہ سڀ مدرسا بند ڪرائڻ جا مطالبا 🤔

ڪميشن وٺي نقلي دوائون استعمال ڪري ماڻھو ماريندڙ ڊاڪٽر عوام جي نظر ۾ مسيحا،

ليڪن ان مئلن کي غسل ڏيئي صاف ڪفن پھرائي جنازو پڙھائي احترام سان دفنائيندڙ مولوي وري انسان دشمن!🤔

ھزارين روپيا فيس وٺي انگريزي ۽ ٻيا دنيوي مضامين پڙھائيندڙ ادب وچان سر پيا سڏجن،

۽ في سبيل اللہ اللہ جو ڪلام ۽ رسول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم جي حديث پڙھائيندڙ مولوي نفرت وچان مُلان!🤔

ٻوڏ ۽ ٻين مصيبتن مھل عوام کي بي يار  و مددگار ڇڏيندڙ قوم پرست ۽ لبرل عوام دوست،

۽ ان مھل عوامي خدمت ۾ سڀ کان اڳڀرا نظر ايندڙ مولوي ۽ مدرسي وارا انتھا پسند!🤔

سياستدان احتجاج جي نالي تي سڄو ملڪ بند ڪرائين تہ آئيني حق،

مولوي پرامن احتجاج ڪن تہ ملڪ دشمن 🤔

ڪو آفيسر وقت ھئڻ باوجود ملڻ پسند نہ ڪري تہ چوندا صاحب وڏو بزي ھوندو آھي،

مولوي جيڪڏھن ڪنھن مجبوري سبب نہ ملي سگھي تہ چوندا پيٽ ڀريو اٿس مغرور ٿي ويو آھي 🤔

ڊاڪٽر صاحب ڀلي ٻہ ڪلاڪ دير سان ڪلينڪ تي پھچي بيمار ھئڻ باوجود انتظار ڪرائڻ تي ڪا شڪايت نہ،

ليڪن مولوي صاحب پنج منٽ جماعت دير سان ڪرائي تہ چوندا لاپرواھ آھي ماڻھن جو احساس ئي نہ اٿس.🤔

بيماريءَ جھڙي مجبوريءَ ۾ ڊاڪٽرن جون ڳريون فيسون ڀرڻ مھل ڀڻڪ نہ نڪري،

ليڪن شاديءَ جي خوشيءَ جھڙي موقعي تي مولوي صاحب ٻہ ھزار نڪاح فيس گھري تہ چوندا ڏاڍو لالچي آھي 🤔

ھي اسان جي سماج جي ھڪ تلخ حقيقت آھي.

مان اھا دعوا نہ ٿو ڪيان تہ سڀ مولوي نيڪ ۽ فرشتا ۽ سڀ آفيسر ڪرپٽ ۽ حرامخور آھن. سٺا ۽ خراب، نيڪ ۽ بد، ايماندار ۽ ڪرپٽ ھر جڳھ ۽ ھر فيلڊ ۾ ھوندا آھن تنھن ڪري دنيا جي ڪنھن بہ اداري يا فيلڊ جو ڪو ماڻھو ڪا غلطي ٿو ڪري تہ ان غلطي ڪندڙ کي غلط چيو ۽ سمجھيو وڃي ان ھڪ يا چند غلط ماڻھن جي ڪري سڀني کي غلط چوڻ ۽ سمجھڻ اھا ڪٿان جي عقلمندي ۽ ڏاھپ آھي؟

ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ اڄڪلھ مذھبي ماڻھن سان اھو ئي رويو رکيو پيو وڃي جيڪڏھن ڪو اسڪول جو ٽيچر، يا ڪو آفيسر ڪا غلطي ڪري ٿو تہ انکي ان جو انفرادي فعل سمجھيو وڃي ٿو ۽ ان ھڪ جي ڪري ٻين استادن ۽ آفيسرن کي قصور وار نہ ٿو بڻايو وڃي نہ وري اسڪول ۽ تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي ويندي آھي پر جي ڪو مولوي غلط ڪم ڪري ٿو تہ سڀني مولوين کي گھٽ وڌ ڳالھايو ۽ قصور وار سمجھيو وڃي ٿو ۽ مدرسن کي بند ڪرڻ جا مطالبا ڪيا وڃن ٿا جيڪو تمام مذمت جوڳو عمل آھي.

✍️.......... ابو طلحہ سنڌي