سيرتِ صديقِ اڪبر رضی اللہ عنہ

 سيرتِ صديقِ اڪبر رضی اللہ عنہ

          (حصو پھريون)

جمادی الاخریٰ مھيني جي ٻاويھين تاريخ تي تاجدارِ صداقت، خليفۂ اوَّل جانشينِ مصطفیٰ، افضلُ البشر بعد الانبياءَ، منبعِ جود و سخا،يارِ غار، يارِ مزار اميرالمؤ منين حضرت سيدنا ابو بڪر صديق رضي اللہ عنہ جو يومِ وصال آھي.
سندن تعلق عرب جي معزز ترين قبيلۂ قريش سان ھو ستين پشت ۾ سندن نسب حضور صلي اللہ عليہ وسلم جي سلسلۂ نسب سان ملي ٿو،
حضرت ابوبڪر صدیق رضی اللہ عنہ جو نالو عبد اللہ بن عثمان آھي ابوبڪر سندن ڪنيت آھي ۽ انھي ڪنيت سان ايترا تہ مشھور آھن جو اڪثر ماڻھو انھي ڪنيت کي ئي سندن نالو سمجھندا آھن، 
صديق ۽ عتيق سندن لقب آھن جيڪي بارگاھ رسالت کان عطا ٿيا،
امّ المؤمنین حضرت عائشہ صديقہ رضی اللہ عنھا کان روايت آھي تہ، ھڪ ڏينھن مان پنھنجي گھر ۾ ھيس حضور صلی اللہ علیہ وسلم بہ پنھنجن اصحابن سڳورن سان گڏ صحن ۾ تشریف فرما ھیا ایتري ۾ منھنجا والدِ گرامي تشريف وٺي آيا انھن کي ڏسي ڪري پاڻ سڳورن صلی اللہ علیہ وسلم جن اصحابن کي ارشاد فرمایو!
مَنْ اَرَادَ اَنْ يَنْظُرَ اِلٰی عَتيقٍ مِّنَ النَّارِ فَلْيَنْظُرْ اِلیٰ اَبی بَکْرٍ۔
ترجمو:- جيڪو دوزخ کان آزاد شخص کي ڏسڻ چاھي ٿو اھو ابوبڪر کي ڏسي وٺي.
انکان بعد پاڻ عتيق جي لقب سان مشھور ٿي ويا. ( المعجم الاوسط  حديث# 9384)

پاڻ حضور صلی اللہ علیہ وسلم کان عمر ۾ ٻہ اڍائي سال ننڍا ھئا، تقريباً ارڙھن سالن جي عمر کان حضور صلي اللہ عليہ وسلم جا ساٿي ۽ وفادار دوست ھيا، اعلان نبوت کان بعد مردن ۾ سڀ کان پھرين اسلام قبول ڪيائون.
ننڍپڻ کان ئي بت پرستي کان کين سخت نفرت ھئي اسلام کان اڳ ۾ بہ ڪڏھن شراب ڪون پيتائون( تاريخ الخلفاء)
تقريباً سڄي امت جو ھن ڳالھ تي اتفاق آھي تہ حضرت ابوبڪر صديق رضی اللہ عنہ افضل البشر بعد الانبياء آھن يعني نبين کان بعد ھن ڌرتي تي، ھن آسمان ھيٺان، ھن زمين تي جيڪڏھن ڪو افضل ۽ اعليٰ، بھتر ۽ برتر، شان ۽ عظمت وارو انسان پيدا ٿيو آھي تہ اھی حضرت ابوبڪر صديق رضی اللہ تعالیٰ عنہ آھن.
 بارگاھِ خداوندي ۾ حضرت صديقِ اڪبر رضی اللہ عنہ جي محبوبيت ۽ مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو قرآن پاڪ جون ڪيتريون ئي آيتون سندن شان ۾ نازل ٿيون،
حديثن ۾ فضيلت ۽ عظمت جو اھو عالم آھي جو 181 حديثون خاص حضرت ابوبڪر صدیق رضی اللہ عنہ جي شان ۾ بيان ٿيل آھن،
88 حديثون اھڙيون آھن جن ۾ حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر رضی اللہ عنھما ٻنھي جي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي،
17 اھڙيون حديثون آھن جن ۾ حضرت ابوبڪر، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان رضی اللہ عنھم جو شان بيان ڪيو ويو آھي،
14 اھڙيون حديثون آھن جن ۾ چئني خلفاءِ راشدين رضی اللہ عنھم جو تذڪرو آھي،
 16 اھڙيون حديثون آھن جن ۾ خلفاءِ راشدين سان گڏوگڏ ٻيا صحابہ بہ شريڪِ فضائل آھن،
اھڙي ريت مجموعي طور تي 316 حديثن ۾ اللہ جي رسول صلی اللہ علیہ وسلم پنھنجي يارِ غار يارِ مزار ۽ رفيقِ جانثار حضرت ابوبڪر صديق رضی اللہ عنہ جو نالو وٺي سندن عظمتن جو اظھار فرمايو آھي،
انھن آيتن ۽ حديثن تي نظر ڪرڻ کان بعد بغير تردد جي چئي سگھجي ٿو تہ بلا شُبھہ حضرت ابوبڪر صديق افضل البشر بعدالانبياء آھن........(جاري)
✍️........... ابو طلحہ سنڌي