اسلام مرد کي تہ طلاق جو حق ڏئي ٿو ليڪن عورت کي ڇو نہ؟
اسلام مرد کي تہ طلاق جو حق ڏئي ٿو ليڪن عورت کي ڇو نہ؟

    مفتي صاحب ۽ ھڪ آزاد خيال ماڻھو جي وچ ۾ دلچسپ ڳالھ ٻولھ!


آزاد خيال ماڻهو:
سائين، مان هڪ سوال پڇڻ چاهيان ٿو، پر مون کي ڊپ ٿو ٿئي تہ ڪاٿي اوهان ڪا فتويٰ جاري نہ ڪري ڇڏيو!

مفتي صاحب: پڇو، پڇو!  سوال پڇڻ تي ڪا فتويٰ ناهي.

آزاد خيال ماڻهو: اھو ٻڌايو تہ اسلام مردن کي تہ طلاق جو حق ڏئي ٿو پر عورتن کي ڇو نہ؟؟؟ ڇا عورتون انسان ناهن؟ ڇا عورتن جا حق ناهن؟ مرد جڏهن ۽ جنھن مھل چاهي طلاق جا ٻہ لفظ چئي عورت کي فارغ ڪري سگهي ٿو ليڪن عورت سڄي ڄمار ظلم جي چَڪيءَ ۾ پِسجڻ باوجود پنهنجي جان نٿي ڇڏائي سگهي! ڇا اھو ظلم ناهي؟

مفتي صاحب: مان تنهنجي سوال جو جواب ڏيندس، پر پهرين تون مون کي هڪ ڳالھ ٻڌاءِ!!
آزاد خيال ماڻهو: جي حڪم مفتي صاحب!

مفتي صاحب: اھو ٻڌايو تہ جيڪڏھن توهان ڪنهن هنڌ وڃڻ لاءِ بس ۾ سوار ٿيو، بس واري  کي ڀاڙو ادا ڪري ٽڪيٽ وٺي سيٽ تي ويھي رھو، سفر شروع ٿيڻ کان بعد ڇا بس ڊرائيور کي اهو حق آهي تہ هو منزل تي پهچڻ کان اڳ توهان کي رستي ۾ ڪنھن جڳھ تي، ڪنهن جھنگ ۾، ڪنهن ريگستان ۾ لاھي ڇڏي؟

آزاد خيال ماڻهو: بلڪل نہ....

مفتي صاحب: چڱو...!!  هاڻي ٻڌاءِ تہ رستي ۾ ڪنهن هنڌ توھان پاڻ بس تان لھڻ چاھيو تہ ڇا ائين ڪرڻ جو حق اوھان کي آهي يا نہ؟

آزاد خيال ماڻهو: يقيناً آھي، مان جتي چاهيان پاڻ لھي  سگهان ٿو.

مفتي صاحب: وجہ.........؟؟؟

آزاد خيال ماڻهو: وجہ اھا آهي تہ هن مون کان ڪرايو ورتو آهي، تنهنڪري منزل تائين پھچڻ کان اڳ ڪٿي بہ مونکي نہ ٿو لاھي سگهي ليڪن مان پاڻ جتي چاهيان اُتي لهي سگهان ٿو ھو مون کي روڪي نہ ٿو سگهي، ڇاڪاڻ تہ هن جو مقصد اُن ڪرائي سان هو جيڪو هن مون کان ورتو آهي.

مفتي صاحب: بلڪل ٺيڪ.....! هاڻي هڪ ٻي ڳالهه ٻڌاءِ!! بالفرض توهان ڪنھن مزدور کي ھڪ ڏينهن جي مزدوري تي ڪم لاءِ رکو، هو ڪم شروع ڏي، سرون کڻي،گارو ٺاھي، اوساري شروع ڪري ليڪن اٺ، ڏھ سرون رکڻ کان پوءِ ڪم اڌورو ڇڏي گهر هليو وڃي تہ توھان جو ردعمل ڇا هوندو؟

آزاد خيال ماڻهو: مان هن کي روڪيندس، اڌورو ڪم ڇڏي کيس وڃڻ ئي نہ ڏيندس جيستائين ڪم پورو نہ ڪندو !!!

مفتي صاحب: پر جي توھان پاڻ ان کي ڪم تان فارغ ڪرڻ چاھيو تہ....؟

آزاد خيال ماڻهو: ان صورت ۾ اصولي طور مون کي هن کي ھڪ ڏينھن جي مزدوري پوري ڏيڻي پوندي، مزدوري ڏيڻ کان پوءِ مان هن کي ڪنهن بہ وقت ڪم کان فارغ ڪري سگهان ٿو!!

مفتي صاحب: جيڪڏهن هو چوي تہ مان مزدوري ملڻ باوجود نہ ويندس ۽ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏ تہ.....؟

آزاد خيال ماڻهوهو ائين نٿو ڪري سگهي، مان هن کي زبردستي ڪڍي ڇڏيندس ڇاڪاڻ تہ ھن کي مزدوري ملي چڪي!!!

مفتي صاحب: بلڪل ٺيڪ....! هاڻي ٻڌو پنهنجي سوال جو جواب!!
دنيا ۾ جيڪي بہ ڏيتي ليتي جا معاملا ٿين ٿا انهن ۾ هڪ ڌُر اھا ھوندي آھي جيڪا پئسا خرچ ڪندي آھي ۽ ٻي اها ھوندي آهي جيڪا ان پئسن جي بدلي ۾ پنھنجو ڪم، خدمت ۽ سروس فراھم ڪندي آھي.
دنيا جو اصول آهي تہ پئسو خرچ ڪرڻ واري ڌُر کي هميشہ ٻي کان وڌيڪ اختيار ھوندو آھي معاملو طئي ٿيڻ مھل تہ ٻنهي ڌرين جي رضامندي ضروري ھوندي آهي پر معاملو طئي ٿيڻ کان بعد ان جي اختتام تائين پئسا خرچ ڪرڻ واري ڌُر کي پئسن جي ادائيگي کان پوءِ خدمت ڪندڙ ڌُر کي فارغ ڪرڻ جو مڪمل اختيار ھوندو آھي ليڪن خدمت مهيا ڪندڙ پارٽي ڪم کي وچ ۾ ڇڏي خرچ ڪندڙ کي نٿي ڇڏي سگهي!!
جيڪڏهن پئسن جي بدلي ۾ خدمت مهيا ڪندڙ پارٽيءَ کي اهو اختيار ۽ حق ڏنو وڃي تہ ڪنهن بہ وقت پئسا خرچ ڪندڙ شخص جي ڪم کي معاوضو ملڻ باوجود اڌ ۾ ڇڏي وڃي سگھي ٿي تہ پوءِ ڪو بہ مزدور پنھنجو ڪم پورو ڪونہ ڪندو اڌورو ڪم ڇڏي ڀڄي ويندو، ملازم ڊيوٽي دوران غائب ٿي ويندا، مالڪِ مڪان مهيني جي وچ ۾ ڪرايہ دار کي گھر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيندو، درزي تنھنجو وڳو اڌ سبي باقي سبڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو، حجام تنهنجي اڌ ٽوڙھ ڪري گھر ھليو ويندو، مطلب دنيا جو سمورو نظام ڊانواڊول ٿي ويندو...
ڪجھ سمجھين يا نہ.....؟

آزاد خيال ماڻهو: ها مفتي صاحب!  ڳالھ تہ صحيح ٿا ڪيو سمجھ ۾ بہ اچي ٿي پر مان طلاق جي ڳالھ ڪري رهيو ھئس!!!

مفتي صاحب: مان بہ اھو ئي سمجھائڻ چاھيان پيو هاڻي ٻڌ!!
جڏهن هڪ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ نڪاح جو پيار، محبت ۽ اعتماد وارو خالص رشتو طئي ٿيندو آهي تہ اهو ڪو ڪاروبار يا عارضي معاملو ناهي ھوندو، اهو دلين جو سودو ۽ سڄي زندگي جو معاملو ھوندو آهي، تنھن ڪري اسلام اسان کي ان معاملي ۾ ڪجھ اصول ۽ ضابطا ڏنا آھن.
جيئن تہ هن معاملي ۽ معاهدي ۾، هڪ ڌُر مرد آهي ۽ ٻي ڌُر عورت آهي.
معاملو طئي(يعني نڪاح) ٿيڻ کان پوءِ عورت جا ڪجھ حق مرد مٿان لازم ٿي ويندا آهن..
 مثال طور:
1. سلام مرد مٿان پنهنجي زال جي کاڌي پيتي، رهڻي ڪهڻي، علاج، لباس ۽ زندگيءَ جي هر ضرورت جو بار وجهي ٿو.
2. اُن عورت جي سڄي زندگي جي هر ذميواري سندس مڙس مٿان لازم ڪري ٿو.
3. مڙس ھن جي عزت جو محافظ ۽ ذميوار بہ ھوندو آهي.
4. هو ان جون سڀئي ضرورتون پوريون ڪرڻ جو ذميوار ھوندو آهي.
5. هن عورت جي مرڻ کان پوءِ ان جي ڪفن، دفن جو بندوبست  بہ ان ئي مرد کي ڪرڻو ھوندو آهي.
 6. مڙس جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ ان جو وراثت جو ڳچ حصو بہ ان ئي عورت کي ملندو آھي.
7. انهن مان جيڪي ٻار پيدا ٿيندا آھن اهي ھوندا تہ انهن ٻنهي جا ئي آهن، ليڪن اسلام انهن سڀني ٻارن جي مالي ذميواري صرف اڪيلي مرد تي عائد ڪري ٿو.
8. انهن ٻارن جي رهائش، کاڌي پيتي، ڪپڙن، علاج ۽ تعليم جو سمورو مالي خرچ فقط مرد جي ذمي ھوندو آهي.
اسلام عورتن کي انهن سڀني ذميوارين کان مڪمل طور آزاد ڪيو آھي.
9. انهن سڀني ذميدارين کان پھرين مرد کي شاديءَ جي وقت بہ عورت کي مھر جي صورت ۾ وڏي رقم ڏيڻي پوندي آهي.
10. انهن سڀني ڳالهين کان علاوه اسلام مرد کي پنهنجي زال سان سٺي سلوڪ ڪرڻ جي تلقين پڻ ڪري ٿو، هو "مَنْ قُتِلَ دُونَ عِرْضِهٖ فَهُوَ شَهِيدٌ" جي خوشخبري ٻڌائيندي زال جي عزت جي حفاظت خاطر پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. 
11. ”حَتَّى اللُّقْمَةُ الَّتِي تَرْفَعُهَا إِلىٰ فِىْ اِمْرَأَتِك“ چئي ڪري پنهنجي زال جي وات ۾ گرھ وجھڻ تي بہ ثواب جي خوشخبري ٻڌائي ٿو.
12. هو ان کي ”اِتَّقُوا اللَّهَ فِى النِّسَاءِ“ چئي پنهنجي زال کي ستائڻ، ايذائڻ، مارڻ، ڌمڪائڻ ۽ تنگ ڪرڻ تي الله جي ناراضگي ۽ عذاب جي وعيد ٻڌائي ٿو، ۽ ”خَيْرُكُمْ خَيْرُكُمْ لأَهْلِهِ وَأَنَاخَيْرُكُمْ لأَهْلِیْ“ چئي گھرواريءَ کي پيار ۽ راحت ڏيڻ، ان جي ضرورتن جو خيال رکڻ ۽ ان کي جائز حدن اندر خوش رکڻ تي الله تعاليٰ جي راضپي جو اعلان ڪري ٿو ۽ اهڙن مردن کي بهترين انسان پڻ قرار ڏئي ٿو.
مڙس تي ايتريون مالي ذميداريون عائد ڪرڻ باوجود اسلام زال تي ڪابہ مالي ذميداري عائد نہ ٿوبڪري صرف اها ذميواري عائد ڪري ٿو تہ هو پنهنجي مڙس جي خدمت، اطاعت، ساڻس وفاداري، گهر ۽ ٻارن جي سار سنڀال ڪري...
هڪ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ٿيندڙ هن معاهدي(نڪاح) ۾، عورت جي سڄي زندگي جي ضرورتن جي ذميواري مرد تي آهي، تنهنڪري توهان پاڻ ٻڌايو تہ طلاق جو حق ۽ اختيار ڪنھن وٽ ھئڻ گهرجي...؟

آزاد خيال ماڻهو: اصولي طور تي واقعي مرد وٽ ئي ھئڻ گهرجي، پر جيڪڏهن عورت کي بہ اهو حق ۽ اختيار ڏنو وڃي تہ ان ۾ ڪهڙو حرج آهي......؟

مفتي صاحب: ڀائو!  فرض ڪريو! توهان کي ڪا سهڻي عورت پسند اچي وئي، توھان ان ڏانھن نڪاح لاءِ رشتو موڪليو، ان بابت ڳالهايو، رشتو طئي ٿي ويو، انهن هڪ لک مھر جو مطالبو ڪيو، توهان راضي ٿي ويا، شادي ٿي وئي، توهان ان عورت کي ھڪ لک مھر ڏنو ۽ لکين روپيا خرچ ڪري شادي ڪئي، جيئن ئي شادي ٿي ٻئي ڏينهن تي ھن ڪاوڙ ۾ اچي توھان کي چئي ڇڏيو:
”مان توکي طلاق ٿي ڏيان، طلاق طلاق........“
پوءِ ڪجھ ڏينھن بعد ڪنھن ٻئي مرد سان شادي ڪري ڇڏي ٻڌايو! ان مھل تنهنجي دل تي ڇا گذرندي.....؟؟؟

آزاد خيال ماڻهو: اڙي مفتي صاحب!  توهان تہ منهنجا ھوش ئي خطا ڪري ڇڏيا واقعي جيڪڏھن ائين ٿيو تہ اهو تمام ڏکوئيندڙ مرحلو ھوندو.....!!!

مفتي صاحب: صرف ايترو ئي نہ جناب!!! اڳتي وڌو، ھاڻي جيڪو مرد پنھنجي جان، مال، دل سڀ ڪجھ پنھنجي زال تي نڇاور ڪري ڇڏي، ان جا ناز نخرا برداشت ڪري رڳو انھيءَ لاءِ تہ ھو کيس ھميشه لاءِ پنھنجو سمجھي ٿو..... پر جي ان مرد جي دل ۾ اهو خوف پيدا ٿي پوي تہ ايترو ڪجھ ڪرڻ باوجود سندس زال ڪنهن بہ وقت کيس لت ھڻي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻئي آشياني ڏانهن رواني ٿي سگهي ٿي تہ پوءِ اھو مرد ان عورت تي هڪ روپيو خرچ ڪرڻ مھل بہ ھزار دفعا سوچيندو...! جنھن سبب رڳو مرد جي نہ پر عورت جي زندگي بہ جهنم بڻجي ويندي.....!!!

آزاد خيال ماڻهو: سمجھي ويس، سمجھي ويس!!  ڏاڍي  خوفناڪ ۽ انتهائي خطرناڪ سچوئشن!! ليڪن ھڪ ڳالھ مفتي صاحب!! ڪڏهن ڪڏهن ائين بہ ٿيندو آهي ۽ مھل بہ ڪيترن ئي خاندانن ۾ ائين ٿي رهيو آهي تہ مڙس پنهنجي زال سان نہ انصاف ڪندو آھي ۽ نہ وري ان جي جان ڇڏيندو آھي يعني نہ تہ ان کي صحيح طرح اپنائيندو آھي ۽ نہ ئي طلاق ڏئي آزاد ڪندو آھي جو هوءَ ڪنهن ٻئي مرد سان شادي ڪري سگھي ان صورت ۾ ڇا ڪجي؟؟؟

مفتي صاحب:
آہ..!!! ڪيڏو نہ دل ڏکائيندڙ سوال ڪيو اٿوَ.....!!!

آزاد خيال ماڻهو:
مفتي صاحب ڇو...؟؟؟ ان ۾ دل ڏکائيندڙ ڳالھ ڪهڙي آهي...؟

مفتي صاحب:
ڏسو مسٽر!! انهن سڀني مسئلن جو حل ۽ مڪمل حل اسلامي نظام آهي، اُهو ئي اسلامي نظام جنهن جي توهان جهڙا لبرل ۽ آزاد خيال ماڻهو چوويھ ڪلاڪ مخالفت ڪندا رهندا آهن.
جيڪڏهن اسلامي نظام مڪمل طور تي رائج ٿي وڃي ۽ هر جاءِ تي الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي حڪمن جو احترام، اهميت ۽ بالادستيءَ جو احساس پيدا ٿي وڃي تہ سڀني ماڻھن ۾ خوفِ خدا، پرھيزگاري، نيڪي ڪرڻ جو شوق  ۽ برائي کان بچڻ جو احساس پيدا ٿي پوندو پوءِ اهي ئي شيون ھر سطح تي ظلم، ڏاڍ، زيادتي ۽ گناھ کي ختم ڪرڻ ۾ اُھو ڪردار ادا ڪنديون آھن جيڪو فوج، پوليس ۽ عدالتون بہ ادا نہ ٿيون ڪري سگھن. ليڪن افسوس توھان لبرل ۽ آزاد خيال ماڻھو پنھنجي سڄي طاقت ۽ قوت ان نظام خلاف استعمال ڪري پنھنجي ھٿن سان پاڻ پنھنجي سماج کي تباھي ڏانھن پيا ڌڪيو..
ٻڌ منھنجا مسٽر ڀاءُ!!
جيڪڏهن سماج ۾ اسلامي نظام مڪمل ۽ صحيح معنيٰ ۾ رائج هجي تہ پھرين تہ اهڙا واقعا پيش ايندا ئي ڪونہ پر جي ايڪڙ ٻيڪڙ پيش اچي بہ وڃن تہ عورت فوري طور تي اسلامي عدالت ۾ وڃي قاضي صاحب کي پنهنجي مڙس جي بدسلوڪي جي شڪايت ڪندي ۽ قاضي صاحب سالن تائين ڪيس کي لٽڪائڻ يا وڪيلن هٿان کيس ڦُرائڻ بدران ٻنهي ڌرين جا موقف ٻڌي فوري طور تي عورت کي مڙس کان ان جو حق ڏياريندو. جيڪڏهن مڙس ان کي حق نہ ڏئي يا نہ ڏئي سگهي تہ کيس زال کي طلاق ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو پوءِ بہ طلاق نہ ڏئي تہ کيس جيل ۾ قيد ڪيو ويندو پاڻھي عقل ٺڪاڻي اچي ويندس يا تہ زال جا حق پورا ادا ڪندو يا طلاق ڏيئي کيس آزاد ڪندو..

آزاد خيال ماڻھو:
بلڪل مفتي صاحب توھان بلڪل صحيح ٿا چئو... مونکي توھان جي ڳالھ سو فيصد صحيح ٿي لڳي.

(ڪتاب "آزاد خيالی اور اسلام" مان اقتباس)

سھڙيندڙ.........✍️ ابو طلحہ سنڌي