بلوچستان جبري گمشدگي ۽ رياستي ادارن جي ذميداري
جبري گمشدگي ۽ رياستي ادارن جي ذميداري
جيڪڏھن ڪو ماڻھو اوچتو لا پتہ ٿي وڃي ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارن طرفان بہ ڪا گرفتاري ظاھر نہ ڪئي وڃي ۽ اھو معلوم نہ ٿي سگھي تہ لا پتہ ٿيل ماڻھو کي ڪھڙي جرم ۾ ۽ ڇو کنيو ويو آھي تہ اھڙا ڪيس جبري گمشدگي جي زمري ۾ اچن ٿا جيڪو قانوني ۽ شرعي اعتبار سان ناقابل معافي جرم آھي.
پاڪستان جي آئين ۾ جبري گمشدگي جي جواز جي ڪابہ شق موجود ڪانھي ڪنھن بہ فرد يا اداري کي اھو حق حاصل ڪونھي جو پاڪستان جي ڪنھن بہ شھري کي خفيہ طور جبراً گرفتار ڪري غائب ڪري ڇڏي البتہ 2013ع ۾ ڪراچي ۾ رينجرز جي آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ، انسدادِ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ھڪ شق شامل ڪئي وئي ھئي جنهن تحت پيرا ملٽري ادارا ڪنهن کي بہ شڪ جي بنياد تي 90 ڏينهن تائين حراست ۾ وٺي سگهن ٿا ۽ ان دوران ھو گرفتاري ظاھر ڪرڻ جا پابند نہ ھوندا ليڪن 90 ڏينھن کان وڌيڪ شڪ جي بنياد تي خفيہ طور ڪو بہ ادارو ڪنھن کي گرفتار نہ ٿو ڪري سگھي.
ليڪن افسوس آھي جو اسان جي ملڪ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھو ڪيترن سالن کان لاپتہ آھن اھي ڪاٿي آھن ۽ انھن کي ڇو کنيو ويو آھي؟ ڪنھن گم ڪيو آھي ۽ ڇو ڪيو آھي؟ ان جو اڄ تائين ڪوبہ ملڪي ادارو جواب نہ ڏيئي سگھيو آھي.
جڏھن تہ گم ٿيل ماڻھن جي وارثن طرفان سيڪيورٽي ادارن مٿان جبري گمشدگي جو الزام لڳايو ويندو آھي ۽ سيڪيورٽي ادارن طرفان وري ان الزام کي رد ڪري لا علمي جو اظھار ڪيو ويندو آھي.

ھاڻي ھتي ٻہ صورتون ئي آھن:

يا تہ اھي ادارا واقعي لا پتہ ماڻھن کان لا علم آھن يا وري انھن پاڻ گم ڪيا آھن.
ٻنھي صورتن ۾ قصور وار پاڻ ئي ٿين ٿا جيڪڏھن انھن پاڻ گم ڪيا آھن تہ پوءِ سوال ٿو ٿئي تہ آخر ڪھڙي ملڪي قانون تحت انھن کي جبري طور گم ڪيو ويو آھي؟
جيڪڏھن ھو ملڪ مخالف سرگرمين ۾ ملوث ھئا تڏھن بہ قانوني طور انھن کي گرفتار ڪري ملڪي قانون تحت عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ھا ۽ عدالتن ذريعي ئي انھن کي سزا ڏياري وڃي ھا ليڪن اڄ تائين ڪنھن ھڪ کي بہ ڪنھن عدالت ۾ پيش نہ ڪيو ويو آھي آخر ڇو؟
جيڪڏھن انھن گم ٿيل ماڻھن کي واقعي انھن ادارن گم ناھي ڪيو نہ وري انھن جي قبضي ۾ آھن تڏھن بہ سوال انھن ادارن تي ئي ٿين ٿا تہ انھن ماڻھن کي بازياب ڪرائڻ ڪنھن جي ذميداري آھي؟
ڇا عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ انھن ادارن جي ذميداري ناھي؟
جيڪڏھن انھن جي ذميداري آھي ۽ يقيناً آھي تہ پوءِ ھو اڄ تائين اھا پنھنجي ذميداري پوري ڇو نہ ڪري سگھيا آھن ۽ انھن کي بازياب ڇو نہ ڪرائي سگھيا آھن؟
اڄ تائين وارثن کي ڇو نہ ٻڌايو ويو آھي تہ گم ٿيل ھزارين ماڻھو آخر ڪاڏي ويا؟ ڪنھن جي قبضي ۾ آھن؟ ڪھڙي جرم ۾ گم ڪيا ويا آھن؟ زمين کائي وئي اٿن يا آسمان ڳھي ويو اٿن آخر ويا تہ ڪاڏي ويا؟؟؟ انھن جي وارثن کي ڇو نہ ٿو ٻڌايو وڃي؟
جيڪڏھن گم ٿيل ماڻھو انھن ادارن جي قبضي ۾ ناھن تہ پوءِ انھن جي وارثن کي تسلي ڏيڻ بدران کين پرامن احتجاج کان ڇو ٿو روڪيو وڃي؟
انھن تي ڪوڙا ڪيس ڇو ٿا داخل ڪيا وڃن؟
انھن کي پريشرائيز ڪري واپس وڃڻ تي مجبور ڇو ٿو ڪيو وڃي؟
ميڊيا کي ان پرامن احتجاج جي ڪوريج کان ڇو ٿو روڪيو وڃي؟
ڇا ڪنھن جمھوري ملڪ ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ جرم آھي؟
ھي اھي سوال آھن جن جا جواب ھر پاڪستاني انھن ادارن کان گھري ٿو انھن جا جواب ڏيڻ بدران ڌمڪائي ڊيڄاري خاموش ڪرائڻ اسان جي ملڪ ۽ ملڪي ادارن لاءِ ڪڏھن بہ فائديمند ڪونھي ڇاڪاڻ تہ ان سان رياست ۽ رياستي ادارن لاءِ عوام جي ذھنن ۾ منفي اثرات مرتب ٿين ٿا دل ۾ نفرت پيدا ٿئي ٿي جنھن جو فائدو ملڪ مخالف عناصر کي ٿئي ٿو تنھن ڪري رياست ۽ رياستي ادارن کي گھرجي تہ اسلام آباد ۾ سخت سردي ۾ پنھنجن پيارن جي بازيابي لاءِ ڪيترن ڏينھن کان ويٺل جبراً گمشدھ ماڻھن جي وارثن جي داد رسي ڪن ۽ گمشدھ ماڻھن کي ظاھر ڪيو وڃي جيڪي بيقصور آھن انھن کي آزاد ڪري انھن جي وارثن کان معافي ورتي وڃي ۽ جيڪي قصور وار آھن انھن کي ملڪي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي انھي ۾ ئي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بقاء آھي.
جيڪڏھن ائين نہ ڪيو ويو تہ پوءِ ظلم جو نتيجو ھميشہ تباھي ۽ بربادي جو صورت ۾ نڪرندو آھي ڇاڪاڻ تہ مظلوم جي بددعا يقيناً ھڪ ڏينھن اھڙو اثر ڏيکاريندي جنھن جي بعد ۾ ڪڏھن بہ تلافي نہ ٿي سگھندي آھي.
.........✍️ابو طلحہ سنڌي