سيرتِ صديقِ اڪبر رضی اللہ عنہ

          (حصو ٻيون)

حضرت ابوبڪر صديق رضی اللہ عنہ جي سيرت مبارڪ جا ڪيترا ئي پھلو آھن انھن مان محبتِ رسول صلی اللہ علیہ وسلم وارو پھلو سڀ کان وڌيڪ نمايان آھي،
فطري طور تي انسان کي سڀ کان وڌيڪ پنھنجو اولاد پيارو ھوندو آھي ۽ اولاد کي تڪليف ۾ ڏسڻ ھرگز برداشت ناھي ڪندو ۽ انھي اولاد جي ڪري ئي انسان ڏينھن رات محنت ڪري انکي سکيو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ليڪن حضرت ابوبڪر صديق رضی اللہ عنہ پنھنجي اولاد کان بہ وڌيڪ حضور صلی اللہ علیہ وسلم سان سچي محبت ڪندا ھيا جنھن جو ثبوت ھن واقعي مان ملي ٿو تہ،
ھڪ دفعي سندن فرزند حضرت عبدالرحمٰن رضی اللہ عنہ اسلام قبول ڪرڻ کان بعد عرض ڪيو: فلاڻي جنگ ۾ توھان مسلمانن جي لشڪر ۾ ھئا ۽ آئون ڪافرن جي لشڪر ۾ ھئس جنگ جاري ھئي اوچتو اوھان منھنجي سامھون اچي ويا اوھان جو توجھ مون طرف نہ ھو ان ڏينھن جيڪڏھن مان چاھيان ھا تہ توھان کي شھيد ڪري ڇڏيان ھا ليڪن پنھنجو پئُ سمجھي ڪري ڇڏي ڏنم ۽ اتان ھٽي ويس!
اھو ٻڌي ڪري يارِ غار يارِ مزار حضور صلی اللہ علیہ وسلم جن جي سچي جان نثار حضرت ابوبڪر صديق رضی اللہ عنہ ارشاد فرمایو!
لٰکِنَّکَ لَو اَهْدَفْتَ لِیْ لَمْ اَنْصَرِفْ عَنْکَ
جيڪڏھن توھان منھنجي حدف ۾ اچي وڃو ھا تہ مان ھرگز توھان کي نہ ڇڏيان ھا.
نوادرالاصول، امام ترمذی، الرقم:710، 1:496)
يعني توھان مونکي پنھنجو پئُ سمجھي ڪري ڇڏي ڏنو پر جيڪڏھن توھان منھنجي سامھون اچي وڃون ھا تہ مان اھو نہ ڏسان ھا تہ ڪو توھان منھنجا ٻچا آھيو، منھنجا پٽ آھيو،منھنجو اولاد آھيو ۽ پنھنجو پٽ ۽ ٻچو سمجھي ڪري ڇڏي ڏيان ھا بلڪ توھان کي رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم جو دشمن سمجھي ڪري سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيان ھا!
سبحان اللہ!
انھي کي چئبو آھي سچي محبت، سچو پیار، سچو عشق!
 معلوم ٿيو تہ حضرت ابوبڪر صديق رضی اللہ عنہ ھن حديث پاڪ جو عملي نمونو ھيا،
حديث:لاَ يُؤْمِنُ أَحَدُكُمْ حَتَّى أَكُونَ أَحَبَّ إِلَيْهِ مِنْ وَالِدِهِ وَوَلَدِهِ وَالنَّاسِ أَجْمَعِينَ (متفق علیہ)
ترجمو: توھان مان ڪو بہ شخص ايتري تائين ڪامل مؤمن نہ ٿو ٿي سگھي جيستائين مان انکي انجي ماءُ پئُ، اولاد ۽ سڀني ماڻھن کان وڌيڪ پيارو نہ ٿي وڃان!
حضرت ابوبڪر صديق رضی اللہ عنہ جو فرمان آھي مونکي ٽي شيون ڏايون پسند آھن
(1) رسول اللہ صلی اللہُ علیہ وسلم جن جي چھري مبارڪ جو ديدار ڪرڻ
(2) رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم تي پنھنجو مال خرچ ڪرڻ
(3) رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم جن جي بارگاھ ۾ حاضر رھڻ
(تفسیر روح البیان جلد# 6 ص 264 )
ھجرت واري رات جڏھن ڪافر حضور صلی اللہ علیہ وسلم جن جو پيڇو ڪري رھيا ھيا تڏھن حضرت ابوبڪر صدیق رضی اللہ عنہ ڪيڏي مھل حضور صلی اللہ علیہ وسلم جي اڳيان پيا ھلن تہ ڪيڏي مھل وري پويان،
ڪيڏي مھل سڄي پاسي تہ ڪيڏي مھل وري کٻي پاسي کان!
 حضور صلی اللہ علیہ وسلم جن ان جو سبب  پڇيو تہ عرض ڪرڻ لڳا يارسول اللہ! جڏھن پويان ھلان ٿو تہ خوف ٿو ٿئي تہ متان ڪو بدبخت رستي ۾ لڪيو ويٺو ھجي ۽ توھان کي تڪليف نہ پھچائي تنھن ڪري اڳيان ھلڻ ٿو لڳان وري جڏھن اڳيان ھلان ٿو تہ ڊپ ٿو ٿئي تہ متان ڪو بزدل پويان اوھان تي حملو نہ ڪري تنھن ڪري فوراً پويان اچي ٿو وڃان!
وري جڏھن سڄي يا کٻي پاسي کان دشمن جي حملي جو خدشو ٿئي ٿو تہ انھي پاسي ھليو ٿو وڃان! تہ جئين دشمن اوھان کي ڪا تڪليف نہ پھچائي سگھي!
حضور صلی اللہ علیہ وسلم جن ارشاد فرمایو ڇا توھان خطري جي صورت ۾ منھنجي اڳيان جان ڏيڻ پسند ڪيو ٿا؟
عرض ڪيائين! يارسول الله صلي الله عليه وسلم ربِ ذُوا لجلال جو قسم منھنجي اھائي آرزو آھي..
(دلائل النبوت جلد2 ص476)
گویا زبانِ حال سان چئي رھيا ھيا

کروں تیرے نام پہ جاں فدا،
نہ بس ایک جہاں دو جہاں فدا،
دو جہاں سے بھی نہیں جی بھرا،
کروں کیا کروڑوں جہاں نہیں!

✍️.......... ابو طلحہ سنڌي