شعر و شاعري ۽ موجودہ دور جي موسيقي
شعر و شاعري ۽ موجودہ دور جي موسيقي


سڀ کان پھرين ھيءَ ڳالھ ياد رکندا تہ شعر و شاعري ڪرڻ ۽ انکي ڳائڻ جا ٻہ قسم ۽ طريقا آھن.

1. ڪفر و شرڪ، فسق و فجور، فحش ۽ بيھودہ ڳالھين کان پاڪ شعر و شاعري ڪرڻ مثلاً حمد، نعت، منقبت يا ڪنھن جي جائز ساراھ ۽ واکاڻ ڪرڻ ۽ انکي ترنم سان پڙھڻ جنهن ۾ ساز سرندو نہ هجي.

2. ڪفريہ، شرڪيہ فسق و فجور، فحش، بيھودہ ۽ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي جنسي خواھشات کي اڀارڻ ۽ اشتعال ڏيارڻ واري شعر و شاعري ڪرڻ ۽ انکي موجودہ دور جي جديد آلات موسيقي(ساز) سان پڙھڻ. 

پھرئين قسم جي شعر و شاعري ڪرڻ ۽ انکي بغير ساز جي ترنم سان ڳائڻ ۾ ڪو حرج ڪونھي پوءِ کڻي اھا شاعري اللہ تعاليٰ جي حمد و ثناء تي مشتمل ھجي يا نبي ڪريم ﷺ جي نعت ھجي يا ڪنھن برزگ جي منقبت يا وري پنھنجي دين، خاندان، قبيلي، قوم يا ڪنھن مخصوص شخص جي جائز واکاڻ تي مشتمل ھجي.

ٻئين قسم واري شعر و شاعري نہ صرف منع آھي بلڪ سخت ناجائز آھي ان تي کوڙ سارا دليل موجود آھن.

قرآن مجيد ۾ ﷲ پاڪ جو فرمان آهي:

وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِي لَهْوَ الْحَدِيثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيلِ اللهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَيَتَّخِذَهَا هُزُوًا أُولَئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُهِينٌ ( لقمان : 6) 

ترجمو: ۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو بيھوديءَ ڳالھ کي ڳنھندو آھي تہ (ماڻھن کي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي واٽ کان ڀلائي، ۽ اُن (واٽ) کي ٺـٺولي ڪري وٺي، اُنھن لاءِ ئي خواريءَ وارو عذاب آھي.

حضرت عبدالله بن مسعود رضي اللہ عنہ کان ان آيت سڳوري بابت پڇا ڪئي ويندي هئي تہ پاڻ رضي اللہ عنہ قسم کڻي چوندا هئا تہ "لهو الحدیث" مان مراد ( بيھودہ) راڳ ڳائڻ آهي. (تفسیر مدارک)

حضرت نافع رضي اللہ عنہ کان روايت آهي هڪ جاء تي مان حضرت عبدالله بن عمر رضي اللہ عنہ سان گڏ وڃي رهيو ھئس تہ بانسري (ساز) جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو تہ حضرت عبد اللہ بن عمر رضي اللہ عنہ فوراً پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجھي بند ڪري ڇڏيا ۽ واٽ جي هڪ پاسي ٿي هلڻ لڳا، پري وڃڻ کان پوءِ مونکان پڇيائون: اي نافع! ڇا اڃا بہ بانسريءَ جو آواز اچي پيو؟ مون چيو : نہ، تنھن کانپوءِ انھن پنھنجي ڪنن مان آڱريون ڪڍيون ۽ فرمايائون: ھڪ دفعي آئون رسول الله ﷺ سان گڏ وڃي رهيو هئس ته رسول الله ﷺ بانسريءَ جو آواز ٻڌي ائين ئي ڪيو ھو جئين مون ھينئر ڪيو آھي. (مشکوٰة، ابو داؤد شریف وغیرہ)

ان مان واضح ثابت ٿئي ٿو تہ شاعري کي ساز سرندي ۽ جديد آلات موسيقي سان ڳائڻ جائز نہ آھي.

ھينئر سوشل ميڊيا تي جيڪو موسيقيءَ جي باري ۾ بحث ھلي پيو اھو ٻئين قسم واري شعر وشاعري ۽ انکي پڙھڻ جي طريقي جي باري ۾ آھي ليڪن ان جي دفاع ۾ جيڪي دليل ڏنا پيا وڃن اھي پھرئين قسم جي شعر و شاعري وارا  آھن.

مثلاً: اھو چيو پيو وڃي تہ حضرت داؤد عليہ السلام ترنم سان زبور شريف پڙھندا ھئا حضرت علي رضي اللہ عنہ ۽ ٻيا اصحابي سڳورا ۽ بزرگان دين بہ تہ  شعر و شاعري ڪندا ۽ انکي ترنم سان پڙھندا ھيا قرآن پاڪ ۽ نعتون بہ تہ ترنم سان پڙھيون وينديون آھن وغيرہ وغيرہ ۽ انھن جي انداز کي ٻئين قسم واري شاعري ۽ ان جي جواز لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جيڪا سراسر بد ديانتي آھي ڇاڪاڻ تہ پھرين قسم جي شعر و شاعري ۽ ان کي پڙھڻ جي انداز کي ڪنھن بہ ناجائز نہ چيو آھي نہ وري ان طريقي سان ڪنھن مولوي يا مذھبي ماڻھوءَ کي ڪو اختلاف آھي. ڀلي توھان قرآن پاڪ کي يا جائز شاعريءَ کي بغير ساز جي ترنم سان پڙھو ان ۾ ڪو حرج ڪونھي.

ھاڻي سوال اھو آھي تہ ھينئر سنڌ حڪومت جنھن موسيقي کي تعليمي ادارن ۾ رائج ڪرڻ پئي چاھي ان مان مراد پھرين قسم جي شاعري ۽ انکي ڳائڻ جو طريقو آھي يا ٻئين قسم واري شاعري ۽ انکي جديد آلاتِ موسيقي(ساز) سان ڳائڻ وارو طريقو آھي؟

جيڪڏھن حڪومت تعليمي ادارن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ سچل سرمست جھڙن بزرگن جي شاعريءَ جھڙي شاعري سيکارڻ چاھي ٿي ۽ انکي بغير سازَ جي ڳائڻ سيکاري ٿي ۽ ان وٽ اھڙي شاعري جا ماھر شاعر بہ موجود آھن تہ پوءِ جي بسم اللہ..

ليڪن حقيقت ان جي بلڪل برعڪس (ابتڙ) آھي اسان وٽ اڄڪلھ جيڪي شاعر ۽ ڳائڻا آھن انھن جي شاعري ۽ ڳائڻ جو معيار ھي آھي

⬅️ ھوريان ھوريان اچ متان کڙڪو نہ ٿي پئي،

اوڙي پاڙي جو ڪو ماڻھو مٺا نہ اٿي پئي.

⬅️ تو سان وڏو مسئلو آھي، شادي وڏي بربادي آھي، ماڻھو ڇڙو ڀلو آھي

⬅️ اھو سھڻو جي ٺاھي ڏيندي تہ پوءِ نوڪر ھان مان تنھنجو،

رڳو دل منھنجي ٺار، مان ڪندس توکي شاھوڪار، ڪم ڪري تہ ڏيکار.

⬅️مارائيندي ڇا مونکي رھائي رات پيارا،

ڏنگو آ ڳوٺ تنھنجو ڏنگي آ ذات تنھنجي.

⬅️ رات ھجي تون بہ ھجين مان بہ ھجان،

ھڪ تہ مٺڙي ملاقات ھجي،

ٻيو تہ پرين تو سان پيو پيار ڪجي.

⬅️ ڏٺي تنھنجي اسان ياري،

توبھ توبھ او توبھ زاري

⬅️ ڪپڙا ڀي اٿئي جان جا دشمن

ٿورو پرين خيال ڪري ھلجان

⬅️ فون ڪندس مان پاڻ ئي توڏي،

تون رڳو مس ڪال ڪجان. 

⬅️ تنھنجي مس ڪال مٿان مون ڏي مس ڪال آ،

توکي ڪيڏو جھليان ٿو پوءِ بہ ڪال آ.

⬅️ تنهنجا سون جھڙا هن چپڙا پرين، تنھنجو بدن سڄو بس چاندي آ.

 ھي صرف ڪجھ مثال آھن اڄڪلھ جي شاعري اھڙين بيھودہ ۽ فحش ڳالھين سان ڀري پئي آھي.

جيڪڏھن توھان کي اھڙي شاعري سيکارڻي آھي ۽ انکي ڳائڻ لاءِ ممتاز مولائي، شمن علي ميرالي، شبانہ ڪنول ۽ فائزہ سومرو جھڙا فنڪار تيار ڪرڻا آھن ۽ ڳائڻ مھل نوجوان نياڻين ۽ ٻارن کي ڊانس ڪرائڻو آھي تہ پوءِ جنھن کي اھڙو شوق آھي اھي ڀلي پنھنجي گھر ۾ وڃي شوق پورو ڪري ليڪن تعليمي ادارن ۾ مولوي ۽ مذھبي ماڻھو تہ ڇا پر ڪو عام غيرت مند سنڌي بہ انکي ھرگز برداشت ڪونہ ڪندو.

سنڌ حڪومت کي گذارش آھي تہ اھڙا تڪراري مضامين شروع ڪرڻ بدران تعليمي معيار کي بھتر بڻائڻ تي توجھ ڏيو ھن مھل سنڌ جو تعليمي معيار انتھائي ناقص آھي سنڌ جا 36 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن سنڌ جي اسڪولن ۾ 134000 جي لڳ ڀڳ استاد مقرر ٿيل آھن تن مان صرف 34000 استاد پنھنجي ڊيوٽي پوري ڪري رھيا آھن باقي گھر ويٺي پگھار کڻن ٿا.سنڌ جي 42383 اسڪولن مان صرف 734 اسڪولن ۾ لائبريريون آھن باقي اسڪول انکان محروم آھن، سرڪاري اسڪولن ۾ ڪابہ سائنس يا ڪمپيوٽر جي ليب ناھي. 60 سيڪڙو اسڪول پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سھولت کان، 40 سيڪڙو اسڪول بجلي کان ۽ 35 سيڪڙو اسڪول چارديواري کان محروم آھن. تقريباً 11 ھزار اسڪول مڪمل طور غير فعال آھن. 

خدارا پنھنجي تعليم ۽ تعليمي ادارن کي بھتر بڻايو دنيا تعليم سان ترقي ڪئي آھي ڳائڻ ۽ نچڻ سان نہ....  

✍️.......... ابو طلحہ سنڌي